ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

وائيس چانسلرن جو عجب ۾ وجهندڙ مطالبو

Editorial-Article-Dastgir Bhatti

گذريل خميس تي سمورين اخبارن ۾ ٻه اھڙيون ته ڇرڪائيندڙ خبرون شايع ٿيون آهن جن جو ماضيءَ واري تاريخ ۾ ڪوبه مثال نٿو ملي. انھن مان ھڪڙي خبر ۾ ملڪ جي وزير دفاع خواجه آصف جي قومي اسيمبليءَ ۾ ڪيل تقرير آھي جنھن ۾ ھن عدالتي سرشتي کي نندڻ سان گڏوگڏ پاڪستاني يونيورسٽين جي وائيس چانسلرن بابت تمام سخت منفي لفظن جو استعمال ڪيو آهي. خواجه آصف جيڪي لفظ چيا آهن آئون ھن ڪالم ۾ لکي نه ٿو سگهان پر انھن لفظن مان اعليٰ تعليمي ادارن ۽ درسگاهن ۾ ھلندڙ ڪرپشن ڏانهن اشارو ڪيو آھي. پنھنجي انھيءَ اشاري کي سگھه ڏيڻ واسطي هن عدليا تي اھا تنقيد ڪئي ته، “حڪومت جڏهن ڪنهن به وائيس چانسلر کي ھٽائڻ جو حڪم جاري ڪري ٿي ته اھي ججن جو در کڙڪائي انھيءَ حڪم خلاف منع نامو وٺي پنهنجي ڪرسين کي چنبڙي وڃن ٿا. انھيءَ ڪري اھو چوان ٿو ته ڪيئي جج صاحب رڳو ذاتي مفادن خاطر وائيس چانسلرن جي ڪرپشن ختم ڪرڻ ۾ ھاسيڪار رنڊڪون وجهي رهيا آهن”
وزير دفاع خواجه آصف اھو به چيو ته، “جيڪڏهن وائيس چانسلر پاڻ ڪرپشن ۾ مبتلا هجن ته پوءِ يونيورسٽين جي شاگردن کي به سيکاريندا.”
اخبارن ۾ ساڳئي ڏينهن شايع ٿيل اچرج ۾ وجهندڙ ٻي خبر ھيءُ آهي ته سنڌ جي 22 ئي يونيورسٽين جي وائيس چانسلرن وزير اعظم شھباز شريف کي پنھنجين درسگاهن جي مالي مسئلن بابت آگاهي ڏيڻ لاءِ ھڪ ليٽر اماڻيو آهي جنھن ۾ ھنن ڳڻتي ظاھر ڪندي لکيو آهي ته وفاقي ھائير ايجوڪيشن ڪميشن طرفان سندن ادارن کي ملندڙ سالياني بجيٽ بنھه گھٽ ھجڻ ڪري يونيورسٽين ۾ انتظامي ڪار وهنوار هلائڻ ڏاڍو ڏکيو ٿي ويو آهي. سنڌ جي 22 ئي وائيس چانسلرن پنھنجين صحيحن سان لکيل انھيءَ خط ۾ خاص ڪري نئين مالي سال/24-2023 ۾ HEC پاران ملندڙ رقم کي گھربل پئسن جي ڀيٽ ۾ انھيءَ ڪارڻ ناڪافي ڄاڻايو آهي جو خزاني جي وفاقي وزير تازو جاري ڪيل بجيٽ ۾ گريڊ 1 کان 22 گريڊ جي سرڪاري ملازمن جي ماھوار پگهارن ۽ پينشن ۾ جيڪو واڌارو ڪري ڇڏيو آھي، ان جي پورت ڪرڻ ممڪن ئي ڪونه ٿيندي.” تنھن ڪري لازمي آهي ته اسان جي ادارن کي وڌيڪ رقم ڏيڻ لاءِ وزير اعظم پاڻ ڪوشش ڪري. ھنن اھو به ڄاڻايو آهي ته وڌندڙ مھانگائي سبب يونيورسٽين جا ملازم اڳ ۾ ئي ڏکيائين کي منهن ڏيئي رهيا آهن. جيڪڏهن اوهان جي حڪم مطابق ھاڻوڪن پئسن منجهان سندن پگهارون وڌايون ٿا ته اسان جا ڪجھه ادارا ڊفالٽر ٿي ويندا.”
ليٽر ۾ وائيس چانسلرن ڏک ظاهر ڪيو آهي ته ھيڪ اختياري وارن بجيٽ کي 2018 کان 65 ارب روپين تائين محدود ڪري وڏي بيواجبي ڪئي آهي جنهن ڪري ھو ضروري سمجهن ٿا ته گڏيل مفادن واري قومي ڪائونسل ۽ نيشنل فنانس ڪميشن جي ترت گڏجاڻي گھرائي وڃي ته جيئن سنڌ جي اعليٰ تعليمي ادارن جا مسئلا نبيرڻ لاءِ فيصلا ڪري سگهجن.
منهنجي ھنن ٻنھي خبرن بابت ذاتي راءِ ھي آھي: هڪ ته خواجه آصف جھڙي ملڪ جي بچاءَ واري وزارت سنڀاليندڙ وفاقي وزير وائيس چانسلرن تي ڪرپشن جو الزام ھڻي اھو مڃي ورتو آهي ته تيرھن جماعتي سرڪار ملڪ مان ڪرپشن جي پاڙ پٽڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي تنهن ڪري پاڪستان جي 23 ڪروڙ انسانن جي قسمت جا فيصلا ڪندڙ مرڪزي ڪابينه جا سگھارا عھديدار يعني حڪمران پاڻ اعليٰ تعليمي ادارن جي برباديءَ جا ذميوار آهن؟ ٻي اھم ڳالھه ته يونيورسٽين جي سربراهن تي ٺلھو الزام ھڻڻ بدران خواجه آصف جيڪڏھن ڪرپشن ۾ ملوث وي سيز خلاف قومي اسيمبلي ۾ ثبوت پيش ڪري ھا ته دنيا ۾ سندس پنهنجي عزت ۽ وقار وڌي وڃي ھا. ھڪڙي وفاقي وزير جي واتان بنا ڪنهن ثبوت جي رومال ۾ ويڙهي ايڏو وڏو بھتان ھڻڻ ھرگز نه ٿو سونهين.
