ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

پنجاب جي پارلياماني هِڪ هَٽي ۽ مظلوم قومن جو آئيندو

Editorial-Article- Irshad Leghari

سرائيڪي وسيب جي سُجاڳ وستي جيسل ڪلاسره جي پِڙ ۾ 24 اپريل 2023ع وارو ڏينهن جيڪا هڪ نئين تاريخ لکي ويو آهي، تنهن تاريخ جي رواني کي هاڻ پوئتي موٽائڻ انهي رياست جي وس ۾ ناهي، جيڪا رياست مُني صدي تائين قومن جي حقن جو انڪار ڪندي، اڄ پاڻ هڪ اهڙي ڪوڙڪي ۾ ڦاسي چڪي آهي، جنهن مان ان کي ڪير به آجو نٿو ڪرائي سگهي وري به سواءِ انهن قومن جي، جن قومن جي هي رياست سدائين انڪاري رهي آهي. ها جيسل ڪلاسره جي پِڙ جو اهو ڏينهن، جنهن ڏينهن سرائيڪي وسيب جي تاريخ، تهذيب، سياست توڙي ثقافت جا روشن پاسا سنڀالي اڳتي وڌڻ جا جتن ڪندڙ وسيب جي وطن دوست تنظيم سرائيڪي لوڪ سانجهه پاران مظلوم قومن جو هڪ ڪَٺ گهرايو ويو هو.
اهو ڪَٺ جنهن ۾ سموري وسيب مان شاعر، اديب، صحافي، شاگرد تنظيمن جا اڳواڻ، ڪارڪن توڙي سماجي نمائندا شامل ٿيا هئا، تنهن ڪَٺ ۾ پاڻ کي پڻ سنڌ جي وطن دوست ۽ روشن خيال پارٽي عوامي جمهوري پارٽي جي وفد سان رلجي وڃڻ جو موقعو مليو. سرائيڪي لوڪ سانجهه پاران جيسل ڪلاسره جي پِڙ تي هي نائون ساليانو ڪَٺ هو. انهن نئون سالن اندر هن تنظيم سرائيڪي صوبي جي قيام ۽ سرائيڪي قوم جي وسيلن جا انگ اکر ۽ انهن وسيلن مان وسيب کي ملندڙ ڀُڳڙن جي مُٺ جيترن پئسن جو سمورو سياسي معاشي رڪارڊ جنهن محنت سان درجيوار ڪٺي ڪيو آهي ۽ ان کي جنهن انداز ۾ عوام ۾ هيٺ لاهي، منجَهن سجاڳي پيدا ڪئي آهي، تنهن ڪم لاءِ سچ به ته لوڪ سانجهه جي سنگت کِيرون لَهڻي. جنهن ڪَٺ ۾ پاڻ شريڪ ٿياسين تنهن ۾ ٽي ايجنڊائون رکيون ويون هيون. جنهن ۾ نمبروار هيٺين ريت هيون.
.پارلياماني جمهوريت ۽ پنجاب جو ڏاڍ
ڊجيٽل آدمشماري
اصلوڪن ماڻهن جي زمينن تي والار
ظاهر اهي ٽيئي مسئلا اهڙا آهن جيڪي پنجاب کان سواءِ وفاق ۾ شامل باقي سمورن صوبن ۾ ٿوري گهڻي فرق سان اصلوڪين قومن جي وجود لاءِ هڪجيتري للڪار بڻيل آهن. تنهن ڪري انهن ٽنهي مسئلن تي سمورين مظلوم قومن جي وطن دوست ڌرين جو گڏيل اتحاد ۽ حڪمت عملي هاڻ اڻٽر آهي. ڇاڪاڻ ته رياست جهڙي ريت قومن جي حقن جي لتاڙ واري آمريتي روش ۾ ڏينهون ڏينهن اڳتي وڌي رهي آهي، تنهن کي جمهوري آئيني طريقي سان گڏجي نه روڪيو ويو ته پوءِ پويان هاڻ ڪجهه به بچندي نظر نٿو اچي.
مثال طور اصلوڪن ماڻهن جي زمين تي اسٽبلشمينٽ جي مختلف ادارن پاران والار جو جيڪو رويو آهي، تنهن کي ڏسي اسان سنڌي قوم جا پَڊ ڪنهن به طريقي سان لڳن ٿا ته اسان جا آهن!؟ نه، اهي پَڊ ۽ زمينون جنهن مهل رياست کي وڻن سا مختلف نمونن ۽ بهانن سان کڻي سگهي ٿي. پوءِ اهي پَڊ ۽ زمينون رهائشي اسڪيمن جي نالي ۾ کنيون وڃن يا ”قومي سلامتي!!“ کي يقيني بڻائڻ جي نالي ۾ ڪي نوان ٿاڪ اڏڻ جي نالي ۾.
بلڪل ساڳيو حال سرائيڪي وسيب جو آهي، جنهن جي زمين تي پڻ رياستي ادارن جي مسلسل والار جاري آهي. هينئر به تازو لڳ ڀڳ پنجيتاليهه هزار ايڪڙ وسيب جي زمين ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ انهن کي الاٽ ڪئي وئي آهي، جن جو ڪم زراعت نه پر سرحدن جو دفاع هئڻ گهرجي. هاڻ اهڙي صورتحال کي ڪيئن روڪجي!؟ اهو سوال آهي، جنهن تي مظلوم قومن کي گڏجي ويچار ڪرڻو آهي. سنڌين، بلوچن ۽ پختونن وٽ ته هلو پنهنجا صوبا آهن ۽ انهن کي رياست جو جيڪو به قدم مناسب نٿو لڳي ته اهي پنهنجن صوبائي ايوانن ۾ اهڙي ڏاڍائي خلاف ڳالهائي به سگهن ٿا ته ڪا قرارداد پڻ پاس ڪري ٿا سگهن. بلڪل ايئن جيئن سنڌ جو ايوان ڪالاباغ ڊيم جهڙين قاتل رٿائن خلاف گڏيل اتفاق سان قراردادون پاس ڪندو رهيو آهي. جڏهن ته سرائيڪي قوم سان جبر اهو آهي جو رياست پاران نه ته ان کي قوم تسليم ڪيو ٿو وڃي ۽ نه ئي کين صوبو ڏنو ٿو وڃي جتي هو پنهنجي قوم لاءِ پاڻ ڪم ڪري سگهن. ها پر جيسل ڪلاسره ۾ سرائيڪي عوام جو جيڪو لهجو ۽ عزم ڏسي پاڻ موٽيا آهيون، تنهن کان پوءِ اهو وقت هاڻ گهڻو پري نٿو لڳي، جنهن ۾ سرائيڪي قوم پنهنجو صوبو رياست کان ڇڪي وٺندي. ۽ اهو ڏينهن پاڪستان جي سمورين مظلوم قومن جي لاءِ سڀاڳو ڏينهن هوندو. ڇاڪاڻ جو سرائيڪي صوبي جو قيام ئي اهو اصل قدم آهي، جنهن سان پنجاب جي پارلياماني هِڪ هَٽي مان جان آجي ٿيندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button