گهڻا سال اڳ باليووڊ جي هڪ فلم رليز ٿي هئي، جنهن جو نالو هو “قصه ڪرسي ڪا”. هن فلم جي ڪهاڻي ڪجهه هيئن هئي جو ملڪ ۾ چونڊون ٿيڻ واريون هونديون آهن ۽ هڪ نئين پارٽيءَ جي ضرورت هوندي آهي، پوءِ هڪ سرمائيدار ڇوڪري نئين پارٽي ٺهرائيندي آهي، جنهن ۾ هڪ مداريءَ جي جمهوري کي ان پارٽيءَ جو سرواڻ ڪيو ويندو آهي، ووٽن جو وقت ايندو آهي، ماڻهو ووٽ وجهندا آهن ۽ نيٺ مداريءَ جو جمهورو وزير اعظم ٿي ويندو آهي. اهڙي ريت ملڪ جون واڳون هڪ جمهوري جي هٿن ۾ اچي وينديون آهن پر ان کي هلائيندڙ اهي سرمائيدار هوندا آهن، جيڪي پارٽيءَ کي متعارف ڪرائيندا آهن. هن فلم ۾ جنتا جو ڪردار شبانه اعظمي ڪيو آهي. جيڪا گونگي هوندي آهي. ائين فلم ۾ اڳيان هلي جيڪي حرڪتون جمهورو ڪندو آهي، اهي کلائيندڙ هونديون آهن پر جيئن ته سياست ۾ سڀڪجهه جائز سمجهيو ويندو آهي، تنهنڪري اهو سلسلو هلندو رهندو آهي پوءِ نيٺ جمهوري جي حڪومت ڊهي پٽ پوندي آهي.
قصه ڪرسي ڪا ته بظاهر هڪ فلم آهي پر ڪجهه سالن کان جيڪي ڪجهه اسين پنهنجي ملڪ ۾ ڏسي رهيا آهيون، ان مان ائين ظاهر ٿي رهيو آهي ته هي قصو به ساڳيو ان فلم جهڙو ئي آهي. جنهن ۾ هڪ مداريءَ کي ملڪ هلائڻ لاءِ اڳيان آندو ويو هو ۽ پوءِ هن هڻي لاهه ڪڍي ڇڏيا.
ملڪ ۾ 9 مئي جي واقعن کان پوءِ پي ٽي آءِ خلاف وٺ وٺان لڳي پئي آهي. عمران خان نيازي جا جانثار ۽ وفادار هڪ هڪ ڪري کيس ڇڏي پيا وڃن. هي اهو ئي عمران خان نيازي آهي جنهن کي اڳوڻي جرنيل حميد گل جو خواب ساڀيان ڪرڻ لاءِ اڳيان آندو ويو هو. بظاهر تبديليءَ جو نعرو هڻندڙ ملڪ جو ٻيڙُو ٻوڙي ڇڏيو آهي. 2018ع کان پوءِ ملڪي سياست جي جنهن ڪلچر کي عمران خان نيازي متعارف ڪرايو آهي، ان جو مثال ماضي ۾ ڪونه ٿو ملي. سياست عام معاملن کان مٿانهون سوچيندي آهي. هڪ سياسي ذهن لاءِ فردن تي ڳالهائڻ بدران مسئلن تي ڳالهائڻ مناسب هوندو آهي پر عمران خان نيازي پنهنجي سياست وسيلي رڳو فردن تي ڳالهائيندو رهيو آهي. هن جي ذهني ڪيفيت هن وقت اهڙي آهي جو جيڪڏهن کيس اقتدار نٿو ملي ته سڀڪجهه تباهه ڪري ڇڏيو. عمارتون ساڙي ڇڏيو، روڊ اکيڙي ڇڏيو، گاڏيون ساڙي ڇڏيو ۽ جيڪو رستي ۾ اچي ان کي ماري ڇڏيو. ان جي جهلڪ اسان کي 9 مئي تي نظر آئي، جنهن کان پوءِ عمران خان نيازي پنهنجن ئي ڪارڪنن جو ڌڻي ڪونه ٿيو آهي.
پي ٽي آءِ ڪنهن نظريي جو نالو ناهي پر اها هڪ اهڙي فرد جو نالو آهي، جنهن وٽ نه سياسي سوچ آهي ۽ نه ئي هو ڳالهين وسيلي مسئلن کي حل ڪرڻ جي خواهش رکي ٿو. تنهنڪري هو هر پاسي تباهي مچائڻ کي ترجيح ڏئي ٿو. ظاهر آهي عمران خان نيازي وارو تجربو ڪنهن به سياسي پارٽيءَ جي ايجنڊا ڪونه هو پر اهو اسٽيبشلمينٽ جو ڪيل تجربو هو، جنهن کي اها هاڻ ريورس ڪرڻ پئي چاهي پر جيڪو نقصان هيستائين ٿي چڪو آهي، ان جي ذميوار جيتري پي ٽي آءِ آهي، اوتري ئي اسٽيبلشمينٽ پڻ آهي، جنهن ايترو ڪجهه ڪرڻ لاءِ ان کي آزادي ڏئي ڇڏي هئي.
هاڻ جڏهن پي ٽي آءِ مان سياستدانن نڪري رهيا آهن ته انهن لاءِ پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ ۾ اسپيس ٺاهيو پيو وڃي. جنهن کان پوءِ اهو تاثر عام ٿي رهيو آهي ته اسٽيبشلمينٽ هڪ ڀيرو وري سياست ۾ مداخلت ڪري رهي آهي ۽ اها سياسي انجنيئرنگ ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي. پاڪستان ۾ ڪنهن به نئين پارٽي جو جنم تڏهن ٿيندو آهي، جڏهن ڪنهن پراڻي پارٽيءَ مان ماڻهو ٽوڙيا ويندا آهن. اڄ جيڪي پي ٽي آءِ ڇڏي رهيا آهن، سي ڪالهه پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ ۾ هئا، هاڻ اهي وري انهن ساڳين پارٽيءَ ۾ واپس اچي رهيا آهن ۽ پي ٽي آءِ جون اوڻايون بيان ڪري رهيا آهن. جيڪڏهن سياست کي ملڪ ۾ ائين هلائڻو آهي ته پوءِ هتي سياسي تبديليءَ جو اچڻ ممڪن ڪونهي. تنهنڪري سياسي پارٽين کي اهو سوچڻو پوندو ته اهي پاڻ ۾ گڏجي اسٽيبشلمينٽ سان مقابلو ڪيئن ٿيون ڪري سگهن.
پي ٽي آءِ جي پڄاڻي ٿيڻ کان پوءِ جيڪي ماڻهو پيپلز پارٽيءَ ۾ شامل ٿي پنجاب مان ووٽ کڻي ايندا، اهي ئي پيپلز پارٽيءَ کي وفاق ۾ حڪومت ٺاهڻ ۾ فائدو ڏئي سگهن ٿا. تنهنڪري ايندڙ چونڊن ۾ پيپلز پارٽيءَ کي اقتدار ملڻ جا امڪان ڪجهه وڌيڪ نظر اچي رهيا آهن.