انھيءَ ڳالهھ ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته سنڌ جي گھڻين ئي يونيورسٽين ۾ اربين روپين جي اڏاوتي ڪمن لاءِ قانون قاعدي موجب ٽينڊر جاري ڪري سٺي ساک وارن ٺيڪيدارن کي ٺيڪا ڏيڻ بدران پنهنجن من پسند ماڻهن کي لڪ لڪوٽي ۾ ٺيڪا ڏيئي ڇڏڻ ايئن عام رواجي حقيقت بڻجي ويئي آهي جيئن سنڌ سرڪار جي ھرھڪ ڊپارٽمينٽ ۾ سالن کان ڌنڌو ڌاڙي ھلي پيو. ٻين سمورن سرڪاري کاتن جيان يونيورسٽين مان پڻ استادن ۽ ٻين ملازمن جي ڀرتيءَ مھل ميرٽ جي لتاڙ جون دانھون ٻڌڻ ۾ اينديون آهن.
تازن اطلاعن موجب وزير دفاع خواجه آصف وائيس چانسلرن خلاف ڳالهايل پنهنجن لفظن کي واپس وٺي، کانئن معافي گهري ورتي آهي. اھو ھڪ ڀلو فيصلو آهي. پر هن واقعي مان ملڪ جي حڪمرانن ۽ اعليٰ عھدن تي فائز وزيرن، ڪبيرن، مشيرن ۽ ڪامورن کي سبق پرائڻ گهرجي. سنڌ جي حڪمرانن کي خاص ڪري اھو نه وسارڻ کپي ته اسان جي مادر علمي سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ سندن حڪومت قائم ٿيڻ کان اڳ ۾ عالمي سطح جي دانشمند تعليمي ماهرن ۽ مدبرن کي وائيس چانسلر مقرر ڪيو ويندو ھو ته جيئن نئين ٽهيءَ جي پڙھندڙ جوانن جي شاندار تعليم ۽ تربيت ٿي سگهي. تاريخ شاهد آهي ته علامه آئي آئي قاضي صاحب کان وٺي اسان جيڪي اڪابر وائيس چانسلر مقرر ٿيندي ڏٺا تن ۾ تحقيقي دانشور پروفيسر الياس ابڙو، ڊاڪٽر غلام علي الانا، پروفيسر غلام مصطفيٰ شاهه، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، ڊاڪٽر رضي الدين احمد ۽ شيخ اياز جي پائي جا اسڪالر، علم ۽ ادب دوست دانشمند شامل ھئا. ھنن شخصيتن جي زندگيءَ جو مقصد ڌن دولت ميڙڻ بدران پنهنجن وطن واسين جو آئيندو سنوارڻ، سندن دلين ۾ عزت ۽ وقار ڀريل جاءِ جوڙڻ ھوندو ھو. حقيقت اها آهي ته جڏهن به ڪنهن سماج ۾ پڙھيل لکيل جاھلن کي حادثاتي نموني اختيار ملي ويندا آهن ته اهي معاشري کي به خود غرضي، لوڀ ۽ لالچ جو گس ڏيکارڻ جي مقصد سان ٻين پبلڪ ڊپارٽمينٽس وانگر مقدس درسگاهن ۾ به ميرٽ جي لتاڙ ڪندي سفارشي ڪلچر جو نيپاڄ ڪرڻ لڳندا آهن. نتيجي ۾ ٿورا گھڻا سڌريل سماج به پوئتي پئجي ويندا آهن ڇاڪاڻ ته خوشامدي ٽولن کي مزا ماڻڻ جا موقعا ملي ويندا آهن. ننڍڙي ذهن وارا ھلڪڙا ماڻهو ملڪ جي اھم عھدن تي والار ڪري وٺندا آهن ۽ معاشرو پستي جو شڪار ٿي پوندو آھي. شعور اجاڳر ڪندڙ آڱرين تي ڳڻڻ جيترن ڏاھن وطن دوستن تي چٿرون ڪري ۽ نوان نوان ڪوڙ گھڙي، اھي موقعي پرست شخص خدا جي خلق تائين شعور پھچائيندڙ سچن تخليقي قلمڪارن، اديبن ۽ شاعرن کي پوئتي ڌڪي پاڻ رڳو ذاتي فائدن جي باري ۾ سوچيندا آهن. انھيءَ ڪري ڏاڍي ھاڃيڪار بربادي چؤطرف پکڙجي وڃي ٿي ۽ جھالت جي اونداھيءَ ۾ اڳيون سوجھرو به دفن ٿيو وڃي.
جيئن پاڻ سالن کان سنڌ اندر ڏسون پيا ته عام مرد ۽ مائيون محنت ۽ پورھئو ڇڏي، پنڻ لاءِ قطارون ٺاهي بيھڻ ٿا. کين سواءِ ذلت جي ڪجھه به نصيب نٿو ٿئي. سڄي معاشري اندر بيروزگاري ۽ ڏوھن ۾ واڌارو ٿيڻ ڪري ترقيءَ بجاءِ تباھي خلق جو مقدر بڻجيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button