شوبز

هانيا کي ڀارتي ناني جي دوست ٺاهڻ بابت صلاح وڻي وئي

پاڪستان جي خوبصورت اداڪارا هانيا عامر کي ڀارتي ناني جي دوست ٺاهڻ بابت صلاح وڻي وئي آهي. ميڊيا مطابق هانيا عامر ڀارتي ڪونٽينٽ ڪريئٽر ڪويا ماٿور جي هڪ وڊيو شيئر ڪري ڇڏي آهي، جنهن ۾ هڪ ڀارتي ناني دوست ٺاهڻ يا دوستي ختم ڪرڻ سان گڏ زندگي بابت اهم مشورا ڏيندي نظر اچي رهي آهي. جڏهن تھ ناني دوست بيوفائي ڪري تھ روئڻ بدران نئون دوست ٺاهڻ جو بھ مشورو ڏنو آهي. وڊيو ۾ ناني جو چوڻ هو تھ دوست سان جهيڙو ٿي وڃي تھ جلد ختم ڪيو، زندگي هڪ آهي، ڇا جا جهيڙا ۽ ڪهڙي ڪاوڙ رکجي. هانيا عامر ڀارتي ناني کي ناني آف دي ايئر سڏيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button