توڙي جو ڪراچيءَ ۾ مڪاني چونڊن جو عمل دير جو شڪار ٿيو، پر آخرڪار مڪمل ٿي ويو. ان سان پيپلز پارٽي ۽ جماعت اسلاميءَ جي سرد جنگ به رهي، پر جيئن ته پ پ حڪمران پارٽي آهي، ان ڪري ان کي انتظامي طور فائدو آهي ته اها بهتر انداز ۾ اثرانداز ٿي سگهي. ٻي ڳالهه ته سنگل پارٽي طور به پ پ سڀني کان وڌيڪ سيٽون کڻي ايوان ۾ آئي. جماعت اسلامي ۽ پيپلز پارٽي ڪراچي شهر ۾ ان کان اڳ به گڏيل حڪومت ڪندا رهيا آهن، پر هن ڀيري جماعت اسلامي، پنهنجي روايتن جي لتاڙ ڪندي نفرت جي سياست کي عام ڪيو، ان تي افسوس ئي ڪري سگهجي ٿو. ايم ڪيو ايم، پي ٽي آءِ ۽ جماعت اسلاميءَ جو هي پراڻو رويو آهي ۽ ان جو اظهار مڪاني چونڊن دوران واضح طور سامهون آيو ته جيڪڏهن پ پ جو ميئر آيو ته اهو وڏيرو هوندو ۽ ڪراچيءَ ۾ سنڌ جي ڪنهن ٻئي شهر جي ڪنهن به اميدوار کي قبول نه ڪيو ويندو. هي رويو ملير جي بلوچن ۾ به عام آهي، اهي ڪراچيءَ جو ڊوميسائل رکندڙن کي ڇڏي، باقي سمورن سنڌ واسين کي ڌاريو سمجهن ٿا. ان رويي جي جيتري مذمت ڪجي گهٽ آهي. هن ڀيري جماعت اسلاميءَ جي اڳواڻ حافظ نعيم الرحمان هڪ نه پر ڪيترائي ڀيرا چيو ته ڪراچيءَ کي وڏيري جي اوطاق ٿيڻ نه ڏبي.
هڪ طرف هي چيو وڃي ٿو ته يونيورسل رائيٽس ۽ ملڪي قانون تحت ڪوبه شهري ملڪ جي ڪنهن به شهر ۾ چونڊ وڙهي سگهي ٿو، ملڪيت خريد ڪري سگهي ٿو، پر جڏهن ڳالهه ڪراچيءَ جي اچي ٿي ته ٻٽو معيار اختيار ڪيو وڃي ٿو. ڪراچي، سنڌ جي گاديءَ جو شهر آهي، ان تي سنڌين کان وڌيڪ ڪنهن جو حق ٿي سگهي ٿو؟ ان حقيقت کان به انڪار ڪري نٿو سگهجي ته جڏهن به جماعت اسلاميءَ جو ميئر يا ناظم آيو ته اهو فوجي آمرن جو دور هو، فوجي آمرن ئي مڪاني نظام کي پنهنجن مفادن لاءِ استعمال ڪيو. پر جنرل ضياءَ جي ڏينهن ۾ جڏهن عبدالستار افغاني ميئر هو ته ڊپٽي ميئر پيپلز پارٽيءَ جو هو. هن ڀيري به پيپلز پارٽي، جماعت اسلاميءَ جي ميئر جي اميدوار کي آڇ ڪئي ته هو ڊپٽي ميئر ٿي وڃي، پر انهن انڪار ڪيو. اها ڳالهه سياسي ميچوئرٽيءَ جي آهي ته جيڪڏهن مرتضيٰ وهاب ميئر ۽ حافظ نعيم رحمان ڊپٽي ميئر ٿئي ها ته ان سان ڪراچي واسين کي وڌيڪ فائدو ٿئي ها. جيڪڏهن جماعت اسلامي، پي ٽي آءِ جي پٺيان ڊوڙڻ بدران وڏي سياسي پارٽيءَ سان اتحاد ڪري ها ته اهو وڌيڪ بهتر ٿئي ها. ان کان اڳ ۾ نعمت الله خان ناظم اعليٰ هو، پر طارق حسن ڊپٽي ميئر هو ۽ هن جو واسطو (ق) ليگ سان هو. هن شهر ۾ ائين ٿيندو رهيو آهي، هي به ٿيو آهي ته پيپلز پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم گڏيل حڪومتون ٺاهيندا رهيا. ايم ڪيو ايم جي گورنر تي تمام گهڻا اعتراض آيا، پر آخرڪار ان کي قبول ڪيو ويو، جيتوڻيڪ آئين يا قانون ۾ اهڙي ڪابه ڳالهه ناهي ته جيڪڏهن سنڌ جو وڏو وزير سنڌي ڳالهائيندڙ هوندو ته اردو ڳالهائيندڙ گورنر ٿيندو. پر سنڌ ۾ سرچاءُ وارو ماحول برقرار رکڻ لاءِ سنڌي ۽ اردو ڳالهائيندڙ حڪمرانيءَ جي ڪرسيءَ تي ويٺا آهن.
