هر نئين مالي سال جيان هن ڀيري به بجيٽ ته پيش ٿي وئي، پر وسيلن جي کوٽ وارو معاملو جيئن جو تيئن موجود آهي. عالمي مالياتي فنڊ سان ڪنهن به قسم جو ٺاهه نه ٿي سگهڻ جي باوجود اهڙي بجيٽ پيش ڪئي وئي آهي، جنهن مان “عوامي” هجڻ جي جهلڪ محسوس ڪري سگهجي ٿي. توڙي جو ناڻي جي وزير اسحاق ڊار، نئين مالي سال جي بجيٽ کي “اليڪشني بجيٽ” چوڻ کان انڪار ڪيو، پر هي حقيقت آهي ته اڳيان آڪٽوبر يا نومبر ۾ عام چونڊون ٿيڻيون آهن. انڪري ان ڳالهه کان ڪنڌ ڪڍائي نٿو سگهجي ته هن بجيٽ ۾ اليڪشن جو پڙاڏو موجود ناهي. اهي خرچ، جن کي محدود ڪري سگهجي پيو، انهن ۾ به اضافو ٿيو آهي، جنهن ۾ دفاع جي بجيٽ ذڪر جوڳي آهي، جنهن ۾ معمول مطابق 10سيڪڙي بدران 15 سيڪڙي تائين اضافو ڪيو ويو آهي.
نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ ڪيتريون ئي خوبيون ۽ خاميون موجود آهن،پر جيئن اڳوڻي صدر آصف زرداري ميثاق جمهوريت کانپوءِ ميثاق معيشت تي زور ڀريو، ان کان اڳ ۾ وزير اعظم شهباز شريف به ساڳيو خيال، اڳوڻي حڪومت جي دور ۾ پيش ڪري چڪو آهي، پر اڳوڻن حڪمرانن جي ايتري “پٺڀرائي” ٿي رهي هئي، جو انهن کي ڪنهن جي ڪا ڳالهه پسند ئي نه آئي. هونئن به ميثاق جمهوريت ۾ پي ٽي آءِ نه صرف شامل نه هئي، پر پنهنجي حڪومت جي دور ۾ ان کي ختم ڪرڻ لاءِ ننهن چوٽي جو زور لڳايو ويو ۽ ان وقت جي اسٽيبلشمنٽ به حڪمرانن جي همنوا بڻيل هئي، پر کين ڪجهه به نه وريو. جنهن وقت ميثاق معيشت جي ڳالهه ڪئي وئي ته حڪمران پهريان ئي مخالف ڌر جون سڙيون ٻوٽيون کائي رهيا هئا،انڪري انهن کي اهڙين “فضول ڳالهين” لاءِ ڪوبه وقت نه هو! هاڻ توڙي جو ميثاق معيشت جون ڳالهيون ٿيون آهن، موجوده حڪومت به ڪا اڳڀرائي نه ڪئي آهي، پر ان ڳالهه تي اتفاق موجود آهي ته ڪهڙي ريت معيشت کي سڌي رستي تي آڻجي. ان حوالي سان موجوده بجيٽ ۾ ڪيتريون ئي ڳالهيون سامهون اچي ويون آهن.
هي سٺي ڳالهه آهي ته بجيٽ ۾ مهانگائي تي ڪنٽرول ڪري، ان کي 21 سيڪڙي تائين رکيو ويو آهي، حقيقت هي آهي ته موجوده دور ۾ مهانگائي جي رفتار 40 سيڪڙي کان به وڌيڪ آهي. ان سان گڏ اضافي بجلي ظاهر ته ڪئي وئي آهي، ان جي باوجود لوڊ شيڊنگ 15 کان 18 ڪلاڪن تائين ڪئي وڃي پئي، ڪي اليڪٽرڪ جي دعويٰ آهي ته ان ملڪي معيشت کي پيرن تي بيهارڻ لاءِ ڪراچي ۾ 77 سيڪڙو بجلي جون ضرورتون پوريون ڪيون، پر شهر جا اڻ ڳڻيا علائقا آهن، جتي هينئر به 18 ڪلاڪن تائين بجلي جي لوڊشيڊنگ آهي. ماضي جيان هن ڀيري به توانائي جي شعبي لاءِ سبسڊيز ۾ اربين رپين جو اضافو ڪيو ويو آهي، پر ان جو فائدو عام ماڻهوءَ تائين نٿو پهچي، بجلي ڪمپنيون ڪنهن مافيا کان گهٽ ناهن، اهي وري عوام جو جيئڻ جنجال ڪري چڪيون آهن.
پيٽروليم شين جي اگهن ۾ گهٽتائي جي به ڳالهه ڪئي وئي، ان سان گڏ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ ڪجهه لاٿ به ٿي، پر هي نه ٻڌايو ويو ته جنهن وقت روس کان پيٽرول جي سپلاءِ شروع ٿيندي ته في بيرل تي گهڻي رعايت هوندي، ان مان عام ماڻهوءَ کي ڇا ملندو؟ بجيٽ ۾ هي سٺي ڳالهه آهي ته ترڪمانستان کان گيس پائيپ لائين وڇائڻ لاءِ رقم رکي وئي آهي، پر سنڌ مان جيڪا گيس نڪري ٿي، اها هتان جي عوام کي ڏيڻ کان انڪار ڪندي ايل اين جي، جيڪا مهانگي آهي، ان کي خريد ڪرڻ لاءِ مجبور ڇو ٿو ڪيو وڃي؟! جيڪڏهن 18 هين ترميم يا ميثاق جمهوريت کي ڏٺو وڃي ته قدرتي وسيلن، جن ۾ گيس به شامل آهي، ان جي پهرين ضرورت جتان نڪري ٿي، انهن جي پوري ڪرڻي آهي، پر ٿئي ان جي ابتڙ ٿو.
