ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

بجيٽ ۽ رليف جو منتظر عوام

Editorial

هر سال جاري ٿيندڙ بجيٽ ۾ عوام کي اها اميد هوندي آهي ته ان کي ڪو رليف ڏنو ويندو. مهانگائي گهٽ ٿيندي، کاڌي پيتي جون شيون سستيون ڪيون وينديون ۽ عوام تان معاشي بار گهٽجي ويندو. پر بجيٽ اچڻ جي ڪجهه مهينن کان پوءِ مني بجيٽ اچي ويندي آهي، جنهنڪري عوام تي معاشي بار وڌي ويندو آهي. نتيجي ۾ عام ماڻهوءَ لاءِ پريشانيون به وڌي وينديون آهن. ملڪ ۾ هر سال خساري واري بجيٽ پيش ڪئي ويندي آهي، عوام جي مٿان ڳرا ڳرا ٽئڪس لاڳو ڪيا ويندا آهن ۽ رليف رڳو مٿئين طبقي کي ڏنو ويندو آهي. هاڻوڪي حڪومت ۾ نه رڳو مهانگائي رڪارڊ ٽوڙ آهي پر ماڻهن جي روزگار جا وسيلا پڻ گهٽجي ويا آهن. جون جي مهيني ۾ مالي سال جي بجيٽ پيش ڪئي ويندي. جنهن لاءِ ناڻي واري وزارت تياريون مڪمل ڪري ڇڏيون آهن. هڪ ڀيرو وري عوام کي رليف ڏيڻ جو آسرو ڏنو ويو آهي.
ان حوالي سان حڪومت ايندڙ مالي سال جي بجيٽ 9 جون تي پيش ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ناڻي واري وزارت موجب مالي سال 24-2023ع جي بجيٽ جي سلسلي ۾ ساليانو پلان ڪوآرڊينيشن ڪميٽيءَ جو اجلاس ٻه جون تي طلب ڪيو ويو آهي ۽ قومي اقتصادي ڪائونسل جو اجلاس 3 جون تي ٿيندو، جنهن جي صدارت وزيراعظم شهباز شريف ڪندو، جنهن ۾ نئين مالي سال لاءِ بجيٽ هدفن کي حتمي شڪل ڏني ويندي. ٻنهي اجلاسن ۾ صوبائي اختياريون به شرڪت ڪنديون، ان دوران نئين بجيٽ لاءِ قومي ترقياتي پروگرام جو جائزو ورتو ويندو. ناڻي واري وزارت جو چوڻ آهي ته مالي سال جي بجيٽ ۾ وفاقي ترقياتي پروگرام جي مد ۾ 700 ارب رپيا تجويز ڪيا ويا آهن پر وزيراعظم ترقياتي پروگرام هڪ هزار ارب رپين تائين وڌائي سگي ٿو. ناڻي واري وزارت موجب ايندڙ مالي سال جي بجيٽ جو مجموعي ڪاٿو 14 هزار 600 اربن کان وڌيڪ رکڻ جي تجويز آهي ۽ بجيٽ ۾ عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ ڪميٽيون به قائم ڪيون ويون آهن. ان کانسواءِ ايندڙ سال لاءِ معاشي اوسر جي شرح جو هدف 3 سيڪڙو کان وڌيڪ رکڻ جي تجويز آهي، جڏهن ته موجوده مالي سال جي ڊي پي گروٿ جو ڪاٿو ٻڙِي ڏهائي 29 سيڪڙو آهي. عوام حڪومت جي پيش ڪيل انگن اکرن سان ٻڌل ناهي، ان جو مسئلو گهر جو خرچ هلائي ۽ روزاني زندگيءَ کي بهتر ڪرڻ آهي، جنهن لاءِ ضروري آهي ته بجيٽ عوام دوست آندي وڃي، هيٺئين ۽ غريب طبقي کي وڌ کان وڌ سبسڊي فراهم ڪئي وڃي.

عوام کي هاڻوڪي حڪومت مان اميدون هيون ته اها پئٽرول جا اگهه گهٽ ڪندي، کاڌي پيتي جي شين ۽ خاص طور اٽي جا اگهه گهٽ ڪندي پر هن وقت تائين اهڙا ڪي به اپاءَ سامهون ڪونه آيا آهن. تنهنڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته هاڻوڪي بجيٽ ۾ عوام کي رليف ڏنو وڃي، مهانگائي گهٽائي ان لاءِ آسانيون پيدا ڪيون وڃن. ڇاڪاڻ ته عوام جي قوت خريد بنهه گهڻي گهٽجي وئي آهي. اهڙي صورتحال ۾ عوام جو مطالبو به سدائين اهو رهيو آهي ته حڪومت ڪيئن به ڪري مهانگائيءَ کي ڪنٽرول ڪري ته جيئن اهو روزمره جون شيون وٺڻ جي قابل ٿي سگهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button