بالي ووڊ جي سينيئر اداڪار نصيرالدين شاهه ٻولي بابت پنهنجو تبصرو پيش ڪرڻ ۽ ڳالهائڻ تي سنڌين کان معافي بھ گهري ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق نصيرالدين شاهه پاڪستان ۾ سنڌي ٻولي نھ ڳالهائڻ وارو بيان ڏيڻ تي ڇتي تنقيد بعد پنهنجي غلطي کي اڳ ئي پنهنجي مڃي چڪو آهي، پر ان هوندي بھ تنقيد ختم نھ ٿيڻ تي نصيرالدين شاهه معافي وٺندي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي تھ پاڪستان جي انهن سمورن سنڌين کان معذرت ڪيان ٿو، جن کي منهنجي غلط ڳالهه تڪليف ڏني آهي، سنڌي ٻولي بابت منهنجي ڳالهه غلط هئي، مڃان ٿو تھ ڄاڻ نھ هئي، پر ڇا ان تان مون تي حملو ٺيڪ آهي. هن چيو تھ سچ چوان تھ سالن کان غلطي سان ذهين سڏجڻ بعد جاهل ۽ ڏيکاءُ وارو دانشور جهڙن لقبن مان مزا وٺان پيو ۽ اها وڏي تبديلي آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close