گذريل جمعي ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ پاڪستان جي ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار (جيڪو وزير اعظم شھباز شريف جو ويجھو مائٽ آهي ۽ چئن سالن تائين عدالتن ۾ مٿس ھلندڙ ڪيسن کان روپوش ھو) تنھن نئين مالي سال 2024-23 لاءِ جيڪا روايتي بجيٽ پيش ڪئي آهي سا اسان جي غريب ۽ قرضن ۾ ڪاري ٿيل ملڪ واسطي ۽ پاڪستان جي ڪروڙين مسڪين ۽ مظلوم پورهيت انسانن جي جياپي کي اڃا به گھڻو ڏکوئيندي.
اقتصادي ماهرن جي راءِ موجب ھي بجيٽ به ھميشه وانگر عوام لاءِ گھاٽي جو سودو ثابت ٿيندي جنهن سان تيرنھن جماعتي پي ڊي ايم سرڪار ۽ ان جي سرپرستن خلاف ماڻھن جي دلين ۾ پلجندڙ نفرتن ۾ واڌارو ٿيندو.
انسانيت جي علمبردار فلاسافر سقراط کان وٺي نؤم چومسڪي جھڙي انسان دوست تخليق ڪار جي فلاسافي جو تت ھيءُ آهي ته جڏهن به سردار، سرمائيدار ۽ جاگيردار ڪنھن به وطن جا حڪمران ٿيندا ته ڪيترن ئي نسلن جا نقصان ٿيندا. پاڪستان تي شروع کان وٺي ھي طبقا حاڪميت ڪري رهيا آهن ۽ نتيجو ڏسون پيا ته ڪيترائي نسل برباد ٿي ويا آهن ۽ ايندڙ پنجاھه سالن تائين جيڪي به ٻچڙا ڄمندا سي لکين روپين جا قرضي ٿي جنم وٺندا. آئي ايم ايف جي سربراھه ڪرسٽينا ھنن تيرنھن جماعتن جي اڳواڻن کي گذريل سال کان بار بار سمجھائي پيئي ته غريبن تي نوان محصول مڙهڻ بدران اوھان دولتمند طبقي کان محصول وٺو ته جيئن قرض لاهي سگھو ۽ وڌيڪ قرض پنڻ کان بچي وڃو. پر سرمائيدار حاڪمن سندس سھڻي صلاح تي ڌيان ڌرڻ بدران نئين بجيٽ ۾ جيڪي به نوان ٽيڪس لاڳو ڪيا آهن تن جو بار وري به ڏھاڙي ڪمائيندڙ پورهيتن، ھارين نارين تي پوندو.
ھنن سرمائيدار حاڪمن ڇا ڪيو آهي جو سرڪاري نوڪرن جي پگھارن ۽ پينشن ۾ واڌارو ڪري ايئن سمجهيو آهي ته نوڪر خوش ته مالڪ به خوش! سوچيو ته پاڪستان جي ٽيويھه ڪروڙ آباديءَ ۾ اھڙن نوڪرن جو انگ ھڪ سيڪڙو به ڪونهي. پر ڇا ڪجي ڪارخانيدارن جي ذھنيت ھوندي اھا آھي ته مئنيجر وفادار رکجي ته مزدورن کي موچڙا هڻي به اوور ٽائيم ڪم وٺي اسان کي ڪمائي کارائيندو. مزدورن جا ٻچا ڀلي بکيا سمھن، سرمائيدارن جا ڏيھي توڙي پرڏيھي بئنڪ بيلنس وڌن ويجھن.
ھتي آئون پڙھندڙن کي ياد ڏياريندس ته تيرنھن پارٽين جي سرڪار کي ھن ڀاڄوڪڙ کان سواءِ ڪوبه ٻيو معاشي ماھر نه ملي سگهيو آھي جيڪو پاڪستان جي ڏينهون ڏينهن ڊھندڙ ڪرنسي کي سنڀالي مھانگائي ۽ بيروزگاريءَ ۾ وڪوڙيل معيشت کي پٽڙيءَ تي چاڙهي، سوين وطن واسين کي روزگار نه ملڻ سبب آپگهات ڪرڻ کان بچائي سگھي. ھاڻي ته ھنن انگن اکرن جي جادوگري کي اڻپڙهيل خلق به سمجهي چڪي آهي ته جيڪو به ٽيڪس واپارين ۽ ڪارخانيدارن تي لاڳو ٿئي ٿو، ان جو نزلو نيٺ مسڪين ماڻهن تي ئي ڪري ٿو جيڪي اڳ ۾ ئي پنهنجن ٻچڙن واسطي ٻن ويلن جي سڪل روٽيءَ کان به وانجهيل آهن.
جيڪڏهن لنڊن ۾ جلاوطني جو ڏيک ڏيندڙ ۽ اصل ۾ پنھنجي اولاد کي اربين روپين جي ملڪيت خريد ڪري ڏيڻ وارو مسلم ليگ جو سرواڻ ميان نواز شريف پنهنجي ھن رازدار مائٽ اسحاق ڊار کي پاڪستان جو وزير خزانه ٺاهڻ جو حڪم نه ڏئي ھا ته گھٽ ۾ گھٽ قومي خزاني ۾ کاٽ هڻي کنيل غيرحاضري واري پگھار جا 77 ڪروڙ رپيا بچي وڃن ها. اسٽيبلشمينٽ جي ڇٽيءَ هيٺ پلجي، نپجي، مچي مواڙ ٿي ويل ھنن حاڪمن جو دبئي، سعودي عرب، قطر ۽ لنڊن ۾ اربين روپين جو ڪاروبار سوشل ميڊيا تي سالن کان وائرل آهي. رڳو ھنن حڪمرانن جي پٽن جون گاڏيون ڏسو ته ڄڻ زمين تي ھلندڙ ڪروڙين رپين جا ھوائي جھاز آهن.
ھي تازي بجيٽ ڏيڻ وارو ناڻي جو وزير چار سال قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ حاضر نه ٿيو. دبئي کان لنڊن تائين واپار ڪري ڏوڪڙ ڪمائيندو رهيو، سو مسڪين ماڻهن تي ڪھل ۽ رحم ڪيئن ڪندو.
بجيٽ ۾ پينشن تي جيئندڙ جھونن رٽائرڊ سرڪاري ملازمن جي رقم وڌائڻ واري ڳالهه ته ساراھه جوڳي آهي پر آئي ايم ايف جي سربراھه خاتون ڪرسٽينا جو نالو وٺڻ بنا وزير خزانه جو اھو چوڻ ته پاڪستان سان سندس سلوڪ سٺو ناهي، اصل ۾ ڌن دولت جا ذخيرا گڏ ڪندڙ شاھوڪار ۽ امير طبقن کي راضي رکڻ جي چال آهي. ڪرسٽينا جو ڏوھه رڳو اھو آھي ته ھن دولتمند طبقي تي ٽيڪس لاڳو ڪرڻ لاءِ زور ڀريو آهي. ھن اھو ڪونه چيو آهي ته پيٽرول، ڊيزل، بجلي، گئس ۽ ھوٽلن يا دڪانن تي محصول مڙهي ڪروڙين غريبن جو جيئڻ حرام ڪريو ۽ کين سک جو ساھه به کڻڻ نه ڏيو.