سنڌ ۾ خوراڪ جي کوٽ وارو معاملو ڪا نئين ڳالهه ڪونهي. صحت جي حوالي سان عام ماڻهوءَ جو رويو به ڪو بهتر ڪونهي. اهو نه رڳو پنهنجي صحت بابت لاپرواهه آهي پر کيس صحت جي شعبي تائين رسائي ۾ به ڪئين رنڊڪون آهن. جيڪڏهن تعلقي سطح تي به ڪا سرڪاري اسپتال آهي ته ان ۾ گهربل سهولتن جي کوٽ هوندي آهي يا مريضن جي ايتري رش هوندي آهي جو اتي بهتر علاج ٿيڻ جا امڪان گهٽ هوندا آهن. تنهنڪري جيڪي ماڻهو نجي اسپتالن جي ڳرين فين کي ڪونه پهچي سگهندا آهن، اهي سرڪاري اسپتال جا چڪر ڪاٽيندا آهن ۽ نتيجي ۾ انهن جو علاج بهتر ڪونه ٿي سگهندو آهي. تنهنڪري ان پاسي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. سنڌ ۾ جن علائقن ۾ ماڻهو خوراڪ جي کوٽ جو شڪار آهي، اتي مجموعي طور ٻار ۽ وڏي ڄمار ماڻهو به خوراڪ جي کوٽ کي منهن ڏئي رهيا آهن. پر ڇا خوراڪ جي کوٽ کي ختم ڪرڻ ۽ انهن کي بهتر خوراڪ فراهم ڪرڻ لاءِ صحت کاتي ڪو اهڙُو پروگرام جوڙيو آهي. جيڪڏهن جوڙيو آهي ته ان جو لاڀ ڪيترو ملي سگهيو آهي. ڪالهه به هڪ اهڙي خبر رپورٽ ٿي آهي، جنهن موجب اڪري چودڳي ڀرسان هڪ ڳوٺ ۾ خوراڪ جي کوٽ جا ڪيس سامهون آيا آهن.
اڪري چودڳي ڀرسان ڳوٺ حاجي پيروز شر ۾ صحافي ساگر امير حيدر شر جي رهائشگاهھ تي انڊس اسپتال ۽ گلوبل فنڊ جي سهڪار سان مفت طبي ڪئمپ قائم ڪري ماهر ڊاڪٽرن چڪاس ڪري مفت دوائون فراهم ڪيون. طبي ڪئمپ دوران 239 مريضن جي طبي چڪاس ڪئي وئي، جنهن مان 8 ٻارن ۾ غذائي کوٽ جي تشخيص ۽ 19 مائرن ۾ غذا جي ڪمي ۽ رت جي کوٽ جي تشخيص پڻ ٿي، جنهن کان پو رپورٽ تيار ڪري لاڳاپيل ادارن کي موڪلي وئي. ان موقعي تي ڊاڪٽر سميع الله سومرو، ڪوآرڊينيٽر شهمير علي ۽ ضلعي ڪوآرڊينيٽر پرويز احمد ٻڌائيندي چيو ته مليريا، چمڙيءَ جي بيمارين، بخار ۽ کنگھه جي مريضن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، پر سڀ کان وڌيڪ افسوسناڪ ۽ ڳڻتي جوڳو پهلو ما ۽ ٻارن ۾ غذائي کوٽ جو مسئلو آهي، جنهن طرف حڪومت سنڌ ۽ صحت کاتي کي ايمرجنسي بنيادن تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. هي هڪ اهم ۽ سنجيده معاملو آهي. رڳو هڪ ڳوٺ ۾ ميڊيڪل ڪئمپ لڳائي وئي ته ان مان پتو پئجي ويو ته ڪيترا ماڻهو خوراڪ جي کوٽ جو شڪار لڳا پيا آهن. پر جيڪڏهن ٻين علائقن ۾ به اهڙي قسم جي ڪئمپ لڳائي وڃي ته خبر پئجي ويندي.
اسين سمجهون ٿا ته سنڌ جا اهي ضلعا ۽ تعلقا جتي خوراڪ جي کوٽ لڳي پئي آهي ۽ ماڻهو پريشانيءَ ۾ ورتل آهن، اتي ان مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ ترت ڪوششون ڪيون وڃن. ميڊيڪل جي ماهرن کي انهن علائقن ۾ موڪليو وڃي، اتي انهن جي بهتر نموني چڪاس ڪئي وڃي ۽ سبب ڳوليا وڃن ته ڇا جي ڪري ماڻهو خوراڪ جي کوٽ جو شڪار ٿي رهيا آهن، پر جيئن ته مٿي ڄاڻايل خبر ۾ اڪري چودڳي واري پاسي هڪ ڳوٺ جو ڪيس سامهون آيو آهي، تنهنڪري انهن ماڻهن جي ترت سهائتا ڪئي وڃي.