ملڪ ۾ سياسي ميلو اڄ به پنهنجي اوج تي آهي. ان ميلي ۾ ملاکڙا به آهن. ان ميلي ۾ “موت جي کوهه” اندر گول ڦرندڙ موٽرسائيڪل به آهي. ان ميلي ۾ ٻن منڍين واري ٻڪري به آهي. ان ميلي ۾ لڪي ايراني سرڪس به آهي. ان ميلي ۾ سستا ميڪ اپ ڪري نچندڙ اهي کدڙا به آهن، جن کي ڳوٺاڻا عورتون سمجهي دير تائين حسرت آميز اکين سان تڪيندا رهندا آهن. پر هر ميلي جو هڪ مدو هوندو آهي. پر پاڪستان جو سياسي ميلو لامحدود مدت جو مالڪ رهيو آهي. ملڪ جي وجود ۾ اچڻ سان شروع ٿيندڙ ان سياسي ميلي جو آب تاب اڄ به قائم دائم آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته اسٽيجن تي اعلان ڪندڙ تبديل ٿيندا رهيا آهن. هڪڙا بينر هٽايا ويا آهن. ٻيا بينر لڳايا ويا آهن. پر ميلي جو سلسلو جاري آهي. اهو ميلو جنهن جي رونق ڪڏهن گهٽجي به وئي. پر اوچتو ڪنهن نئين انٽريءَ سبب ان جي ٽڪيٽن جو وڪرو وڌي به ويو آهي. تاريخ جي لاهيءَ چاڙهي وانگر هن ميلي ۾ لاها چاڙها آيا آهن. هي ميلو هن وقت جنهن ڪيفيت مان گذري رهيو آهي، ان تي صفا سڌو تبصرو ڪرڻ جو خيال هڪ بهترين خواب بڻجي ويو آهي.
پاڪستان جي پوليٽيڪل فيسٽيول جا ڪجهه سيشن سست ۽ ڪجهه تيز آهن. پر هن وقت اسان مختلف اسٽالن جو وچور پيش ڪرڻ ۽ ميلي جي رونق رقم ڪرڻ ۽ ان جي پويان لاڳت لڳائيندڙ ڪمپنين جو ذڪر ڪرڻ بدران ان موضوع کي خيالن جو مرڪز بڻائڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا، جنهن خيال مطابق ملڪ جي هن سياسي ميلي ۾ اسان جو عام ماڻهو پنهنجي ميري چادر سميت وڃائجي ويو آهي.
ڪڏهن ڪڏهن اڳواڻن جو عروج عوام جي زوال جو سبب بڻجي به ويندو آهي. ممڪن آهي ته هن ڀيري به اهو ڪجهه ٿي رهيو هجي. پر ڇا اهو سچ ناهي ته ايترا سارا رنگ ۽ ايتريون ساريون روشنيون ۽ ايترا سارا جهنڊا ۽ ايتريون ساريون تصويرون جن جون جهلڪيون هر هر لهرائجي رهيون آهن، انهن ۾ اسان کي جيڪڏهن ڪنهن جو مک پسڻ ۾ نه ٿو اچي ته اهو عام ماڻهو آهي. اهو عام ماڻهو جنهن جي هٿ ۾ ڪنهن به پارٽيءَ جو جهنڊو ناهي. اهو عام ماڻهو جنهن جي مٿي تي ڪنهن به پارٽيءَ جي ٽوپي ناهي. اهو عام ماڻهو جيڪو ڪنهن به مخصوص پارٽيءَ ۽ ان پارٽيءَ جي مخصوص اڳواڻ جا نعرا نه ٿو هڻي. اهو عام ماڻهو جيڪو حيران ۽ پريشان آهي ته هن جي نالي ۾ جنهن ريت هيڏي وڏي تماشي جو اهتمام ڪيو ويو آهي، ان ۾ ان ماڻهوءَ جي اصل ڏکن سورن ۽ تڪليفن تي ڪو به ڌيان ڏيڻ لاءِ تيار ناهي.
هيءَ تاريخ جي عجيب عدالت آهي. سياسي اڳواڻ عوام جا وڪيل بڻجي آيا آهن. پر هاڻي وڪلين جو پاڻ ۾ مقابلو ايترو ته وڌي ويو آهي جو اصل اصيل سموري ڪيس مان مڪمل طور ائين الوپ ٿي ويو آهي.
