پياري پاڪستان جي پنجهتر سالن واري ڄمار ۾ آمريتن جي ڪک مان جنم وٺندڙ جهڙي تهڙي جمهوريت جو جيڪو به نئون تجربو ڪيو ويو، ان مان هڪ به رچي راس نه ٿيو. سمورا تجربا ناڪام ٿي ويا. ڪهڙي به سياسي جماعت جي حڪومت آئي، ان کي يا ته اتحادي سرڪار بڻائي گهڻ جماعتي ٽيڪ ڏئي ائين کڙو ڪيو ويو، جو جڏهن به واڳ ڌڻين کي وڻي اهڙي سرڪار جي ٽنگ ڇڪي ان کي گهر اماڻي ڇڏيندا آهن. سياسي اڳواڻن جي سويلين حڪومت هجي يا مارشل لا جو دور، پاڪستان جي ڪروڙين بدنصيب، بکين ۽ ڏکين ماڻهن کي هر نئين سج مهانگائي، بيروزگاري ۽ اڻهوند جي اوڙاهه ۾ ئي جيئڻو پوي ٿو. گهڻا ماڻهو ته اهڙي حياتي مان ڪڪ ٿي ٻچڙن سوڌا آپگهات ڪريو ڇڏين، سڀ کان گهڻي ڀوائتي حالت تڏهن ٿيو وڃي جڏهن غير يقيني ۽ مايوسي ڪارڻ نئين ٽهي جا جوان اسان پوڙهن کان پڇا ڪندا آهن ته، “آخر اسان جو مستقبل ڇا آهي يا هي ملڪ وڃي ڪيڏانهن پيو؟”
آئون اهڙن نوجوانن کي ورندي ڏيندو آهيان ته اوهان نه 1962ع رڻ ڪڇ واري لڙائي ڏٺي، نه وري 1971ع ڌاري اوڀر بنگال ۾ ٿيل بغاوت ۽ فوجي آپريشن جنهن جي نتيجي ۾ لکين ماڻهو مارجي ويا پر بنگلاديش آزاد ٿي ويو. باقي بچيل اولهه پاڪستان اڃا تائين ته قائم آهي ۽ اميد اٿم ته ايندڙ ڪجهه سالن ۾ هتي به حالتون بهتر ٿي وينديون. اڄڪلهه جا جوان اهڙي آٿت تي اعتبار ئي نٿا ڪن. ٺهه پهه جواب ڏيو ڇڏين ته اسان هتي رهڻ بدران پرديس جا وڻ وسائينداسين ته سک جو ساهه کڻي سگهبو. سندن ڳالهه تي ويچار ڪرڻ کان پو جڏهن سنڌ ها ڪورٽ ڪراچيءَ جي سامهون پاسپورٽ آفيس ٻاهران ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جون پاسپورٽ ٺهرائڻ واسطي قطارون ڏسندو آهيان ته هڪدم اهو سوال ذهن جي اسڪرين تي اڀريو اچي ته خبر ناهي سنڌ جي ايندڙ نسلن جو ڇا ٿيندو؟
اهڙي قسم جي مايوسي نه رڳو سنڌ پر سڄي ملڪ مٿان ڪارن ڪڪرن جيان ڇانيل ڏسجندي اٿم. نه رڳو ملڪ جون معاشي حالتون پر سياسي ۽ سماجي وايومنڊل به هڪ ڀيرو اهڙي نموني وڳوڙ ۽ ڀڃ ڊاهه جو شڪار ٿي ويو آهي، جيڪو ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت کي جنرل ضيا جي مارشل لا هٿان ڊهڻ کان پو مون ڏٺو. ان ڏکئي ۽ اذيتن واري زماني ۾ ڀٽو صاحب جا تمام گهڻا ساٿي مارشل لا جي جبر کان پاڻ بچائڻ خاطر سياسي وفاداريون مٽائي ڇڏيندا هئا. پر جيئن ته ان زماني ۾ اخبارون، ٽيليويزن وقت جي حاڪمن جي ڪنٽرول ۾ هوندا هئا ۽ خبرون باقاعدي سينسر ٿينديون هيون، تنهنڪري ماڻهن تائين اصل حقيقت جي ڄاڻ سولائي سان نه پهچي سگهندي هئي. ان جي ابتڙ اڄ سوشل ميڊيا جو حڪومتي ڪنٽرول ۽ وس کان ٻاهر عالمي نظام هر هڪ جوان جي کيسي ۾ پيل موبائيل سيٽ وسيلي اطلاعات جي رسائي جو انوکو ڪارنامو ڪري رهيو آهي. گهڻن ئي معتبر ليکڪن کي اها ڳالهه مغز ۾ نه ويٺي ته هڪ ڏينهن لاهور کان پشاور ۽ گلگت بلتستان تائين نوجوان ڇوڪرا ۽ نينگريون ڌپ ڪري ويل پراڻي سياسي سرشتي خلاف ايڏي اٿاهه ٻڌي ذريعي بغاوت ڪندا. مون پنهنجي پيرسني تائين اهڙي سجاڳي جو منظر نه ڏٺو جهڙو اربع تي گادي واري شهر اسلام آباد جي ڊي چوڪ تي اسڪولي شاگردن ۽ شاگردياڻين پيش ڪيو.
