ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سنڌ ۾ بند ٿيل ريل وي اسٽيشن بحال ڪريو

سنڌ ۾ ڪيترن شهرن ۾ گھڻو وقت گذرڻ باوجود ريلوي جو مڪمل سسٽم اڃا بحال ڪونه ڪيو ويو آهي، البت ڪن هنڌن تي وڌيڪ ٻيڙو ٻوڙيو ويو آهي. تازو اها خبر به آهي ته بدين کان حيدرآباد تائين هلندڙ ريلوي ٽريڪ برباد ٿي وئي آهي، جڏهن ته ڪوارٽرن، پلاٽن ۽ اسٽيشنن تي بااثر ماڻهن قبضو ڪري ڇڏيو آهي. بدين ضلعي ۾ 1908ع کان هلندڙ ريلوي سروس کي ڪامورن، پرائيويٽ مافيا ٽرانسپورٽ کان وڏيون رقمون وٺي، ريلوي کي نقصان ۾ ڏيکاري 2021ع کان مڪمل بند ڪري ڇڏيو آهي. بهرحال، ريلوي پليٽ فارمن کي مڪمل طور برباد ڪيو پيو وڃي. مختلف جاين جي پٽڙيءَ تي لڳل سليپر پڻ چوري ڪيا ويا آهن. اها به خبر آهي ته ريلوي اسٽيشن بند ٿيڻ ڪري حيدرآباد مان ڀاڄي کڻي ايندڙ آبادگار، پرائيويٽ گاڏين جا ڳاٽي ٽوڙ ڪرايا ڀري بدين اچن ٿا. اهڙا کوڙ دکدائڪ قصا آهن، مطلب ته بدين، پيرو لاشاري، تلهار، ماتلي، ٽنڊو محمد خان، کٿڙ ريلوي اسٽيشنن ۽ زيل پاڪ ريلوي اسٽيشن تان واسطيدار سامان چوري ڪيو ويو آهي.
عام ماڻهن جو، هڪ شهر کان ٻئي شهر تائين پهچڻ ڏکيو داستان ٿي پيو آهي. ڄامشورو شهر کان اها به شڪايت ملي آهي ته ٽرينون بند هجڻ ڪري شاگردن جي يونيورسٽين، مزدورن جي ڪارخانن، مريضن جي اسپتالن، عام ملازمن ۽ ڪاروباري ماڻهن جو ھڪ شھر کان ٻئي شھر تائين پھچڻ ڏکيو بڻجي ويو آهي. عام ٽرينون بند هئڻ ڪري ڪروڙين مسڪين ماڻهو انهيءَ سستي ۽ حفاظت واري سفر جي سھوليتن کان مڪمل طور نامناسب بڻيل آهن. سيتا ۽ راڌڻ جي رهواسين جوٽرينون هلائڻ لاءِ ڪيل احتجاجن کان پوءِ ڪجهه ڏينهن اڳ ريلوي وزارت جي هڪ ٽيم پهچي، ڄاڻايل ٽريڪ جو جائز پڻ ورتو هو پر ان جي باوجود نه ٽريڪ جو ڪم مڪمل ٿيو آهي ۽ نه ئي وري ٽرينون ٻيهر شروع ٿي سگهيون آهي.
ٻئي طرف، ڪوٽڙي جنڪشن جي ايريا آفيسر شاهد خلجي دعوا ڪئي آهي ته گذريل سال ٿيل مينهن ۽ ٻوڏ سبب، ڪوٽڙي، ڄامشورو، سيوهڻ، دادو، لاڙڪاڻو ۽ بلوچستان تائين ٽريڪ کي ججھو نقصان پهتو هو، جنهنڪري انهيءَ ٽريڪ تي ريل گاڏيون هلائڻ ڏکيو بڻجي ويو. بهرحال، سندن اها به دعوا آهي ته ٽريڪ کي سڌارڻ جو ڪم گھڻي حد تائين پورو ٿي چڪو آهي ۽ ان کي مڪمل ٿيڻ جي خاطري ڪرڻ لاءِ ريلوي جا مکيا عملدار دورا به ڪري رهيا آهن، سندن اها به دعوا آهي ته ڪوٽڙيءَ کان ڪوئيٽا تائين موهن جو دڙو ايڪسپريس، بولان ۽ خوشحال خان خٽڪ ٽرين سروس بحال ٿي ويندي.
