لاهور هڪ لحاظ کان ٻاهرين حمله آورن لا هڪ اهڙو شهر آهي جتي هو ڪجھه وقت ساهي پٽي پو دهلي لا روانا ٿيندا هئا. اهو دنيا جي انهن ڪجھه شهرن ۾ شامل آهي جيڪي مختلف آزمائشن، ڪاهن، قتل عام ۽ ڦرمار کانپو به هزارين سالن کان آباد آهن. ان عرصي ۾ شهر ۽ ان جي ماڻهن متعلق گھڻن قصن ڪهاڻين جنم ورتو آهي. قصي لاهور ڪي مجيد شيخ جو لکيل ڪتاب آهي. اهي ليکڪ جا انگريزي ۾ لکيل ڪالم هئا جيڪي مختلف اخبارن ۾ شائع ٿيا هئا ۽ انهن کي سهيڙي ڪتابي صورت ۾ آندو ويو هو. پو انهن کي اڙدو ۾ ترجمو ڪري ڪتابي صورت ۾ آندو ويو.
هتي ٻڌ مت جي پيروڪارن ۽ هندن جي گھڻائي هئي. اشوڪ ۽ چندر گپت موريا وغيره گھڻي عرصي تائين شهر جا حڪمران رهيا. مختلف مذهبن جا ماڻهو هتي ورهاڱي ٿيڻ تائين گڏجي رهندا هئا. پراڻي شهر ۾ گھڻا اهڙا علائقا آهن جيڪي شهر جي قدامت جو ڏس ڏين ٿا
شهر جي نالي لا چيو وڃي ٿو ته اهو سيتا ۽ رام جي پٽ لاهو جي نالي پويان رکيل آهي. سيتا ڏيهه نيڪالي ملڻ کانپو هتي اچي رهي هئي. شهر جي ترقي ۽ تاريخ ۾ راوي جو هڪ اهم ڪردار رهيو آهي. گھڻن ماڻهن جو اهو خيال رهيو آهي ته هن دريا ۾ خزانا دفن آهن. ان جو ڪارڻ هو اهو ٻڌائين ٿا ته جڏهين ٻاهرين ڪاهه ڪندڙن کان بچڻ لا ماڻهو شهر ڇڏي ڀڄندا هئا ته اهي پنهنجا زيور ۽ مال متاع دريا ۾ اڇلائي ڇڏيندا هئا. ان سلسلي ۾ گھڻن ماڻهن ڪوششون ڪيون آهن. پر هاڻي ته سنڌ طاس ٺاهه کانپو دريا ئي ختم ٿي ويو آهي.
داتا گنج بخش ته شهر جي سڃاڻپ آهي. هتي هر قسم جو ماڻهو اچي ٿو. لنگر هلندو رهي ٿو ۽ ماڻهن کي هر وقت کاڌو ملي ٿو. ليکڪ جو چوڻ آهي ته هڪ صحافي جي طور هن مزار جي ڀرپاسي هڪ اهڙي جا جو پتو لڳايو جتي جيب ڪترن کي تربيت ڏني ويندي هئي پر ان تي ڪو قدم نه کنيو ويو. شهر ۾ ٻيون جيڪي درگاهون آهن انهن ۾ اهم بيبي پاڪدامن جي درگاهه آهي جتي ڇهه بيبيون دفن آهن. اهي هزار سال کان وڌيڪ عرصي جون آهن ۽ چيو وڃي ٿو ته داتا گنج بخش هتي هر جمعي جي رات فاتحه پڙهڻ ايندا هئا. ڪن جو خيال آهي ته هتي حضرت علي جي ڌي بيبي رقيه ۽ ٻيون بيبيون دفن آهن پر ڪي ٻيا ان سان اختلاف ڪن ٿا. هڪ گھوڙن واري پير جو ذڪر ڪيو وڃي ٿو. اهو ٻالڪ هو جنهن کي گھوڙا پسند هئا ۽ هو زبان مان جيڪو گفتو چوندو هو سو پورو ٿيندو هو.
لاهور جي تاريخ ۾ هيستائين ويهه وڏا ڏڪار اچي چڪا آهن. هر سو سال ۾ هڪ ڏڪار جي اوسط آهي. انهن مان ڪي ايتري قدر شديد هوندا هئا جو ماڻهو آدم خور ٿي پوندا هئا.
رنجيت سنگھه کان اڳ لاهور تي ٽن سکن جي حڪومت هئي. انهن کي ان ڪري ڀنگي چيو ويندو هو ته اهي هروقت ڀنگ جي نشي ۾ هوندا هئا جڏهين ته حڪومت جو ڪاروبار سندن ڪارندا هلائيندا هئا. ماڻهن تي ڏاڍ ۽ ظلم وسيلي انهن وڏي دولت ڪٺي ڪئي هئي. انهن جي اقتدار کي ختم ڪرڻ ۾ رنجيت سنگھه اهم ڪردار ادا ڪيو.
رنجيت سنگھه شراب، عورتن ۽ گھوڙن وغيره جو شوقين هو. ان مقصد لا هن هڪ حرم قائم ڪيو هو جتي مختلف قسم جون سهڻيون عورتون رکيون وينديون هيون. انهن عورتن ۾ بشيران نالي هڪ نهايت سهڻي عورت هوندي هئي جنهن کي رنجيت سنگهھ گھڻو پسند ڪندو هو ۽ ٻين وٽ به ان جي هاڪ هوندي هئي. اها عورت بلو جي نالي سان ڄاتي ويندي هئي. هاڻي جيڪڏهين ابرارالحق پنهنجي گاني ۾ بلو جي گھر وڃڻ جي ڳالهه ڪري ٿو ته هڪ لحاظ کان ڄڻ هو هڪ وساريل تاريخي باب ڏانهن اشارو ڪري ٿو.
ليکڪ لاهور جي هڪ فوٽو گرافر ايف اي چوڌري جو ذڪر ڪيو آهي جيڪو سول اينڊ ملٽري گزيٽ لا ڪم ڪندو هو. ڪنهن تقريب ۾ جتي ٻيا فوٽو گرافر پورو رول ختم ڪندا هئا اتي هو بس هڪ فوٽو ڪڍي اچي پنهنجي ڪرسي تي ويهي رهندو هو. ليکڪ جو پي ان اخبار جو ايڊيٽر هو جنهن کي دل جي دوري کانپو مالڪن نوڪري مان ڪڍي ڇڏيو هو. ان وقت ايف اي چوڌري سندس نوڪري تي بحالي لا ڪوششون ورتيون هيون.
ليکڪ شهر جي ماضي ۽ حال جي حوالي سان گھڻن پاسن کي ڇهيو آهي جيڪي پڙهندڙ لا ساڳي وقت معلومات ۽ دلچسپي جو باعث آهن.