شوبز

محبت يا ارينج جي شادي بعد خوشي جي ضمانت ناهي: دنانير

پاڪستان جي مشهور ماڊل دنانير مبين شادي بابت ڳالهائيندي چيو آهي تھ محبت يا ارينج جي شادي بعد خوشي جي ضمانت ناهي. ميڊيا مطابق سماجي رابطن واري پيج تي شيئر ڪيل هڪ پيغام ۾ دنانير هڪ ڳالهه شيئر ڪئي آهي، جنهن ۾ هن ڄاڻايو آهي تھ ماڻهو اڪثر ڪري شادي بعد بدلجيو وڃن، انهن جو رويو بھ مختلف ٿي ويندو آهي، تنهنڪري ڪابھ پرفيڪٽ ڳالهه ناهي هوندي. لکيو تھ اسان کي بس اها ئي دعا گهرڻ گهرجي تھ الله سمورن جوڙن جا نصيب بهتر بڻائي. هوڏانهن مداحن دنانير جي اهڙي پوسٽ بعد کيس تنقيد جو نشانو بڻايو ۽ لکيو تھ محترما خوشي جي ضمانت تھ اڪيلو رهڻ ۾ بھ ناهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button