پاڪستاني اداڪار عدنان صديقي چيو آهي تھ حڪومت پاران شوبز انڊسٽري لاءِ بجيٽ ۾ پيسا رکڻ سٺي ڳالهه آهي. ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ هن ٻڌايو تھ پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو فنانس بل ۾ فنڪارن لاءِ هيلٿ ڪارڊ جو فنڊ رکڻ تي خوشي ٿي. جڏهن تھ فنانس فنڊ جي مد ۾ پيش ڪيل ڳالهيون حوصلو ڏيندڙ آهن. هن چيو تھ هي فلم انڊسٽري جي مدد ڪرڻ ۽ فنڪارن جي ڀلائي ڏانهن کنيل بهترين قدم بھ آهي. ياد رهي تھ وفاقي حڪومت بجيٽ ۾ فلم انڊسٽري جي ترقي جي ڏس ۾ 3 ارب رپين جا فنڊ رکيا آهن، جنهن تي شوبز دنيا ۾ آجيان ڪئي وئي آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close