شوبز

پيسا ٻيڻا ڪري ڏيندڙ بروڪر سان شادي ڪيم: ناديا حسين

پاڪستان جي مشهور ماڊل ۽ بيوٽيشن ناديا حسين انڪشاف ڪيو آهي تھ پيسا ٻيڻا ڪري ڏيندڙ بروڪر سان شادي ڪئي آهي. ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ميزبان جي سوالن جا جواب ڏيندي ناديا حسين جو چوڻ هو تھ ماضي ۾ اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ سيڙپڪاري ڪئي، جنهن دوران هڪ بروڪر پيسا ٻيڻا ڪري ڏنا، جنهن تي مون کي ان ئي بروڪر سان پيار ٿي ويو، جيڪو هاڻ اهو منهنجو مڙس ۽ ساٿي آهي. هن ٻڌايو تھ حقيقت ۾ مون بروڪر کي چيلنج ڏنو هو تھ پيسا ٻيڻا ڪيا تھ توکي ڊنر تي وٺي هلنديس، هاڻ اها خبر ناهي تھ منهنجا پيسا ٻيڻا ٿيا يا هن شادي خاطر پنهنجا پيسا ملائي ڏنا، اڄ تائين اها ڳالهه نٿو ٻڌائي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button