ملڪ ۾ سياسي معاملن کي Settle ڪرڻ لاءِ گهڻ رخي حڪمت عملي تي عمل ٿي رهيو آهي، مستقبل جي سويلين حڪومت ڪهڙي هوندي؟ ان بابت واضح صورتحال ته ناهي پر مختلف رخن ۾ معاملا طئي ٿي رهيا آهن. پهرين مرحلي ۾ عمران خان ۽ سندس پارٽيءَ مان جان آجي ڪرائڻ جو ڪم تيزيءَ سان جاري آهي. عمران خان سان جنهن نوعيت جون ڳجهه ڳوهه ۾ ملاقاتون ٿي رهيون آهن، انهن مان اندازو ٿئي ٿو ته اڳوڻي وزير اعظم کي مختلف آپشنز ڏنا پيا وڃن. عمران خان کي چيو ويو ته هن لاءِ هڪ رستو هي به آهي ته جهاز تي ويهي ۽ وڃي پنهنجي اڳوڻي گهرواريءَ جمائما خان، پٽن ۽ ٽيريان ڌيءَ سان گڏ زندگيءَ جا باقي ڏينهن گذاري. پر عمران خان پاڻ جيڪي وي لاگ ڪري پيو، ان ۾ هن موقف اختيار ڪيو ته ڪرپشن ڪئي ئي ناهي ته ملڪ ڇڏي ڇو وڃي؟ ان سان گڏ هو اسٽيبلشمنٽ سان سڌيون ڳالهيون ڪرڻ گهري ٿو ۽ اتحادي حڪومت کي به ميڙمنٿون جاري آهن، پر نتيجو ڪو به نه نڪري رهيو آهي. واضح طور پيغام ڏنو پيو وڃي ته موجوده سياسي سيٽ اپ ۾ هن لاءِ ڪابه گنجائش ناهي.
عمران خان جي آسپاس جيڪي اڳواڻ هئا يا ان جا لڳ لاڳاپا هئا، اهي سمورا سندس ساٿ ڇڏي چڪا آهن، انهن کي روزانو جي بنياد تي شٽ اپ ڪال به ڏني وڃي پئي. انهن کي رستو ڏيکاريو ويو آهي ته اهي جهانگير ترين جي استحڪام پارٽيءَ جو پاسو وٺن، (ن) ليگ به چئي ٿي ته ايندڙ چونڊن ۾ استحڪام پارٽيءَ سان انهن جو اتحاد يا سيٽ ايڊجسٽمنٽ ٿي سگهي ٿي. لڳي ائين ٿو ته (ن) ليگ چاهي ٿي ته في الحال پي ٽي آءِ کي ٽڪرا ٽڪرا ڪجي، ان کانپوءِ انهن کي ڌڪو ڏجي، ان سان گڏ استحڪام پارٽي وارا به غيرمستحڪم ٿي ويندا. ائين جيئن پنجاب جي چوڌرين سان ڪيو ويو. ڪراچي ۾ مصطفيٰ ڪمال جو به ساڳيو ئي حشر ٿيو. ممڪن آهي ته استحڪام پارٽي وارن کي پريشر گروپ طور رکيو وڃي، جيئن (ن) ليگ جي بارگينگ جي پوزيشن برقرار رهي. اهو به ممڪن آهي ته استحڪام پارٽي وارن جو هڪڙو حصو پيپلز پارٽيءَ ۾ شامل ٿي وڃي، ٻيو (ن) ليگ ۽ ٽيون پنهنجي جاءِ تي بيٺو رهي ۽ عام چونڊن ۾ حصو وٺي.
عمران خان جي پارٽيءَ ۾ اهم اڳواڻ شاهه محمود قريشي بچيو آهي، جيڪو پڻ ڪنهن به وقت ڀڙڪو کائي وڃي سگهي ٿو. اهڙي صورتحال ۾ عمران خان وٽ باقي ڪجهه به نه بچندو. جيڪڏهن شاهه محمود قريشي ئي پارٽيءَ جو ڊي فيڪٽو چيئرمين ٿي سگهي ٿو، ان جي باوجود هو پي ٽي آءِ جي ووٽ بينڪ کي سنڀالي نه سگهندو. هن جو اثر رسوخ ڪنهن ملڪي ليڊر جهڙو ناهي. هن جا مختلف سياسي پارٽين سان به سفارتي لاڳاپا سٺا ناهن، هو ڪيترين ئي پارٽين ۾ رهي چڪو آهي، ان ڪري هن جي ماضي جي ڪردار سبب کيس پسند نٿو ڪيو وڃي. اهڙي ريت پي ٽي آءِ، (ق) ليگ جهڙي ئي ٿي ويندي. چوڌري پرويز الاهي به پي ٽي آءِ ۾ مهمان آهي، ان کي نه ئي عمران خان، نڪي وري سندس پارٽيءَ جي رينڪ اينڊ فائل قبول ڪيو. عمران خان جو ڪيس فوجي عدالت ۾ هلي ٿو ته هو ڪيترن ئي سالن تائين سياسي منظرنامي تان غائب ٿي ويندو. هن کي نااهل قرار ڏنو وڃي يا نه، پر کيس نيوٽرلائيزڊ ڪيو ويو آهي. هن جي باقي عمر ڪيسن کي منهن ڏيڻ ۾ پوري ٿي ويندي.