جيڪڏهن ميئر جي چونڊ دوران انگن اکرن تي نظر ڊوڙائي وڃي ته پيپلز پارٽيءَ جون 155، جماعت اسلاميءَ جون 130، پي ٽي آءِ جون 62، (ن) ليگ جون 14، جي يو آءِ جون 4 ۽ تحريڪ لبيڪ جي هڪ سيٽ هئي. پيپلز پارٽيءَ کي (ن) ليگ ۽ جي يو آءِ ۽ جماعت اسلاميءَ کي تحريڪ انصاف جي ميمبرن جي حمايت حاصل هئي. اهڙي ريت پ پ ۽ اتحادي ميمبرن جو انگ 173 ۽ جماعت اسلامي ۽ پي ٽي آءِ جا 192 ميمبر هئا. پي ٽي آءِ جي 30 ميمبرن جماعت اسلاميءَ جي حمايت کان انڪار ڪندي ووٽ جو حق استعمال نه ڪيو. ووٽ نه وجهڻ واري معاملي کي ٻن طريقن سان ڏٺو وڃي ٿو، هڪ هي ته پي ٽي آءِ سموري ملڪ ۾ وکري وئي آهي. ان ڪري ڪراچيءَ جا ٻه اهم عهديدار زيدي ۽ اڳوڻو گورنر پارٽي ڇڏي چڪا آهن، ان سان گڏ ٻين به ڪيترن ئي اڳواڻن پي ٽي آءِ کي الوداع چيو. جماعت اسلاميءَ جي پنهنجي سياسي ڪيمسٽري به نه رهي آهي ته اها ڪا جمهوري پارٽي رهي هجي يا جمهوري دور ۾ ووٽ کڻي پارليامينٽ ۾ پهتي هجي. هي پارٽي ته جي يو آءِ فضل الرحمان جيتري به نه رهي آهي. ڪراچيءَ جي سموري تاريخ ۾ اها اڪيلي سر وڏي سياسي ڌر نه رهي آهي. هينئر ته ان جون پاليسيون واڳ ڌڻين پاران عاق ڪيل ايم ڪيو ايم ۽ پي ٽي آءِ جهڙيون آهن، جن کي ڪوبه قبول ڪرڻ لاءِ تيار ناهي.
ڪراچيءَ ۾ ميئر جي چونڊ دوران جيڪي ڪجهه ٿيو، ان کان هٽي سمجهڻ گهرجي ته مرتضيٰ وهاب ميئر لاءِ ڪا خراب چوائس ناهي. هن ايڊمنسٽريٽر طور جيڪي ڪم ڪيا، ان جي سندس مخالف به واکاڻ ڪن ٿا. جيڪڏهن مثبت طريقي سان ڏٺو وڃي ته سياسي طور مرتضيٰ وهاب جو واسطو، ڀلي پيپلز پارٽيءَ سان هجي ۽ هن جي ميئر ٿيڻ سان پيپلز پارٽيءَ کي سياسي فائدو به ٿيندو، پر جيئن ته سنڌ حڪومت ۽ شهري حڪومت هڪ پيج تي هوندي، ان ڪري مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ مدد ملندي. شهر جا اهي علائقا جيڪي عام طور قديم وسنديون آهن، اهي ڊگهي عرصي کان بنيادي سهولتن کان محروم رهيون آهن، انهن کي به رليف ملندو. ان سان گڏ شهر جا ادارا، جن تي قبضي ڪرڻ لاءِ ايم ڪيو ايم جي دور ۾ گهڻيون ئي ڪوششون ڪيون ويون، هاڻ اڻ اعلانيل طور ميئر جي ڪنٽرول ۾ هوندا، جنهن تي صوبائي حڪومت کي گهڻا اعتراض نه هوندا. موجوده ميئر شهر جون اهي اسڪيمون جيڪي سياسي اختلافن جي ڪري رولڙي جو شڪار هيون، انهن تي به ڪم ٿيندو. جيڪڏهن پيپلز پارٽيءَ جي سياست کي ڏٺو وڃي ته اها ڪيترن ئي ڏهاڪن کانپوءِ هن شهر ۾ واپس ٿي آهي. ان سان سنڌ کي به گهڻو فائدو ٿيندو. ماضي ۾ جيڪي سازشون ٿينديون رهيون آهن، انهن کي به ٻنجو ڏئي سگهبو. مالي لحاظ کان ڪراچي انتهائي شاهوڪار شهر آهي، ان ڪري اهي جن جون 20 ئي آڱريون گيهه ۾ هيون، انهن کي پريشاني ضرور ٿيندي. جيڪڏهن مرتضيٰ وهاب شهر جي وڏين مافيائن کي حدن ۾ رکڻ ۾ ڪامياب ٿيو ته شهرين کي تمام گهڻو فائدو ٿيندو ۽ شهرين جا وسيلا به انهن تي خرچ ٿي سگهن ٿا.