شوبز

لتا منگيشڪر کي ڪيريئر ۾ هڪ ڀيرو زهر ڏيڻ جو انڪشاف

ننڍي کنڊ جي ليجنڊ ڳائڻي ۽ راڳ جي ڪوئل طور شهرت ماڻيندڙ لتا منگيشڪر کي ڪيريئر ۾ هڪ ڀيرو زهر ڏئي قتل ڪرڻ جي ڪوشش جو انڪشاف ٿيو آهي. ميڊيا مطابق ليکڪا نسرين مني ڪبير پاران سهيڙيل ڪتاب بلبل هند لتا منگيشڪر ان هر اون وائيس ۾ لکيو آهي تھ لتامنگيشڪر ٻڌايو تھ  1962ع واري زماني ۾ بيماري کيس زهر ڏيڻ جي ڳالهه ظاهر ٿي، ڇوتھ صبح جي وقت ننڊ مان اٿڻ تي سائي رنگ جي الٽي ۽ پيٽ ۾ سور پيو، جنهن بعد زهر يعني سلو پوائزن جو انڪشاف ٿيو آهي، جنهن تي ڀيڻ اوشا منگيشڪر کي ملازمن تي شڪ پيو، جنهن انهن کي مون کان پري ڪري ڇڏيو. ڪتاب ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ ان بعد هڪ ملازم بنا ٻڌائڻ ۽ پگهار وٺڻ جي گم ٿي ويو، تنهنڪري زهر ڏيندڙ جي ڄاڻ ملي نھ سگهي ۽ معاملو راز ۾ رهيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button