واڳ ڌڻين جي ويجهو سمجهيو ويندڙ ۽ نيوز مٿان نيوز اسٽوري ٺاهيندڙ نجم سيٺي، توڙي جو پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ۾ سرگرم آهي، پر هن جو ميگزين فرائڊي ٽائيمز انهن اسٽوريز جو مرڪز آهي، جيڪي واڳ ڌڻين کي خوش ڪرڻ لاءِ آهن. عمران خان جي نفرت ڀرئي سياست کانپوءِ نجم سيٺي ٽائيپ ماڻهن لاءِ هڪڙو ئي رستو آهي ته اهي واڳ ڌڻين جي ويجهو رهن. نجم سيٺي، محترما بينظير ڀٽو جي ويجهو رهيو،پر جيئن پ پ جي جتيءَ ۾ (ن) ليگ پير پاتو ته هو ان طرف هليو ويو.
فرائڊي ٽائيمز جي اسٽوري آهي ته “نگران وزير اعظم جي حوالي سان ٽن نالن تي غور ڪيو پيو وڃي. انهن مان هڪڙو نالو ته عمران خان جي ويجهو رهندڙ اهم شخصيت ۽ پوءِ ان جي ئي عتاب هيٺ رهندڙ محسن بيگ جو آهي، هو نه صرف مضبوط اميدوار آهي، پر جيڪي ڳالهيون ان ۾ هجڻ گهرجن، اهي موجود آهن. سڀ کان اهم ڳالهه ته هو عمران خان جو سخت مخالف آهي، ٻيو هو واڳ ڌڻين جي گڊ بڪس ۾ آهي. ٽيون (ن) ليگ جو پسنديده اميدوار آهي.”
محسن بيگ، عمران خان جي حڪومت جي آخري ڏينهن ۾ مشڪل حالتن کي منهن ڏنو، هن جا عمران خان سان مير شڪيل کي قيد ڪرڻ جي حوالي سان اختلاف سامهون آيا، هن عمران خان کي روڪيو ته هو ائين نه ڪري پر کيس پي ٽي آءِ جي سوشل ميڊيا ونگ جي سربراهي تان به هٽايو ويو. هي صاحب سينيئر صحافي به آهي، ان سان گڏ طاقتور ڌرين جو پسنديده شخص به. جيڪي ٻه ٻيا نالا ورتا پئي ويا، انهن ۾ هڪڙو ته صنعتڪار آهي ۽ ٻيو وري اڳوڻو ڪامورو آهي. انهن نگران وزير اعظم ٿيڻ کان معذرت ڪري ڇڏي آهي.
موجوده پارليامينٽ جو مدو 13 آگسٽ تي پورو ٿيندو. ان کان اڳ ۾ نگران سيٽ اپ مڪمل ڪرڻو آهي. هاڻ هي به چيو پيو وڃي ته (ن) ليگ وقت تي چونڊن ڪرائڻ جي حق ۾ ناهي. اها هڪ يا ٻن سالن تائين نگران حڪومت کي قائم رکڻ گهري ٿي. پر پيپلز پارٽي ۽ ٻيون پارٽيون چاهين ٿيون ته چونڊون وقت تي ٿين ته جيئن انهن جو ڀرم قائم رهي. توڙي جو آصف زرداري پهريان ئي چئي چڪو آهي ته جنهن وقت هو چاهيندو، چونڊن جي تاريخ سامهون اچي ويندي. پيپلز پارٽي به لڳاتار پنجاب مان مضبوط اميدوارن کي پنهنجن صفن ۾ شامل ڪري رهي آهي. واڳ ڌڻي به نه چاهيندا ته (ن) ليگ کي پنجاب ۾ خاص ڪري کليل ميدان ڏنو وڃي، ان ڪري هو نظام کي پنهنجي ڪنٽرول ۾ رکڻ گهرن ٿا. جنهن جو فائدو پيپلز پارٽيءَ کي ٿيندو. ان جو فائدو (ق) ليگ کي به ٿي سگهي ٿو. جيڪڏهن نگران سيٽ اپ ٻن سالن تائين ٿي وڃي ته ملڪ ۾ سويلين حڪمرانيءَ کي ڌچڪو پهچندو. ان ڪري جيترو جلد ممڪن هجي، نيون چونڊون ڪرايون وڃن. ان حوالي سان اها ڳالهه به اهم آهي ته ملڪ جي صدر جي مستقبل جو فيصلو ٿيڻو آهي، ان سان گڏ سپريم ڪورٽ جو نئون چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ هوندو، جنهن کي مينيج ڪرڻ آسان نه هوندو.