دنيا جي مختلف ملڪن ۾ آمريڪي ڳائڻي بيونسي جا ميوزڪ ڪنسرٽ مهانگائي ۾ اضافي جو سبب بڻجي ويا، جنهن جي تصديق لاڳاپيل معاشي ماهرن ۾ پڻ ڪري ڇڏي آهي. ميڊيا رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تھ دنيا جي مختلف ملڪن ۾ رٿيل ڪنسرٽس مداحن جي رش سبب بيونسي افيڪٽ قرار ڏنا ويا آهن، جنهن ۾ ان ڳالهه جي نشاندهي ٿي آهي تھ بيونسي جي ميوزڪ ڪنسرٽس انهن ملڪن ۾ مهانگائي جي شرح وڌڻ جو سبب بڻيا آهن. جڏهن تھ سوئيڊن ۾ بيونسي جي ڪنسرٽ دوران هوٽلن جا ڪمرا بڪ ٿي ويا، جنهن دوران عام واهپي جي شين جي طلب وڌي آهي. هوڏانهن لنڊن ۾ بھ ڪنسرٽ جي اعلان بعد ساڳي صورتحال رهي، ڪرڊف جا سمورا هوٽل بھ ڀرجي ويا، رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي تھ برطانيا ۾ ڪنسرٽ لاءِ آسٽريليا سمت مختلف ملڪن مان مداح پهتا، ساڳي صورتحال اسٽاڪ هوم ۾ ڏٺي وئي آهي. سوئيڊن ۾ بيونسي جي ڪنسرٽ بابت ڳالهائيندي معاشي ماهر مائيڪل گراهن جو چوڻ هو تھ سوئيڊن ۾ مهانگائي 9.7 سيڪڙو ٿي وئي، ان ۾ بيونسي ڪنهن حد تائين ذميوار آهي، ڇاڪاڻ تھ بيونسي جو ڪنسرٽ ڏسڻ ايندڙن سبب نھ رڳو هوٽلون ڀرجي ويون، پر ان سان گڏ ٻين شين جي واهپي ۾ پڻ اضافو ٿي ويو، تنهنڪري بيونسي ذميوار نھ هوندي بھ مهانگائي ۾ هڪ سبب ضرور آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close