پاڻ جڏهن هي سٽون لکي رهيا آهيون ته سنڌ جي لاڙ جا ماڻهو سامونڊي طوفان جي پيڙا ڀوڳيندي پنهنجن ڳوٺن ۽ وسندين کي الوداع چوندي سنڌ حڪومت جي طرفان قائم ڪيل انهن رليف ڪيمپن ۾ پهچايا ويا آهن جتي حسب معمول غريب ماڻهن کي جانورن جي واڙن جيان واڙيو ويندو آهي پوءِ کاڌي جي لاءِ هڪ طرف انبوھه ته ٻئي طرف قطارون نظر اچڻ شروع ٿينديون آهن سياستدانن ۽ چونڊيل نمائندن خاص ڪري حڪمران پارٽي جا جيالا ڪامورن کي ڀر ۾ بيهاري ان پيڙا ۾ ڀوڳيل ماڻهن جي ڀر ۾ بيهي فوٽو سيشن ڪرائيندا آهن ۽ هاڻي به ڪرائي رهيا آهن.
ٻڌايو ٿو وڃي ته 82 هزار کان وڌيڪ متاثر علائقن (طوفان جي زد ۾ ايندڙ علائقا) جي ماڻهن کي گھرن کان ٻاهر ڪڍيو ويو آهي يعني انهن کي ريسڪيو ڪيو ويو آهي. ڪجھه ڏينهن کان پوءِ اها خبر پوندي ته ڪيترو فنڊ رليز ٿيو، ماڻهن کي ڇا مليو ۽ بعد ۾ ڪيترا ماڻهون واپس پنهنجي اباڻن ڪکن ۾ پهچايا ويا يعني انهن کي پهچائڻ جي سهولت ڏني وئي.
2022 جي برساتي ٻوڏ جنهن گھڻي ڀاڱي سنڌ کي برباد ڪيو ۽ ان جي خوفناڪ تباهي سڄي اتر سنڌ جي بيلٽ ڀوڳي سنڌ سرڪار اهوئي چوندي رهي ۽ ورجائيندي رهي ته متاثرن جي ڀرپور مدد ڪري رهيا آهيون پر هن وقت تائين انهن جي ڪيتري مدد ٿي سگھي آهي سنڌ سرڪار ۽ پ پ پ جو اهو عمل اسان سڀني جي اڳيان لکيل ڪتاب جيان آهي جو اجڙيل گھر ۽ ڳوٺ ائين جو ائين ويران آهن مني لک جي جيڪا مدد ڪئي وئي ڪيترن ۽ ڪنهن جي ڪنهن جي ٿي ڪهڙا بينيفشري ٿيا سنڌ جو عوام انهن انگن کان هن وقت تائين بيخبر آهي.
هي سامونڊي طوفان شايد ايترو نقصان نه پهچائي جيترو 1999 جي طوفان پهچايو هو ڇو ته هن طوفان جو هاڻي ٽارگيٽ گجرات جو بيلٽ رهيو جيڪو ڪنهن هڪ پوائنٽ تي هٽ ڪرڻ جي بجاءِ ڪجھه ڦهلجي ويو پر جيڪي گھر ۽ دربدر ماڻهو ٿيا آهن انهن جو نقصان ۽ دربدرائي جو نقصان ڪيترو ٿيو آهي انهي جو ڪاٿو ڪرڻ مشڪل ناهي. ٻئي طرف سنڌ سرڪار لوڪل باڊي جي ميئر ۽ چيئرمنن جي ڪاميابي جو جشن پوري زور ۽ شور سان ملهائي رهي آهي ۽ گڏوگڏ اهو به تاثر ڏئي رهي آهي ته هن ڪراچي جي ميئرشپ حاصل ڪرڻ جي ڪاميابي ماڻيندي جماعت اسلامي جي اميدوار کي شڪست ڏني آهي. پي ٽي آءِ جي بربادي جو فائدو کڻندي پ پ پ جيڪو به بيانيو ٺاهي اها سندس مرضي پر هن ملڪ جي اقتدار پرست اشرافيا ڪلاس جمهوريت سان جيڪا ويڌن وقتن به وقتن ڪئي آهي اها ڪنهن کان ڳجھي ناهي.
پ پ پ جي قيادت بلاول ڀٽو ۽ آصف زرداري ڪراچي جي ڪاميابي تي جيالن کي مبارڪون ڏنيون آهن پر هن جھرندڙ سنڌ جي درد ۾ شامل ٿيڻ جي لاءِ پنهنجي جيالن کي اهو نه چيو ويو آهي ته هو هن جشن کي سادي طريقي سان ملهائيندي لاڙ جي متاثرن جي لاءِ سڀ گڏجي ڪري مدد ڪن ۽ اتي وڃن اسان هي به ڏسون پيا ته سنڌ جو ساحلي علائقو هڪ طرف ڊيفينس، غذري ۽ ڪلفٽن محلاتن جي دنيا آهي ته ٻئي طرف پورهيت مسڪين ۽ مهاڻا ڪکائن جھوپڙين ۾ رهندي ٻه وقت جي ويلي کائڻ جي لاءِ پريشان ۽ دربدر هوندا آهن.
امير سنڌ جو غريب ماڻهو هاڻي غربت کان به هيٺ ڪرندڙ زندگي گذاري رهيو آهي سمنڊ جي ويرن کي ۽ لهرن کي ڪنٽرول ۾ رکڻ جي لاءِ جيڪڏهن هڪ مضبوط بند ساحل جي پوري پٽي سان جڙايو ويو هجي ها ته خطري جي اها شدت عوام محسوس نه ڪري ها.
اقتدار پرست شاطر ٽولا پنهنجا سياسي ميلا سجائي رهيا آهن هڪ طرف ڪاميابي جا جشن ته ٻئي طرف ناڪامين تي احتجاج ليڪن عذابن ۽ مصيبتن ۾ ڀوڳيندڙ سنڌ مسلسل پنهنجي پيڙا ۾ ڀوڳي به رهي آهي ته جھري به رهي آهي قومن جي ارتقا زوالن کان ڪمال جي طرف ٿئي ٿي پر سنڌ اهڙي سياسي ڪُنن ۾ ڦاٿل آهي جيڪي لمحي لاءِ ڦاٿل سنڌ کي ڦيراٽين ۾ مٿي کڻي وري پاتال ۾ ڦٽي ڪن ٿا ۽ اها ڀوڳنا هلندي ٿي رهي آفتون ۽ مصيبتون رڳو گذرن نٿيون پر سنڌ کي غرق ڪنديون وڌن ٿيون. هي به سنڌ جي تاريخ آهي ته هڪ طرف سنڌ جو عوام آفتن جي عذابن ۾ ذلتون پيو ڀوڳي ته ٻئي طرف حڪومتي حڪمران پنهنجي سياسي ڪاميابن جا جشن پيا ملهائن.