دنيا جي سياسي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ اهميت سرزمين کي نه پر ان عوام کي ملي آهي، جنهن جي ڪري ملڪ وجود ۾ آيا آهن. جيڪڏهن سمورن مذهبن جو مطالعو به ڪيو وڃي ته انهن جي وچ ۾ اڪيچار اختلاف هوندي به هو مجموعي طور ان نقطي مٿان متفق نظر اچن ٿا ته انسان هن دنيا لاءِ وجود ۾ نه آندو ويو آهي پر هيءَ دنيا انسان جي لاءِ تخليق ڪئي وئي آهي. اهو ئي سبب آهي ته تاريخ ۾ تمام گهڻيون لانگ مارچون ٿيون آهن. اسان وٽ لانگ مارچ گهڻو ڪري ملڪ جي اندر ئي ٿيندي آهي پر هڪ وقت اهڙو به هو جڏهن لانگ مارچون ملڪن جون سرحدون لتاڙي وينديون هيون. اهو وقت اهڙو هو، جڏهن ماڻهو ملڪ هئا.
اهو ماڻهو جنهن مسلسل جدجهد ۽ بي مثال قربانين سان نه صرف ملڪ کي وجود ۾ آندو پر هن جو محافظ به ٿيو آهي. جيڪو هن مهل تائين ملڪ جي حفاظت ڪري رهيو آهي. جيڪڏهن ملڪ جي فوج ورديون پائي سرحدن تي پهرو ڏئي به ٿي ته ان جون پگهارون ۽ ان جون مراعتون ۽ رٽائرڊ ٿيڻ کان پوءِ ان جي پينشن عوام جي ٽيڪس مان ادا ڪئي وڃي ٿي. ان لاءِ سمجهيو وڃڻ گهرجي ته ملڪ جي اصل قوت عوام آهي. اهو عوام جيڪو هن وقت مسئلن جي انبار هيٺان دٻجي ويو آهي. پر ان کي ڪڍڻ ۽ ان کي ريسڪيو ڪرڻ جي ڪا به ڪوشش نه ٿي ڪئي وڃي. جيڪڏهن ڪا شيءِ هن سلسلي ۾ اهم آهي ته اهو آهي، هي سياسي ميلو!
هي سياسي ميلو جنهن ۾ عوام کي هن جي مجموعي اهنجن ۽ عذابن سميت فراموش ڪيو ويو آهي. هي ميلو جنهن ۾ عوام کي خاطر ۾ نه آڻڻ جو عزم ڀرپور طرح سان عمل ۾ آهي. هي ميلو جنهن ۾ عوام جو درد ڪنهن به ريت بيان نه ٿو ڪيو وڃي. جيڪڏهن ڪا ڌر عوام جي اهنجن جي طرف اشارو به ڪري ٿي ته ان جو ڪارڻ اقتدار حاصل ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ناهي.
90ع واري ڏهاڪي کان وٺي پيپلز پارٽيءَ کي به اهو وهم هو ته هوءَ عوام جي سڀ کان محبوب جماعت آهي پر جڏهن 96ع ۾ لاڙڪاڻي جي ماڻهن پورب ڄائيءَ مٿان ڪروڌ ۽ ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ته اها مٿ به ٽٽي پئي، جيڪا ڪيترن سالن کان وٺي قائم هئي. هن وقت ته پيپلز پارٽي ان صوبي ۾ ئي اجنبي آهي، جنهن ۾ هن جو جنم ٿيو هو. جڏهن ته پاڻ کي ميڊ ان پاڪستان ڪوٺرائيندڙ پنجاب جو پاپولر پٽ ميان نواز شريف به پرويز مشرف جي هٿان پنهنجي شهرت جو تلخ تماشو ڌسي چڪو آهي.
هلندڙ وقت جي سڀ کان مقبول پارٽي تحريڪ انصاف رهي آهي پر تازو 9 مئي کان پوءِ جهڙي ريت هن جا مهڙ وارا اڳواڻ هن کي ڇڏي رهيا آهن ۽ جهڙي ريت ان پارٽيءَ جي حمايت ۾ عوام پاران ڪنهن به طرح جو پرامن مظاهرو نه ٿيو آهي. ان مان ظاهر آهي ته پي ٽي آءِ وٽ به صرف جلسن جا ميدان ڀرڻ جو پاور آهي. هن وٽ اها عوامي محبت ناهي، جيڪا هر آزمائش جو ڏاڪو چڙهي چوٽ تائين رسندي آهي. اهڙي محبت پنهنجو پاڻ نه ٿيندي آهي. اهڙي محبت پيدا ڪرڻي پوندي آهي. اها محبت ان وقت پيدا ٿي پوندي آهي، جڏهن هڪ پارٽي صرف اقتدار جو راڳ آلاپڻ بدران ماڻهن جي مٿان پيل مسئلن جو بار هٽائڻ ۾ به همدردي ۽ سچائيءَ جو عملي اظهار ڪري. اهو اظهار ئي نئين سوچ کي جنم ڏيندو آهي. اها نئين سوچ نئين سرگرمي پيدا ڪندي آهي. اها سرگرمي نئين تاريخ تخليق ڪندي آهي.