ھن ملڪ جي مجموعي تاريخ محلاتي سازشن سان ڀرپور آھي. سياستدانن ته ھڪٻئي کان بدلا پئي ورتا آهن، پر انھن کي جلد عقل ۽ ساڃھه سيراب ڪري ورتو، پر اھي جيڪي پھرين ڏينھن کان اقتدار تي ويٺا رھيا آھن، انھن جي ڪاري رات جي پڄاڻي ٿيندي نظر نٿي اچي. انھن جي طاقت ۾ گھٽتائي بدران وڌيڪ اضافو ٿي رھيو آھي. واڳ ڌڻين کي ڪيترائي ڀيرا پوئتي ھٽڻو پيو. ان جو ھڪڙو مظھر آمريڪا ۾ ڪيري-لوگر قانون جي منظوري به آھي ۽ ان جو بدلو ائين ورتو ويو ته حسين حقاني، جيڪو آمريڪا ۾ ان وقت سفير ھو ۽ ان قانون سازي لاءِ لابنگ ڪري رھيو ھو، ان جي عدليا جي ذريعي ھميشه پاڪستان ۾ داخلا تي پابندي لاڳو ڪرائي وئي. ان کان اڳ محترما بينظير ڀٽو کي پاڻمرادو جلاوطني اختيار ڪرائي وئي ۽ بعد ۾ شريف خاندان کي جبري جلاوطن ڪيو ويو. ان کانپوءِ انھن محترما بينظير ڀٽو کي شھيد ڪرائي ھڪ ڀيرو ٻيھر خوني ڊرامي جو ڪلائيمڪس ڪرايو ۽ ھاڻ ڪالعدم قرار ڏنل تنظيم سان ڳجھو ٺاھه ڪري انھن کي معافي ڏني وئي. ان سان گڏ سياسي فرنٽ تي گڏيل پارليامينٽ مان جيڪي بلز منظور ڪرايا ويا، اھي اصل ۾ واڳ ڌڻين جي ڊگھي پروجيڪٽ جي ھڪ جھلڪ آھي، پر انھن کي خبر آھي ته جيڪڏھن مخالف ڌر ھڪ ڀيرو ٻيھر اقتدار ۾ اچي وئي ته آمرن جي اٺين ترميم ۽ آرٽيڪل 58 ٽو بي جيان، موجوده قانون به ڪافور ٿي ويندا، پر ان لاءِ انتظار ڪرڻو پوندو.
عمران خان جي حڪومت جي ڪوبه ضمانت ڏيڻ لاءِ تيار ناھي، اھي به جيڪي ھن کي اقتدار ۾ وٺي آيا ۽ باقي دنيا ۾ ڪوبه بني بشر ناھي، جيڪو عمران خان جو ضامن ٿيڻ لاءِ تيار ھجي، اھوئي سبب آھي جو ھينئر به چيو وڃي ٿو ته Game is not over. سياسي پنڊت چون ٿا ته ھي پڄاڻي جي شروعات آھي. ان مان اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته جنھن راند ۾ عمران خان کي اھم مھرو سمجھيو پئي ويو، ان ۾ ھن جي حيثيت symbolic آھي، ھي اصل ۾ اھڙو کيڏ آھي، جيڪو نون ڪردارن کي کيڏڻو آھي. ان لاءِ عمران خان جو ھجڻ لازمي ناھي. ان کيڏ جي شاھدي عامر لياقت به ڏني. جنھن وقت ھن کان پڇيو ويو ته توهان ته ناراض هئا، ڪيئن آيا؟ ان تي هن چيو ته “اسان آيا ناھيون، پر آندا ويا آھيون، اھو به وڏي طمراق سان!” ان سموري ڊرامي پٺيان جنھن ڪردار جي سرگرم ھجڻ يا آخري شاٽس کيڏڻ جو ذڪر اچي رھيو آھي، ان لاءِ مستقبل جا رستا به بند ڪرايا ويا. ڪي حلقا ته چوڻ لڳا ته ان اھم ڪردار لاءِ استعيفا ڏيڻ کانسواءِ ڪوبه گس ناھي. ڀلي ٻه چار ڏينھن موجان موجان ڪري وٺن، ان کانپوءِ ھن جي گيم به پوري ٿي ويندي. ھن اقتدار جي کيڏارين سان ملاقاتون اھڙي انداز سان ڪيون پئي، ڄڻ ھو نئين اسائينمنٽ جوائن ڪرڻ لاءِ نه وڃي رھيو ھو، پر الوداعي ملاقاتون ڪري ھميشه لاءِ گھر ڀيڙو ٿي رھيو ھو. ھن کي ايترو ته تڪراري بڻايو ويو آھي، جو ھو ٻيھر طاقت جو مرڪز ٿي نٿو سگھي. ھن جو دور جيترو تڪراري رھيو، ان جو ملڪ جي سموري تاريخ ۾ مثال نٿو ملي. ھن جيڪو ڪجهھ ڪيو، تاريخ ان کي ڪوبه ريوارڊ نه ڏيندي، پر ھميشه ڪارن اکرن ۾ ان جو ذڪر ڪندي. اھڙا شخص جن ملڪي سياست کي گدلو ڪيو، انھن لاءِ ممڪن آھي ته سڀاڻي ڪا سياسي پارٽي آئين جي آرٽيڪل سڪس تحت ڪيس ھلائڻ جو مطالبو ڪري. ھينئر به مريم نواز اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ ٻاھران چئي رھي ھئي ته عدليا جا ٽي شاھد، جڏھن نواز شريف کي نااھل قرار ڏيڻ خلاف شاھديون ڏئي رھيا آھن ته ڪھاڻي جي مک ڪردار کي عدالت جي ڪٽھڙي ۾ ڇو نٿو بيھاريو وڃي؟
ھي ڳالھه ته پڪي آھي ته جيستائين ھو، اھم پوزيشن تي براجمان آھي، ان کي لوڏڻ آسان ناھي. ان سان گڏ ھي خبرون ۽ افواهھ سامھون آيا ته ھو ڪو اڪيلو ناھي، پر ھن جا ٻيا به جوڙيوال آھن ۽ واڳ ڌڻي متحد رھڻ بدران ورھائجي چڪا آھن، انڪري اھي پاڻ به احتياط ڪن ٿا، متان سندن ھائوس جو ڍينگو ڍيري نه ٿي وڃي. ھونئن به ھي ھميشه چوندا رھيا آھن ته ھي ملڪ انڪري پنھنجن ڪمزور ئي سھي پيرن تي بيٺو آھي ته ان پٺيان توانائي ڏيندڙ بندوق باز آھن!
ھي جيڪو ٿيو آھي، ان بابت شايد ڪو ماڻھو ھجي، جيڪو چوندو ھجي ته ڪا جمھوريت جي وڏي خدمت ڪئي وئي آھي، قانوني طور جيترا بل ھڪ جھٽڪي ۾ منظور ٿيا آھن، انھن کي ناجائز قرار ڏياري سگھجي ٿو، ڇاڪاڻ ته قانون سازي ته عوام جي ڀلائي لاءِ ٿيندي آھي، جنھن کي Proper وقت ڏيڻ ۽ ان جو جائزو وٺڻ ضروري ھوندو آھي، جيڪا قانون سازي تڙتڪڙ ۾ ڪئي ويندي آھي،اھا پڻ شڪي ھوندي آھي، جنھن تي ڪيترائي سواليا نشان لڳل ھوندا آھن، پر ھن ملڪ ۾ اھي جيڪي قانون ۽ آئين جا ٺيڪيدار آھن، اھي به جيڪي کلواڙ ڪندا رھيا آھن، اھو تاريخ جي ريڪارڊ تي موجود آھي. ھي ته اسان سڀ ڏسي چڪاسين ته وقت جو چيف جسٽس ھدايتون جاري ڪري ٿو ته پارليامينٽرينز ڪھڙي ريت قانون سازي ڪندي، اھم عھديدار جي مدي ۾ واڌ ڪرڻ لاءِ بل تيار ڪن! ھي اھڙي قانون سازي ھئي، جيڪا ڪڏھن ٿي ئي نه ھئي ۽ روايتن جي آڌار تي ايڪسٽينشن ڏني پئي وئي ۽ ڪنھن سوال به نه اٿاريو ھو، پر سڀني لبيڪ چيو پئي!
