ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

‘بائپر جواءِ’ کان بچڻ جي ڪيتري تياري آهي؟

ماحولياتي تبديلين جتي سڄي دنيا کي متاثر ڪيو آهي، اتي سنڌ به محفوظ ڪونه رهي آهي. ڪجهه ڏينهن کان بائپر جواءِ طوفان سنڌ ڏانهن وڌي رهيو آهي. اهو طوفان سنڌ جي سرحدن سان گڏ گجرات کي به متاثر ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو. سنڌ اڃا گذريل ٻوڏ جي اثر کي به گهٽائي نه سگهي آهي ته مٿان وري نئون طوفان اچي رهيو آهي، جيڪو سنڌ لاءِ تباهيءَ جو پيغام کڻي اچي رهيو آهي ۽ ان امڪان کي رد نٿو ڪري سگهجي ته جيڪڏهن احتياطي اپاءَ وٺڻ ۾ ٿوري به بي احتياطي ڪئي وئي ته پوءِ وڏي تباهيءَ کي ٽاري نٿو سگهجي. ڪالهه ان حوالي سان جيڪي تازيون خبرون رپورٽ ٿيون آهن، انهن ۾ به طوفان جي شدت جو ذڪر ڪيو ويو آهي.
عربي سمنڊ ۾ شدت اختيار ڪري ويل طوفان بائپر جواءِ سنڌ ۽ گجرات ڏانهن وڌي رهيو آهي. سامونڊي طوفان ڪراچيءَ کان 600 ڪلوميٽرن ۽ ٺٽي کان 580 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي پهچي ويو آهي. موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته طوفان 15 جون تي منجهند جي وقت گجرات ۽ سنڌ جي وچ واري علائقي مان گذري سگهي ٿو، طوفان سبب هوائن جو رخ سمنڊ ڏانهن رهندو ۽ گرمي پد وڌي ويندو. گرمي پد 42 سينٽي گريڊ تائين پهچي سگهي ٿو. اين ڊي ايم اي پاران شهرين کي ساحلي ڪنڌين کان پري رهڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، سمنڊ ۾ وهنجڻ، ماهيگيري ۽ جهاز رانيءَ تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي. ڪراچي، ٺٽو، سجاول ۽ بدين جي ساحلي پٽي تي قلم 144 لاڳو ڪيو ويو آهي. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه سامونڊي طوفان جي خطري سبب سنڌ جي ساحلي علائقن جي 50 هزار ماڻهن کي ٻاهر نڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي. وڏي وزير مراد علي شاهه ٺٽو، بدين ۽ سجاول جو فضائي معائنو ڪرڻ کان پوءِ ڪيٽي بندر ۾ ڳالهائيندي چيو ته ساحلي علائقن مان ماڻهو نه نڪتا ته وڏو جاني نقصان ٿيندو. هن چيو ته هزارين ماڻهن کي ٻاهر ڪڍڻ لاءِ ٽرانسپورٽيشن، رهائش ۽ ٻين سهولتن جو بندوبست ڪيو ويو آهي. متاثرن کي ٺٽي جي ڇانوڻي، ٻين فوجي سهولتن ۽ اسڪولن ۾ ترسايو ويندو. ساحلي علائقن جي ماڻهن وٽ ٻاهر نڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪو به آپشن نه آهي. بدين ۽ ٺٽي ۾ ان کان اڳ 1999ع ۾ به طوفان اچي چڪو آهي، جنهن سان وڏو نقصان ٿيو هو ۽ ان جو ازالو اڃا تائين نه ٿي سگهيو آهي. اهڙي صورتحال ۾ جڏهن هاڻ طوفان ۾ شدت اچي رهي آهي ته وفاقي حڪومت پنهنجا چپ سبي ڇڏيا آهن، جڏهن ته وفاقي سرڪار کي اڳ ئي ان حوالي سان سنڌ سرڪار سان گڏ بيهڻ گهرجي ها. ڀارت پنهنجو اويڪيوئشين پلان مڪمل ڪري ورتو آهي، جڏهن ته سنڌ ۾ اهو پلان اڃا تائين مڪمل نه ٿي سگهيو آهي.
اسين سمجهون ٿا ته ان طوفان جي اچڻ کان پوءِ ماڻهن کي جيڪو معاشي نقصان ٿيندو ان جو ازالو ٿيڻ لازمي آهي پر لڳي ائين رهيو آهي ته طوفان گذري ويندو ۽ ان کان پوءِ جيڪو نقصان ٿيندو ان جو پورائو ڪرڻ ڏکيو ٿي ويندو. تنهنڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته طوفان کي منهن ڏيڻ لاءِ ڀرپور تياري ڪئي وڃي، ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي وڏي تباهيءَ جو سبب بڻجي سگهي ٿي. تنهنڪري سنڌ حڪومت سان گڏوگڏ وفاق اهم ڪردار ادا ڪري، جيڪڏهن اهو طوفان پنجاب ۾ اچي ها ته ڇا وفاقي حڪومت اهڙو رويو اختيار ڪري ها جهڙو هن وقت آهي؟

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button