42 سال اڳ عرب دنيا جي ايران سان اڻبت جو هڪ سبب اهو به هو جو ايران انهن ٻن مسلمان ملڪن (ترڪي) مان هو، جن اسرائيل جي سفارتي وجود کي شروع ۾ ئي قبول ڪري ورتو هو. عرب اهڙي ڪنهن به اپا کي قابل نفرت ۽ ناقابل معافي غداري سمجهندا هئا. شايد ان ڪري جڏهن انور سادات 1977ع ۾ اسرائيل کي بطور جائز رياست قبول ڪيو ته نار جي رياستن سوڌو عرب ليگ ۽ اسلامي ڪانفرنس جي ميمبرن جي گهڻائي مصر تي ٿُو ٿُو ڪئي. ٻنهي تنظيمن مان مصر کي ڪڍيو ويو، پر ڪيمپ ڊيوڊ ٺاهه تحت مصر کي والاريل علائقا واپس ملي ويا ته ان پنهنجي مسلمان ڀائرن ڏانهن حقو پاڻي بند ڪرڻ جي بندش کي کنگهيو به ڪونه ۽ آهستي آهستي سڀني ڀائرن مصر کي پراڻي پگهار تي قبول ڪري ورتو.
ٻئي پاسي سڀني کان پراڻي اسرائيل نواز ملڪ ايران ۾، جڏهن بادشاهت جا ٽپڙ ويڙهجي ويا ته ان سان گڏ ئي اسرائيلي سفارتخانو به ختم ٿيو ۽ ان جي عمارت تنظيم آزادي فلسطين حوالي ڪئي وئي. نئين ايران جي عرب دنيا ۾ گهڻي واهه واهه ٿي. مصر کي طعنا ڏنا ويا ته تو عرب هوندي فلسطين ڪاز سان غداري ڪئي ۽ ايران عجمي هجڻ باوجود فلسطين بابت پنهنجو حق ادا ڪيو.
مصر جي صدر انور سادات کي اسرائيل قبول ڪرڻ عيوض ٽن سالن کانپو حياتي وڃائڻي پئي پر سندس تاريخي فيصلي کانپو عرب دنيا جي بقول ڪنهن ماڻهو جو در کلي ويا.
اڄ مصر پاران اسرائيل کي قبول ڪرڻ جي 40 سالن کانپو ان جو حقو پاڻي بند ڪندڙ مسلمان ملڪن ۾ شامل نار جي رياستن (بحرين، گڏيل عرب امارات) جي به ائين ئي ڪايا پلٽ ٿي چڪي آهي جو مصر اسرائيل سان ڀائيواري ۾ ان جو مددگار ۽ سعودي عرب ماٺ ميٺ ۾ پٺڀرائي ڪندڙ آهي.
جڏهن ته 42 سال اڳ اسرائيل سان سفارتي لاڳاپا ٽوڙيندڙ ايران نار وارين رياستن مصر اسرائيل جو گڏيل دشمن سمجهيو وڃي ٿو. ترڪي جي پرڏيهي پاليسي عملي طور ڪجهه ائين آهي، جو هو شينهن جي پويان به آهي ۽ شڪاري سان گڏ به ڊوڙي رهيو آهي. بس ثابت ٿي ويو ته خالص آدرشي نظريو رڳو عام ماڻهو کي ضرورت آهر گرمائڻ يا ٿڌو رکڻ جو معجون آهي ۽ رياستن لا هر وقت تبديل ٿيندڙ مفادن تي يقين ئي اصل عملي نظريو آهي.
ڪٿي جمال ناصر جي مصر اسرائيل جي ڳاڙهي سمنڊ ڏانهن کلندڙ بندرگاهه ايلات جو مئي 1967ع ۾ بحري گهيرو ڪيو ته جنگ لڳي وئي ۽ ڪٿي انهي ڳاڙهي سمنڊ ۾ گذريل هفتي آمريڪا، اسرائيل، گڏيل عرب امارات ۽ بحرين پهريون ڀيرو گڏيل آبي مشقون ڪيون. ان جو مقصد شڪي جهازن جي اثرائتي جهڙتي جو هنر سکڻ ۽ ان بابت گڏيل تجربن مان مستفيد به ٿيڻ هو. جيئن ته ڳاڙهي سمند ۽ ڀونوچ سمنڊ وچ ۾ سوئيز ڪئنال آهي ۽ خليج فارس سان لڳ ڀڳ 70 سيڪڙو تيل گذري ٿو. تنهنڪري ٻنهي اهم ترين بحري رستن کي محفوظ ۽ کليل رکڻ لا مقامي ملڪن جي ذميواري آهي. ان اعتبار کان اسرائيل ۽ آمريڪا جو نار وارن ملڪن سان عسڪري سهڪار، گڏيل تربيت ۽ حڪمت عملي هڪ اهم فيصلو آهي.
انهن سمورن دوستن جي وچ ۾ ايران جي علائقائي سرگرمي تي گهري ڳڻتي سبب هڪ گڏيل حڪمت عملي تي گهڻو اڳ ئي اتفاق آهي. گذريل مهيني موساد جي سربراهه پهريون ڀيرو بحرين جو اعلانيل دورو ڪيو. جڏهن ته اسرائيل جي حدن ۾ جڏهن هوائي مشقون ٿيون، انهن ۾ گڏيل عرب امارات جي هوائي فوج به شرڪت هئي. هن وقت دبئي ۾ جاري عالمي هٿيارن جي نمائش ۾ اسرائيلي هٿيار به رکيا ويا آهن. امارات، فلا دبئي ۽ اتحاد ايئرلائينز جي تل ابيب تائين روز اڏام آهي ۽ اسرائيلي ايئرلائينز ايل آل به سعودي هوائي حدون استعمال ڪندي، دبئي لينڊ ڪندي آهي.
