ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

بپر جواءِ: سي ٻيڙا رکين ٻاجهه سين

سنڌ جي ساحلي پٽيءَ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر خوف ڦهلجي ويو آهي. هڪ ڀيرو ٻيهر سمنڊ کان ايندڙ آلين ۽ نمڪين هوائن ۾ هڪ طرح جو حراس آهي.

ڪراچيءَ جا ماڻهو ته پنهنجن مهانگن بنگلن ۽ قيمتي ڪاروبارن جي فڪر ۾ آهن پر ٺٽي ۽ بدين جا انسان انهن پيارن لاءِ پريشان آهن، جن جا ٻيڙا هن مهل تائين سمنڊ جي سيرن مان ظاهر نه ٿيا آهن. هن وقت تائين انهن جي موبائل نمبرن تي فون ڪرڻ سان اردوءَ ۽ انگريزيءَ ۾ اهو ميسيج ملي رهيو آهي ته اوهان جو گهربل نمبر في الحال بند آهي. اهي مهاڻا جيڪي اونهين سان اوريندا آهن. جيڪي گهرن پاڻين ۾ ويندا آهن. انهن وٽ پلاسٽڪ جي ٿيلهيءَ ۾ موبائل فون محفوظ ته هوندي آهي پر دور سمنڊ ۾ موبائل فون جا سگنل نه ايندا آهن. ان ڪري هو پنهنجن پيارن کي پنهنجي خيريت جو اطلاع به ڏئي نه سگهندا آهن. انهن جي گهر وارن کي انهن جو ائين اونو هوندو آهي، جيئن سر سامونڊيءَ ۾ لطيف بيان ڪيو آهي.

هڪ اڪنڊ ۽ انتظار هوندو آهي، انهن ماڻهن جي من ۾ جن جا پيارا پري ۽ گهري پاڻيءَ ۾ ويندا آهن. جيتوڻيڪ اهي وڻجارا ناهن. انهن کي ان سون ۽ دولت جي ڪا تمنا ناهي، جنهن جو تذڪرو لطيف سر سامونڊيءَ ۾ ڪجهه هن طرح سان ڪيو آهي ته:

“لنڪا لنڪا ڪن، لئه لنڪا جي اوهريا

سڻي سون لنڪا جو سک نه سامونڊين”

هي به سامونڊي آهن. پر اهي سون جا واپاري ناهن. هو ته صرف پنهنجي روزي ڪمائڻ جي لاءِ دهشت ڀري سمنڊ مان مڇيون پڪڙي ايندا آهن. انهن وٽ محدود ماني ۽ محدود پاڻي هوندو آهي. انهن وٽ ڪا اهڙي ٽيڪنالاجي به نه هوندي آهي، جنهن سان هو سمنڊ جو کارو پاڻي مٺو بڻائي اڃ اجهائي سگهن.
سنڌ جي انهن سامونڊين جي سلسلي ۾ گهڻو ڪري ٻن قسمن جون پريشانيون پيدا ٿينديون آهن. هڪ ته هو جديد اوزار نه هجڻ سبب لڙهندا لڙهندا ان پاڻيءَ ۾ پهچي ويندا آهن، جتي ڀارت جي حد هوندي آهي. آخر پاڻيءَ مان سرحد جو ليڪو ڪير ٿو ڪڍي سگهي؟ لهرن مٿان پنهنجي ملڪ جو جهنڊو ڪير ٿو کوڙي سگهي؟ ان ڪري اسان کي توڙي انهن مهاڻن کي به معلوم ٿي نه سگهندو آهي ته هو ڪهڙي طرف وڃي رهيا هئا ۽ ڪٿي پهتا؟ ان کان سواءِ سمنڊ ۾ ٻيو خوف هوندو آهي، انهن طاقتور لهرن جو جيڪي وڏن وڏن ٻيڙن کي ٻوڙي ڇڏينديون آهن.
سمنڊ جي گهرائيءَ ۾ ويندڙ سنڌ جي مهاڻن کي اهي ٻيئي خطرا ته عام حالتن ۾ به هوندا آهن. پر هڪ ٽيون ۽ خطرناڪ خدشو اهو به هوندو آهي، جنهن سان هن مهل نه صرف سمنڊ ۾ ويل پر ساحل تي رهندڙ انسان به واڳجي ويا آهن. اهو خطرو هوندو آهي انهن تيز طوفانن جو، جيڪي پنهنجي شدت ۾ ايترا ته طاقتور ۽ تيز هوندا آهن جو انهن جي ٻل سبب ڌرتيءَ جا پٿر به اڏامڻ لڳندا آهن.
سمنڊ جا اهي طوفان جيڪي هوا جي دٻائن سبب پيدا ٿيندا رهندا آهن ۽ اهي اڪثر طور سمنڊ مان اٿي سمنڊ ۾ سمائجي ويندا آهن پر ڪڏهن ڪڏهن انهن ۾ ايترو ته زور اچي ويندو آهي ته هو سمنڊ جي سرحد به ڪراس ڪري ويندا آهن ۽ اهي ساحلن جو رخ ڪري سوناميون به آڻي سگهندا آهن. انهن جي ڊپ ۽ دهشت کان حڪومتون به ڪنبديون آهن. ڇو ته دنيا جي ڪا به حڪومت ڀلي اها واحد سپر پاور واري ملڪ جي حڪومت ڇو نه هجي پر اها به فطرت جي سرڪشيءَ کي منهن ڏئي نه ٿي سگهي. هونءَ به هن مهل تائين سمنڊ مان آيل طوفانن گهڻو ڪري آمريڪا کي نقصان پهچايو آهي. جن طوفانن سان آمريڪا جهڙو ملڪ مقابلو ڪري نه ٿو سگهي، انهن طوفانن کي پاڪستان جهڙو ڪمزور ۽ معاشي حوالي سان بنهه مجبور ملڪ منهن ڪيئن ٿو ڏئي سگهي؟ ان سوال تي سوچڻ کان پوءِ جڏهن اسان سنڌ جي باري ۾ ويچار ڪيون ٿا ته سنڌ پاڪستان جو پيڙهيل صوبو آهي. جڏهن ته ڪراچيءَ کان سواءِ سنڌ جي باقي ساحلي پٽي ته غربت جي دلگير ڪندڙ تصوير آهي. جڏهن انهن جي مٿان سامونڊي طوفان ڪڙڪي پون ٿا ته انهن جا جهڳا جهڻ ٿي وڃن ٿا. اهي پنهنجن گهرن ۾ به محفوظ نه ٿا رهن.

