ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سوشلسٽ رخ ۽ ترقيءَ جي غيرسرمائيداراڻي واٽ-II

Editorial=Article- Yameen Jatoi

استاروشينڪو/يامين جتوئي
“سوشلسٽ رخ” جي اصطلاح کي ڪميونسٽ پارٽين ۽ انقلابي جمهوري پارٽين جي دستاويزن ۾ سرڪاري طور “ترقيءَ جي غيرسرمائيداراڻي واٽ” جي مترادف طور تسليم ڪيو ويو آهي. اهو اصطلاح ڪميونسٽ ۽ مزدور پارٽين جي 1969 ۾ ٿيل اجلاس ۾ به استعمال ڪيو ويو. اجلاس جي اصل دستاويز ۾ چيو ويو آهي: “ڪجهه نون آزاد ٿيل ملڪن غيرسرمائيداراڻي واٽ ورتي آهي اها هڪ اهڙي واٽ آهي جيڪا بيٺڪي ماضيءَ کان ورثي ۾ ملندڙ پسماندگيءَ کي ڪنٽرول ڪرڻ جا امڪان چٽا ڪري ٿي ۽ سوشلسٽ ترقيءَ جي واٽ تي اڳتي وڌڻ جا امڪان پيدا ڪري ٿي. انهن ملڪن ۾ سوشلسٽ رخ وڏين ڏکيائين ۽ آزمائشن تي ضابطو آڻيندي مقبوليت حاصل ڪري رهيو آهي. انهن رياستن سامراج ۽ نئين بيٺڪيت خلاف هڪ پرعزم جدوجهد شروع ڪري ڇڏي آهي.”
“سوشلسٽ رخ” جو اصطلاح نون آزاد ٿيل ملڪن ۾ جاري عمل جي درست عڪاسي ڪري ٿو ۽ عوام کي صحيح رخ ڏيکارڻ ۾ مدد ڪري ٿو. آفريڪي ۽ ايشيائي ملڪن ۾ ڪيترين ئي انقلابي جمهوري پارٽين ۽ ليڊرن ان کي سمجهيو آهي ۽ ان جي حمايت ڪري رهيا آهن. هاڻي ان کي گڏيل قومن جي ڪاغذن تي گڏوگڏ مارڪسي پروپئگنڊا ۽ سائنٽيفڪ لٽريچر ۾ (“ترقيءَ جي غيرسرمائيداراڻي واٽ” سان گڏگڏ) ان کي وڏي پئماني تي استعمال ڪيو پيو وڃي.
ڪڏهن ڪڏهن سائنٽفڪ ۽ پروپئگنڊا لکڻين جا ڪجهه ليکڪ “ترقيءَ جي غيرسرمائيداراڻي واٽ” ۽ “سوشلسٽ رخ” جي اصطلاحن جي تشريح پاڻ پنهنجي طور ڪن ٿا ۽ انهن کي هڪٻئي کان مختلف قرار ڏيڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. ان جو هڪ سبب اها حقيقت آهي ته مختلف ملڪن ۾ (مثال طور سوويت وچ ايشيا، الجزائر ۾ ۽ انگولا ۾) سوشلزم کان اڳ واري ترقي جي شرح ۽ نوعيت ۾ فرق موجود آهي. تڏهن به، هر هڪ ملڪ لاءِ ڌار ڌار اصطلاح جوڙڻ جي ضرورت ناهي. ان ڏس ۾ رياست جي ڪردار جي نشاندهي ۽ وضاحت ئي ڪافي آهي، جنهن جي ڍانچي هيٺ غيرسرمائداراڻي ترقي (سوشلسٽ رخ) کي عمل ۾ آندو وڃي ٿو. ڄاڻايل مثال ۾ پهرين يعني وچ ايشيا ۾ غيرسرمائيداراڻي ترقيءَ جو عمل هڪ سوشلسٽ رياست جي ڍانچي تحت مڪمل ٿيو جڏهن ته ٻئي ملڪ يعني الجزائر ۾ هڪ قومي جمهوري رياست ۽ ٽين ملڪ يعني انگولا ۾ عوامي جمهوري رياست جي ڍانچي تحت ان جو سلسلو جاري آهي. رياست ۽ ان جي حڪمران پارٽي (يا پارٽين) جو ڪردار مزاج ۽ تبديلين جي عمل تي زبردست اثر وجهي ٿو. اهڙيءَ ريت هڪ سوشلسٽ رياست ۾ اهو ضروري ناهي ته عام جمهوري تبديليون سوشلسٽ تبديلين کان اڳ ۾ ظاهر ٿين يعني انهن جو زمانو هڪ ئي هوندو آهي. انهن ملڪن ۾ اهو عمل نسبتن وڌيڪ تبديل نٿي سگهڻ جوڳو هوندو آهي (اتي سرمائيداريءَ جي بحاليءَ جا امڪان تمام گهٽ هوندا آهن.)
مٿي جيڪي ڪجهه چيو ويو آهي اهو اهو ڏيکاري ٿو ته “ترقيءَ جي غيرسرمائيداراڻي واٽ” ۽ “سوشلسٽ رخ” جا اصطلاح پنهنجي اصل ماخذ ۽ معنيٰ جي لحاظ کان برابر آهن جن ۾ انهن کي عام طور استعمال ڪيو وڃي ٿو. پهريون، يعني “ترقيءَ جي غيرسرمائيداراڻي واٽ” جو اصطلاح اڪثر سوشلسٽ ملڪن ۾ سوشلسٽ ترقيءَ کان اڳ واري مرحلي جي نشاندهي لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو (لائوس ان جو هڪ مثال آهي) جڏهن ته ٻيو، يعني “سوشلسٽ رخ” جي اصطلاح جي ذريعي انهن اسرندڙ ملڪن ۾ اسان جي انهي نوعيت جي عمل جي نشاندهي ڪئي وڃي ٿي جتي غيرڪنٽرول ٿيل سرمائيداراڻي ترقيءَ جو سلسلو قومي (عوامي) جمهوري رياست جي ذريعي محدود ڪيو ويو آهي.
)پورو ٿيو)

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button