شوبز

راکي ساونت جي هراسمينٽ واري الزام مان ميڪا سنگهه 17 سالن بعد آجو

ڀارتي ڊانسر ۽ اداڪارا راکي ساونت جي لڳايل هراسمينٽ واري الزام مان مشهور راڳي ميڪا سنگهه 17 سالن بعد آجو ٿي ويو آهي. ميڊيا مطابق ممبئي هائي ڪورٽ ڊانسر راکي پاران راڳي ميڪا سنگهه تي داخل ڪيس ختم ڪرڻ جو فيصلو ڏنو آهي، جنهن بعد ميڪا سنگهه سک جو ساهه کنيو آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تھ ميڪا سنگهه پاران 2006ع ۾ پنهنجي سالگراهه تي راکي ساونت کي هراسان ڪرڻ جو واقعو ٿيو هو، جنهن بعد راکي سانوت ممبئي پوليس وٽ هراسمينٽ جو ڪيس داخل ڪرايو هو، جنهن ۾ ميڪا سنگهه کي پوليس گرفتار بھ ڪيو، جيڪو بعد ۾ ضمانت تي آزاد ٿيو هو. ٻڌايو وڃي ٿو تھ عدالت ۾ راکي ۽ ميڪا سنگهه معاملو غلط فهمي سبب ٿيڻ جو حلف نامو ڏئي ڪيس ختم ڪرايو آهي، راکي ساونت حلف نامي ۾ چيو آهي تھ ميڪا سنگهه سان غلط فهمي جي بنياد تي معاملو ٿيو، جيڪو هاڻ ختم ٿي ويو آهي

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button