پاڪستان جي اڳوڻي اداڪار جوڙي سائرا يوسف ۽ شهروز جي فلم بيبي ليشيئس رليز لاءِ تيار ٿي وئي آهي. ميڊيا مطابق فلم کي گذريل سال فيبروري ۾ رليز ڪرڻ جي اعلان بعد ميڪرز ان کي عوام جي وڏي اڪثريت کي ڏيکارڻ لاءِ رليز ملتوي ڪئي، جنهن کي هاڻ قرباني واري عيد تي رليز ڪرڻ جو باضابطا اعلان ڪيو ويو آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تھ سائرا يوسف ۽ شهروز سبزواري پاران علحدگي اختيار ڪرڻ بعد بيبي ليشيئس پهرين فلم آهي، جنهن ۾ ٻنهي مک ڪردار ادا ڪيا آهن. هوڏانهن ميڊيا سان ڳالهائيندي سائرا يوسف چيو آهي تھ فلم ۾ شهروز ۽ مون کي گڏ ڏسي ڌي تمام گهڻو خوش ٿيندي آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close