پاڪستاني اداڪارا نازش جهانگير انڪشاف ڪيو آهي تھ سندس ساٿي اداڪارا عليزي شاهه جي معصوميت سرجري ڪرائڻ سان ختم ٿي وئي آهي. پوڊڪاسٽ پروگرام ۾ ميزبان جي سوالن جا جواب ڏيندي هن چيو تھ عليزي شاهه سرجري کان اڳ انتهائي پياري لڳندي هئي، پر هاڻ وڏي عمر کان اڳ ئي پڪي عورت لڳي ٿي. هن پنهنجي تعريف پاڻ ئي ڪندي ٻڌايو تھ مون سرجري ناهي ڪرائي، ڇاڪاڻ تھ مون وٽ ايترا پيسا ناهن، پر منهنجو نڪ، ڀرون ۽ چهرو انتهائي خوبصروت آهي، آئيني اڳيان بيهي سوچيندي آهيان تھ ايڏي حسين ڪيئن ٿي وئي آهيان. هن چيو تھ ڪيترين ئي اداڪارائن سرجري ڪرائي آهي، پر نالا نھ ٻڌائينديس.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close