ڪنهن اها به شڪايت ڪئي آهي ته ٽرين سروس بند هئڻ جو ٽرانسپورٽرن کي وڏو فائدو پهتو آهي. ڄامشوري کان لاڙڪاڻي تائين هلندڙ ڪوچن، وينن ۽ ڊوم وارن پنهنجي مرضيءَ جا ڪرايا مقرر ڪري ڇڏيا آهن، جنهنڪري مسڪين ماڻهو سفري سهوليتن کان محروم ٿيندا پيا وڃن. مجبوري سبب گاڏين ۾ سفر ڪندڙ ماڻهن کي ڳرا ڪرايا پڻ ڀرڻا پئجي رهيا آهن، جيڪو وڏو ظلم آهي.
سنڌ جي عام ماڻهن جي آمدني ڪا گھڻي ڪانهي، الٽو گھڻو گھٽ آهي. بهرحال، وفاقي سرڪار کي سنڌ کي اهميت ڏيڻ گھرجي. اها بج عوامي شڪايت آهي ته سنڌ ۾ 10 مهينا اڳ، مينهن سبب بند ڪيل ڪوٽڙي-لاڙڪاڻو ريلوي ٽريڪ تي موهن جو دڙو ايڪسپريس، بولان ۽ خوشحال خان خٽڪ جي سروس کي وفاق اڃا تائين بحال نه ڪيو آهي، جنهنڪري ڪوٽڙيءَ جي هزارين فيڪٽرين ۾ مزدوري ڪندڙ لکين ماڻهو ۽ ڄامشورو جي يونيورسٽين ۾ پڙهندڙ هزارين شاگردن سميت هاري ۽ مزدور، ريل جي سستي ۽ مناسب سفر کان مڪمل طور محروم ٿي ويا آهن.
بهرحال، ٽرين سروس جي بحاليءَ لاءِ مختلف سياسي، سماجي تنظيمن ۽ سول سوسائٽي لاڳيتا احتجاجي مظاهرا پڻ ڪيا آهن پر ريلوي سروس مڪمل بحال ڪونه ٿي سگهي آهي. ٽرين سروس جي ترت بحالي نه ٿيڻ ڪري ڪيترن واسطيدارن جو چوڻ آهي ته ريلوي کاتي جي نفرت ڪندڙ انتظاميا، پنجاب ۾ وک وک تي عاليشان ٽرينون ھلائي رهي آهي، جنهن جو تازو مثال اهو آهي ته پنجاب جي عوام کي قلندر جو ميلو گھمائڻ لاءِ لاڙڪاڻي دادو ٽريڪ تان اسپيشل ٽرينون ھلايون ويون آهن. جڏهن ته سنڌ ۾ ٽرانسپورٽ مافيا، ريلوي انتظاميا کي ڳري رشوت ڏئي 10 مھينن کان روھڙي، لاڙڪاڻي، دادو، ڪوٽڙي ٽريڪ جون سڀ ٽرينون بند ڪرائي ھزارين ڪوچون ۽ ڊوم وينون ھلائي مسافرن کان ٻيڻو، ٽيڻو ڪرايو وصول ڪري رهي آهي.
بهرحال، اسان جو وفاق سرڪار کي عرض آهي ته سنڌ جي ريلوي مسئلن کي باقاعدي اهميت ڏين ۽ انهن جون جائز شڪايتون دور ڪرڻ لاءِ نيڪ نيتيءَ سان ترت ڪوششون ڪن ته عوام لاءِ بهتر ٿيندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button