اسلام آباد انتظاميا اسڪولن جي موڪل ڪرائي هنن ٻارن کي رستن جي ٻنهي پاسن کان جنهن مقصد لا بيهاريو هو، قصو ان جي ابتڙ ٿي ويو ۽ ان منظر جي ويڊيو چوويهن ڪلاڪن اندر ڪروڙين ماڻهن وائرل ڪري ڇڏي. جنرل ضيا جي دور ۾ پيپلز پارٽيءَ جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي جيلن ۾ واڙڻ کان وٺي ڦاسيون ڏيڻ ۽ ڦٽڪا هڻڻ جهڙا جيڪي ظلم ۽ ناحق ڪيا ويا، تهڙا اڄوڪي دور ۾ ته ڪنهن سان به ڪو نه ٿيا آهن!
ماڻهو ته انهي مونجهاري ۾ به ڦاٿل آهن ته ڇا هاڻوڪي سياسي گهوٽالي ۽ تڪرار جو ڪو نبيرو ٿي سگهندو يا حالتون ويتر خراب ٿي وينديون؟ ان سوال جو جواب ته ملڪ جا اصل مالڪ ئي ڏئي سگهن ٿا ته جيڪڏهن نوي ڏينهن ۾ اليڪشن نه ڪرائي سگهيا ته ڇا ايندڙ ڪجهه مهينن کان پو يا مٿئين سال ملڪ اندر عام چونڊون ڪرائڻ ۽ جنرل ضيا وانگر “مثبت نتيجا” حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيندا يا نه؟ تنهنڪري سياسي وفاداريون بيشڪ ڪيتري حد تائين به سياسي اڳواڻ بدلائيندا رهن، بيشڪ پنهنجي سياسي جماعت تحريڪ انصاف کي سمورا مک اڳواڻ الوداع چئي ڌار ٿي وڃن، پر تاريخ ٻڌائي ٿي ته خدا جي خلق جنهن به هڪ شخصيت کي پنهنجن دردن جو درمان ۽ مسيحا سمجهي ٿي، ان جي عوامي مقبوليت تي سالن تائين ڪو به اثر نه پوندو آهي. ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد بينظير ڀٽو ۽ شيخ مجيب الرحمان هن بدنصيب ملڪ جا ئي سياسي اڳواڻ هئا، جيڪي ڪروڙين انسانن جي دلين ۾ وسي چڪا آهن.
سنڌ ها ڪورٽ جو ساراهه جوڳو فيصلو:
پڙهندڙن کي ياد هوندو ته ڪجهه مهينا اڳ نوشهروفيروز ۽ مٽياري ضلعن جي ڊپٽي ڪمشنرن، مختيارڪارن ۽ بااثر سياسي شخصيتن موٽر وي ايم 6 جي بجيٽ ۾ اربين روپين جا ڌاڙا هنيا هئا، نوشهروفيروز ضلعي جو ڊي سي تاشفين عالم ته ملڪ ڇڏي ٻاهر کسڪي ويو ۽ رڳو سندس ماتحت آفيسرن کي هن فراڊ جي الزام هيٺ نيب اختياري وارن گرفتار ڪيو هو. پر مٽياري ضلعي ۾ ته سمورا ملوث ڪامورا بروقت جيل حوالي ڪيا ويا، جڏهن ته بااثر سياسي شخصيتن هڪ صوبائي وزير سنڌ ها ڪورٽ مان ضمانت حاصل ڪري گرفتاري کان بچي ويا هئا، اڱاري تي سنڌ ها ڪورٽ ۾ ٻڌڻي مهل ضامن تي آزاد ٿيل سياسي رهنما به حاضر هئا. ڪورٽ سڳوري نيب جي پراسيڪيوٽر جا دليل ٻڌڻ کان پو سمورن ملزمن جي ضمانت رد ڪري ڇڏي. ڪجهه بااثر ملزم ته پوليس جي پٺڀرائي سان ڪورٽ جي پوئين دروازي مان کسڪي ويا، پر هن ڪيس جو مکيه جوابدار اسلم پيرزادو نيب جي پڪڙ ۾ اچي ويو. هن واقعي کان پو مٽياري ضلعي ۽ خاص ڪري هالا جا اڳواڻ سخت پريشاني ۾ آهن ۽ شايد سپريم ڪورٽ مان ضمانت وٺي گرفتاري کان پاڻ بچائين. سالن کان پو نيب جي ذميدار آفيسرن سنڌ ها ڪورٽ جي ججن اڳيان پنهنجي ڪارڪردگي ڏيکاري آهي، جنهن جي ساراهه ڪرڻ ۽ کين همٿائڻ لازمي آهي.