پاڪستاني اداڪارا سائرا يوسف اڳوڻي مڙس شهروز سبزواري سان گڏ فلم ۾ ڪم ڪرڻ ۽ گڏجي پروموشن ڪرڻ واري معاملي تي ٿيندڙ تنقيد جو جواب ڏيندي چيو آهي تھ شهروز سان گڏ ڪم ڪرڻ ۾ ڪا پريشاني نھ ٿي، ڇاڪاڻ تھ ڌيءَ خاطر اسان جي وچ ۾ بهترين تعلق قائم آهي. هن ميزبان جي سوال جي جواب ۾ وراڻيو تھ اسين ٻئي هڪ ڌيءَ جا والدين آهيون، ان خاطر هڪٻئي سان سٺي نموني پيش اچون ٿا، ڇاڪاڻ تھ ڌيءَ اسان جي وچ ۾ جيترو بهتر تعلق ڏسندي ان جي تربيت تي ايترو ئي سٺو اثر پوندو. هن چيو تھ ڌيءَ بابت ڪوبھ فيصلو ڪرڻ کان اڳ اسين ٻئي پاڻ ۾ ملي مشورا ڪندا آهيون.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close