پاڪستاني اداڪارا عليزي شاهه انڪشاف ڪيو آهي تھ فلم ۾ ڊانس ۽ ڪم ڪرڻ لاءِ اڃا عمر ناهي ٿي. ميڊيا کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ هن ٻڌايو تھ انٽرويو ڏيڻ وقت پريشان ٿي ويندي آهيان، ڇوتھ اتي پاڻ کي پيش ڪرڻو هجي ٿو ۽ اهو ڏکيو ڪم آهي. هن چيو تھ ڊانس جو شوق آهي، ننڍي عمر سبب والدين فلمن ۾ ڊانس ڪرڻ کان روڪين ٿا، ان لاءِ اڃا سڄي زندگي پئي آهي. هن ٻڌايو تھ فلم سپر اسٽار ۾ ڪم وقت منهنجي عمر 16 سال هئي، ان لاءِ مومنا دريد راضي ڪيو هو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close