هن ڀيري اسان جنهن سامونڊي طوفان “بپر جواءِ” کي عام طوفان ڪري ورتو هو ۽ اهو سمجهيو هو ته اهو طوفان به اڪثر سامونڊي طوفانن وانگر سنڌ جي ساحلن جي ويجهو اچڻ کان اڳ ۾ پنهنجي طاقت گهٽائي ڇڏيندو ۽ پنهنجو رخ به تبديل ڪري ويندو، هن ڀيري واري ان ڳالهه جا امڪان پيدا ٿي پيا آهن ته اهو طوفان ڪنهن به صورت نه مڙندو ۽ اهو طوفان سنڌ جي ساحلي علائقن مٿان پوري زور سان حملو ڪري سگهي ٿو. ان صورت ۾ سنڌ سرڪار هاءِ الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي. هونءَ به اسان جي حڪومت اهڙا الرٽ جاري ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪري به ڇا ٿي سگهي؟

دنيا جون حڪومتون اهڙن امڪانن کي قدرتي آفت قرار ڏئي، پنهنجا دامن نه ڇڏائينديون آهن. انهن کي هر حال ۾ پنهنجو فرض ادا ڪرڻو هوندو آهي ۽ هو هر طرح سان، هر ممڪن ڪوشش ڪنديون آهن ته پنهنجن ماڻهن کي محفوظ رکي سگهن. اهي ملڪ فطرت جي ان اٿل پٿل کان اڳ ۾ پنهنجا ايمرجنسي سينٽر قائم ڪري وٺندا آهن. ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪرڻ جا سلسلا شروع هوندا آهن ۽ اسپتالن ۾ هنگامي حالتن جي پيش نظر دوائون ۽ ڊاڪٽر موجود ڪيا ويندا آهن. جڏهن ته اسان وٽ صرف هاءِ الرٽ تي ئي اڪتفا ڪيو ويندو آهي ۽ پڇڻ تي چيو ويندو آهي ته حڪومت هنگامي حالتن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

هنگامي حالتن جو اعلان ڪرڻ واري حڪومت ڪير ٿيندي آهي؟ هنگامي حالتن جو اعلان ته پاڻ طوفان ڪندو آهي. اهو طوفان جيڪو هن وقت ڏيڍ سئو ڪلوميٽر جي رفتار سان سمنڊ جي لهرن مٿان سفر ڪري رهيو آهي ۽ جنهن جي باري ۾ چيو پيو وڃي ته اهو طوفان اسان جي ويجهو ايندي وڌيڪ شدت به اختيار ڪري سگهي ٿو. ان طوفان جي حوالي سان ڪراچيءَ جي ماڻهن ۾ خوف جو عنصر وڌي رهيو آهي. جڏهن ته سنڌ سرڪار سميت پوري ملڪ کي انهن انسانن جو ڪو احساس ناهي، جيڪي ساحلي علائقن ۾ رهن ٿا. جن جا جهڳا ڪمزور ۽ جن جي گهرن جا مرد گهرن پاڻين ۾ مڇي مارڻ لاءِ وڃڻ جي سلسلي ۾ مجبور هوندا آهن.

اڄ انهن انسانن جي هٿن ۾ ٻي ڪا قوت ناهي. هو هن وقت پنهنجي لاءِ نه پر پنهنجن انهن پيارن لاءِ پريشان آهن، جيڪي هن مهل تائين نه موٽيا آهن. انهن جي واپس نه ورڻ سبب غريب ۽ مسڪين ماڻهن جي اکين ۾ اڪنڊ ۽ دلين ۾ دهشت آهي. معاشي طور تي هي مسڪين، معاشرتي طور تي هي مجبور ۽ سياسي طور تي بي شعور انسان پنهنجو حق ڇني وٺڻ واري پوزيشن ۾ ناهن. انهن جا هٿ صرف پورهيو ڪري ۽ دعا پنڻ کان سواءِ ٻيو ڪجهه ڪري نه ٿا سگهن. هو اڄ به اها دعا گهري رهيا آهن، جيڪا لطيف صديون اڳ لکي ويو هو ته:

“جي اچن ساڻ اڪير

سي ٻيڙا رکين، ٻاجهه سين”!!

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button