شوبز

بالي ووڊ جي تڪراري فلم ڪيرالا اسٽوري 200 ڪروڙ ڪمائي ورتا

بالي ووڊ جي تڪرارن مان گذري رليز ٿيندڙ فلم دي ڪيرالا اسٽوري 200 ڪروڙ بزنس ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي آهي. ميڊيا مطابق دي ڪيرالا اسٽوري عورت جي مرڪزي ڪردار تحت وڏو بزنس ڪرڻ واري پهرين فلم بڻجي وئي آهي. هوڏانهن فلم ۾ مرڪزي ڪردار ڪندڙ اداڪارا ادا شرما فلم جي ڪاميابي بابت سوشل ميڊيا تي شيئر ڪيل پوسٽ ۾ 200 ڪروڙ بزنس ڪرڻ تي خوشي جو اظهار ڪيو آهي. فلم ۾ 32 هزار عورتن جي گم ٿيڻ ۽ داعش ۾ شموليت کي موضوع بڻايو ويو هو، جنهن تي تڪرار پڻ ٿيو، پر بعد ۾ فلم رليز ٿي وئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button