ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

رستم ويجهو ٿيل قتلام

Editorial

سنڌ ۾ مختلف ڌرين ۾ جهيڙي سبب ماڻهن جي قتل ٿيڻ جا واقعا عام جام ٿيندا رهندا آهن. گذريل ڪجهه عرصي ۾ نه رڳو سنڌ ۾ بدامنيءَ جا واقعا وڌيا آهن پر قتل جي واقعن ۾ پڻ واڌ آئي آهي، جنهنڪري سنڌ جو امن امان تباهه ٿي چڪو آهي ۽ ٻئي پاسي انساني جانين جي زيان کي به روڪيو نه پيو وڃي. سنڌ ۾ قبائلي تڪرارن سبب جيڪي معصوم ماڻهو مارجي رهيا آهن، انهن جو هڪ سبب سنڌ ۾ موجود اهي سردار آهن، جيڪي سنڌ جي امن امان ۾ ڦيٽاڙو وجهي رهيا آهن ۽ انهن جو ڌنڌو ئي ماڻهو مارائي جرڳا ڪرائي پئسو ڪمائڻ آهي. جڏهن ته ڪنهن به سردار کي اهو حق ناهي ته هو پنهنجي مرضيءَ سان ماڻهو مار مهم شروع ڪرائي ۽ اتان جي شهرين جو جيئڻ حرام ڪري ڇڏي. ڪالهه رستم ويجهو ڪچي جي علائقي ۾ ٻن ڌرين ۾ جهيڙي سبب 5 ماڻهو قتل ٿي ويا آهن.
رستم جي ڪچي ۾ ڪارنهن جي معاملي تان جتوئي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي سبب ٻن عورتن سميت 5 ڄڻا قتل ٿي ويا آهن. رستم جي ڪچي واري علائقي جي رستم ٿاڻي جي حد ڳوٺ چيمن سکپور ۾ جتوئي برادري جي ٻن ڌرين رتو دوداڻي ۽ ضدو دوداڻي ۾ ڪارنهن جي پراڻي معاملي تان جهيڙو ٿي پيو. ٻنهي ڌرين جي هٿياربندن هڪ ٻئي مٿان مورچابند ٿي جديد هٿيارن سان فائرنگ ڪري ڏني. فائرنگ جي نتيجي ۾ ضدو دوداڻي جي ڌر جو هڪ ڄڻو بخشلي دوداڻي موقعي تي قتل ٿي ويو، جڏهن ته رتو دوداڻي جي ڌر جا ٻن عورتن پرويزان زال سوڍو دوداڻي، عزت خاتون، ارشاد پٽ رتو دوداڻي ۽ سوڍو پٽ رتو دوداڻي موقعي تي گوليون لڳڻ سبب قتل ٿي ويا آهن. جڏهن ته رتو دوداڻي ۽ مائي سردار خاتون زخمي ٿي پيا آهن. ٻنهي ڌرين وچ ۾ ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين فائرنگ جاري رهي. فائرنگ سبب علائقو جنگ جو ميدان بڻجي ويو ۽ علائقي ۾ شديد فائرنگ سبب ڀرپاسي جا ڳوٺاڻا گهرن تائين محدود ٿي ويا. مارجي ويلن جا لاش چئن ڪلاڪن تائين نٽهڻ اس ۾ پيل رهيا جنهن کانپو ڀرپاسي جي ڳوٺاڻن پاڪ ڪتاب کڻي ٻنهي ڌرين ۾ ٿيل جهيڙي کي ٽاري ڇڏيو. لاش رڪشا ۽ گاڏين ذريعي خانپور اسپتال پهچايا ويا، جتي پوليس پهچي لاشن جو پوسٽ مارٽم ڪرائڻ کان پو لاش وارثن حوالي ڪري ڇڏيا آهن. آخري اطلاعن تائين ڌريون مورچابند رهيون. جڏهن ته پوليس ڪچي جو علائقو هجڻ ڪري ڌرين ۾ ٿيل جهيڙي کي روڪڻ ۾ ناڪام نظر آئي. ياد رهي ته هڪ سال اڳ رتو دوداڻي پنهنجي گهرواري راڻي خاتون کي پنهنجي سئوٽ جي پٽ رحمت دوداڻي سان ڪارنهن جو الزام مڙهي پنهنجي گهرواري ۽ رحمت کي ڪلاشنڪوف جا برسٽ هڻي قتل ڪري ڇڏيو هو، جنهن کانپو ٻنهي ڌرين ۾ جهيڙو هلندڙ آهي.
سنڌ ۾ جتي به سرداري ۽ قبائلي نظام زور آهي، اتي ڪارنهن الزام ۾ عورتن ۽ مردن جو مرڻ عام جام آهي. ان کانسواءِ اتان جي امن کي مڪمل تباهه ڪيو ويو آهي. جيستائين بااثر سردارن خلاف ڪارروائي نٿي ڪئي وڃي ۽ انهن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ نٿو آندو وڃي، تيستائين اهو سلسلو جاري رهندو. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ڪارنهن جا ڪوڙا الزام هڻي ڌرين کي پاڻ ۾ ويڙهائڻ جو سلسلو بند ڪيو وڃي ۽ بااثرن سردارن خلاف قانوني ڪارروائي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button