هن ڀيري ڏسي سگهجي ٿو ته ترقياتي بجيٽ، دفاع جي بجيٽ کان ڪيترائي ڀيرا گهٽ آهي. پر صوبن جي ترقياتي بجيٽ ۾ خاص ڪري سنڌ جي رقم ۾ جوڳو اضافو ڪيو ويو آهي. جيڪڏهن ملازمن جي پگهارن ۽ پينشن کي ڏٺو وڃي ته انهن ۾ به 35 سيڪڙي جي لڳ ڀڳ اضافو ٿيو آهي. ان سان گهٽ ۾ گهٽ سرڪاري ملازمن سک جو ساهه کنيو آهي. ان حوالي سان هي به اهم ڳالهه آهي ته گهٽ ۾ گهٽ اجورو 32 هزار رپيا مقرر ڪيو ويو آهي، سنڌ حڪومت ان کان اڳ اهڙو اضافو ڪيو هو، جيڪو 35 هزارن جي لڳ ڀڳ هو. هي ڳالهه به ياد ڏيارڻ ضروري آهي ته حڪومت جيڪي تجويز مقرر ڪري ٿي، انهن تي عمل به ڪرائي، وفاق توڙي سنڌ حڪومت هيل تائين پنهنجن فيصلن تي عمل نه ڪرائي سگهيا آهن، جيڪا حڪومت جي وڏي ڪمزوري آهي.
هن ڀيري ڪمپيوٽر جي پرزن سان گڏ اهي شيون جيڪي نوجوانن جي ترقي لاءِ ضروري آهن، انهن تان ٽيڪس گهٽايو ويو آهي. اهميت واري ڳالهه هي آهي ته سولر پينل، جيڪي پڻ چين کان امپورٽ ٿيندا هئا، انهن تان ڊيوٽي گهٽائي وئي آهي، هن قدم سان خاص ڪري ٻهراڙين ۽ سرڪاري ادارن کي سولرائيزڊ ڪرڻ ۾ آساني ٿيندي. هي به ٻڌايو ويو ته ٻاهران جيڪي شيون گهرايون وينديون، انهن تان ٽيڪس ختم ڪيو ويو آهي يا وري ان ۾ گهٽتائي ڪئي وئي آهي. هن قدم سان رڳو بجلي ڪمپنين جي بليڪ ميلنگ ئي ختم نه ٿيندي، پر ماڻهن وٽ توانائي جو متبادل ذريعو هوندو،جيڪو پن بجلي توڙي فرنس آئل ذريعي پيدا ٿيندڙ بجلي کان ڪيترائي سو ڀيرا سستي هوندي. توانائي جي متبادل قدمن جي صورت ۾ عوام کي گهڻو فائدو ٿيندو. هي ڳالهيون به سامهون آيون آهن ته ٻارن جي کير، ڊائپر سميت ٻين شين تان به امپورٽ ڊيوٽي ختم يا گهٽ ڪئي وئي آهي. هي عام شهرين جي فائدي لاءِ آهن.
ناڻي جي وزير جي تقرير مان ته اندازو ٿيو ته هينئر به بجيٽ کوٽ ڪافي گهڻي آهي، ڏيهي ۽ پرڏيهي قرض ۾ به جوڳو اضافو ٿيو آهي ۽ انهن جي ادائيگي لاءِ رقم ۾ به ريڪارڊ اضافو ڪيو ويو آهي، ان قرض مان جان ڪيئن ڇٽندي، ان بابت ڪابه حڪمت عملي سامهون نه آئي آهي.
هن ڀيري وفاقي بجيٽ مهانگائي ۽ رعايتن جو مڪسچر آهي. جيڪڏهن آءِ ايم ايف کانسواءِ ملڪ هلي سگهي ٿو ته ان اداري سان ڪنهن به ٺاهه جي ضرورت ناهي، هن بجيٽ مان ڪٿان به محسوس نٿو ٿئي ته بجيٽ آءِ ايم ايف جي دٻاءَ ۾ ٺاهي وئي آهي. هي ڳالهه به سامهون ناهي آئي ته جنهن مني بجيٽ جو آءِ ايم ايف جي دٻاءَ ۾ اچي اعلان ڪيو ويو هو، ان جو ڇا ٿيو؟ ڇا جن شين جا اگهه وڌايا ويا هئا، اهي واپس ورتا ويا آهن؟جيڪڏهن عوام کان ڪجهه نه پيو لڪايو وڃي ته پوءِ حڪمرانن جي واکاڻ ٺهي ٿي، پر هينئر به شڪ موجود آهي ته عوام مٿان ڳجها ٽيڪس لاڳو آهن ۽ نوان به لڳندا، جن کانسواءِ حڪومت جو وهنوار هلي نٿو سگهي. پر عوام جي ابتي کل لاهڻ کان به پاسو ڪيو وڃي ته عام ماڻهو خوش ٿيندو. ان حوالي سان جيترو جلد ٿي سگهي، سياسي ڌرين کي ميثاق معيشت تي اتفاق ڪرڻ گهرجي.