ھاڻ حڪومتي عھديدار چون ٿا ته ملڪ ۾ انتهاپسندي رڳو مدرسن ذريعي نه پر اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جي ذريعي پکڙجي رھي آھي. ھي به سڀني کي خبر ھوندي ته Jihadist in Campus جھڙيون ڪھاڻيون پھريان ئي لکجي چڪيون آھن. اھي جيڪي بندش پيل پٺيان لڪل ھئا، انھن جي سھولت ڪاري به انھن ئي عھديدارن ڪئي، جيڪي پاڻ کي ملڪ جو نگھبان سمجھن ٿا. جيڪي انتهاپسندي وڌڻ تي ڳڻتي ظاھر ڪن ٿا، اھي ئي ان مشينري جا پرزا آھن، انھن کي جيڪا ڳالهھ واڳ ڌڻين کي چوڻ گھربي ھئي، ھو ميڊيا کي چئي رھيا آھن. ھاڻ جڏھن سعد رضوي جيل مان آجو ٿي، گھر پھتو ته انھن جي اندر ۾ جيڪا اڻ تڻ نظر آئي، اھا ڏسڻ وٽان ھئي، ھي عھديدار انھن ساڳين صفن ۾ ويٺا آھن، جن لاءِ سليڪٽيڊ جو لفظ استعمال ڪيو ويو ۽ انھن مولوين کان فيصلو ڪرايو ويو، جيڪي موجوده حڪمرانن جي نظر ۾ ناپسنديده ھئا. انھن سان گڏجي ڪيئن ملتان جي پير پريس ڪانفرنس ڪئي، ھي سڀ ڪجهھ اوپن سيڪريٽ آھي، ان جي باوجود ھي عھديدار ھنبوڇيون ھڻن ٿا ته انھن اپوزيشن کي مات ڏئي ڇڏي.
ھي ڳالھه Talk of Town آھي ته، واڳ ڌڻين سان ويجھڙائپ ۽ قربت رکندڙ اشارن ئي اشارن ۾ چوندي ڏٺا ۽ ٻڌا ويا ته اسٽيبلشمنٽ 18ھين ترميم جو بدلو وٺي ڇڏيو. اھي جن 18هين ترميم ذريعي ايڪائين جا ھٿ مضبوط ڪيا ۽ ڪمزور مرڪز متعارف ڪرايو، انھن کي پنھنجن اکين سان اھڙا ڏينھن ڏيکاريا ويا. انھن قوتن، جن ميثاق جمھوريت ڪيو ھو، انھن کي محسوس ڪرايو ويو ته طاقت جو سرچشمو واڳ ڌڻي ئي آھن. انھن طاقتورن کي شايد ھي ڳالهھ سمجهھ ۾ نه آئي ته اھي ڌريون جيڪي ماضي ۾ انھن جي بڇ تي ھڪٻئي جي ڄنڊا پٽ ڪنديون ھيون، اھي ڪيئن واڳ ڌڻين خلاف ھڪ ئي صف ۾ اچي بيٺيون. حالتن، انھن کي ھڪ ڀيرو ٻيھر ھڪ ئي صف ۾ بيھاريو آھي، پر انھن کي شايد چڱن ڏينھن جو انتظار ڪرڻو پوندو. جيڪڏھن انھن کي واڳ ڌڻين جي ھميشه لاءِ رستا روڪ ڪرڻي آھي، انھن جو سياسي ۽ سفارتي عمل مان ھر قسم جي مداخلت کي ٻنجو ڏيڻو پوندو، انھن کي عوام جي ووٽ جي تقدس لاءِ ھڪ ڀيرو ٻيھر انتها تائين وڃڻو پوندو، ڇاڪاڻ ته ھي ھاڻ سافٽ زبان سمجھڻ کان قاصر آھن ۽ تاريخ ۾ ڊينوسار ٿيڻ باوجود ھائبرڊ نظام جو سھارو وٺي، عوام جي ووٽ تي ڌاڙن ھڻڻ جون سازشون ڪيون پيون وڃن. ھاڻ ڏسڻو آھي ته اليڪشن ڪميشن ڪيئن ٿي اي وي ايم جي استعمال کان انڪار ڪري؟ ھي به ڏسڻو آھي ته جن قانون سازي ته ڪرائي، پر انھن کي ميدان مان کڻي ڪيئن ٿو ڦٽو ڪيو وڃي؟
موجوده حڪمران اقتدار ۾ رهن يا انهن کي ايڪسٽينشن ڏني وڃي يا ڪيتريون به رعايتون ڏئي ڪري اکين تي ويهاريو وڃي، پر عوام جي صفن ۾ انهن جي ڪابه جاءِ نه هوندي. انهن کي ڪيئن ياد رکيو ويندو، اهو سوچڻ ڏکيو ڪم ناهي،انهن کي ساڳي صف ۾ بيهاريو ويندو، جنهن ۾ پهريان آمريت موجود آهن، جيڪي تاريخ جا ڊينوسار هوندا.