بالي ووڊ جي ديسي گرل طور مشهور اداڪارا پريانڪا چوپڙا جي ڌيءَ وٽ اڍائي لک جو پرس هئڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. ميڊيا مطابق آمريڪي راڳي نڪ جوناس ۽ بالي ووڊ جي پريانڪا چوپڙا ڌيءَ مالتي کي فيشن برانڊ بلغاري جو پرس وٺي ڏنو، جڏهن تھ مالتي جي سوشل ميڊيا تي پرس گڏ هجڻ واري تصوير ڏسي مداح پاڻ بھ حيران ٿي سوال ڪرڻ لڳا تھ پرس ڪيتري ملهه جو ٿي سگهي ٿو، جنهن بعد پرس جو اگهه 2 لک 45 هزار رپيا ڄاڻايو ويو. هوڏانهن مداحن پوسٽ تي تبصرا ڪندي لکيو تھ ٻئي جنم ۾ کين مالتي ميري بڻايو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close