اسرائيلي شهري اڳواٽ ويزي کانسوا بحرين ۽ امارات اچي سگهن ٿا. گذريل هڪ سال ۾ لڳ ڀڳ 200 اسرائيلي ۽ اماراتي ڪمپنين ڪاروباري يادداشتن تي صحيحون ڪيون ۽ هڪٻئي وٽ واپاري آفيسون کوليون. اندازو آهي ته 2025ع تائين رڳو امارات ۽ اسرائيل جي ٻه طرفي واپار جو حجم 10 ارب ڊالر سالياني کان وڌي ويندو. رڳو ڏيڍ سال ۾ ايتري زبردست ٽي ملڪي سنگت جي عالمي لاڳاپن ۾ بنهه گهٽ مثال ملن ٿا.
ايران آمريڪا ۽ يورپي اتحادين جي وچ ۾ ٿيندڙ 2015ع جي ائٽمي عدم ڦهلا جي ٺاهه کان اڳوڻي آمريڪي صدر ٽرمپ عليحدگي اختيار ڪئي هئي. ان کانپو ايران پنهنجي ائٽمي پروگرام جي مڪمل بحالي جو اعلان ڪيو.
هاڻي آمريڪا هڪ ڀيرو وري 2015ع جي ٺاهه ۾ شموليت تي غور ڪري رهيو آهي. پر خطي جي بدليل يارين ۽ دشمنين جي تناظر ۾ هن مهيني جي آخر ۾ آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڳالهين جو نئون دور شروع ٿيڻ کان اڳ ۾ ايران بابت خاص آمريڪي ايلچي رابرٽ مولي اسرائيل ۽ نار وارين رياستن جو دورو ڪري ان بابت دوستن جو اشارو ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. اسرائيل ۽ نار وارين رياستن جو ان سلسلي ۾ چٽو گڏيل موقف آهي ته “ڇڪي رکو، دٻي رکو، ملائن کي ٻڌي رکو.”
ان سلسلي ۾ اسرائيلي حڪومت والاريل اولهه واري ڪناري تي يهودي آبادڪارن لا ٻه هزار گهرن تي ٻڌل هڪ نئين وسندي تعمير ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. يروشلم جي هڪ قديم قبرستان جو هڪ اسرائيلي عدالت رياستي ملڪيت قرار ڏيندي ان قبرستان ۾ وڌيڪ تدفين تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي. جڏهن ته فلسطينين لا پراڻين قبرن تي فاتح پڙهڻ لا اسرائيل گشتي فوجين جي موجودگي ۾ بنهه ڏکيو مرحلو ٿي ويو آهي. پر ان قسم جي خبر ٻين عرب ملڪن تائين اڃا ناهي پهتي. پهچي به وڃي ته نئون طرز عمل آهي ته اسين ڪيستائين ساٿ ڏينداسين. انهن فلسطينين جو روئڻ پٽڻ ته ائين ئي هلندو رهندو. ٻئي پاسي لبنان ٽيڪنيڪي اعتبار کان اسرائيل سان گڏ 74 سالن کان جنگ جي حالت ۾ آهي ۽ سموري آمريڪي ۽ فرانسيسي دٻا باوجود اسرائيل سان لاڳاپا بهتر ڪرڻ لا تيار ناهي. هي ننڍو ملڪ ايران ۽ سعودي جي اثر جي بساط تي لاڳيتو مهرو بڻيل آهي.
هاڻوڪن ڏينهن ۾ لبنان جي اقتصادي چيلهه وڃي ترو ورتو آهي. لبناني ڪرنسي آمريڪي ڊالر جي ڀيٽ ۾ 90 سيڪڙو قدر وڃائي چڪي آهي. مڊل ڪلاس روڊن تي اچي ويو آهي، پر لبناني رياست بدستور روايتي مسيحي، سني ۽ شيعه اشرافيه جو بدعنوان جوا پنهنجي ڪلهن تي کڻي اڌ مئل حالت ۾ سُري رهي آهي. اهڙي ڏتڙيل ملڪ تي آخري اميد لبناني وزير اطلاعات جارج ڪوردائي جي ان بيان جي صورت ۾ نظر آئي آهي ته يمن جي حوثي قبيلن هن وقت پرڏيهي جارحيت کان پنهنجي ملڪ جو بچا ڪيو آهي. سعودي حڪومت مطالبو ڪيو آهي ته ان گستاخ اطلاعات واري وزير کي ترت برطرف ڪيو وڃي. ظاهر آهي ته ائين ناهي ٿيو، تنهنڪري سعودي اماراتي بحريني ۽ ڪويتي سفيرن کي واپس گهرايو ويو آهي. انهن ملڪن پنهنجن شهرين تي لبنان سان رابطو رکڻ تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي.
ڄڻ لبنان سان ئي اهو سلوڪ پيو ٿئي، جيڪو ان کان اڳ قطر سان ٿيو هو. پر قطر ۾ دم هو، ان ڪري هر پابندي آرام سان سهي ويو. لبنانين کي هن وقت اها به خبر ڪانهي ته ايندڙ وقت ۾ ماني ملندي يا نه. اها صورتحال جنهن ملڪ لا سڀ کان وڌيڪ اطمينان جوڳي آهي، اهو اسرائيل آهي، ته هي آهي اڄ جو وچ اوڀر. پر اسين ڇا ٿا ڪري سگهون. اسان جو ڪنڌ ته افغانستان جي ڪري هاڻوڪن ڏينهن ۾ مڙي ئي نٿو.