ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

پيپلز پارٽي ۽ (ن) ليگ ٻيهر آمهون سامهون

Editorial-Article-Allahbux Rathor

بلاول ڀٽو زرداري ۽ پ پ ايم اين ايز جي سوات ۽ قومي اسيمبليءَ ۾ تقريرن کي ٻڌڻ کانپوءِ ان نتيجي پهچي سگهجي ٿو ته موجوده اتحادي حڪومت مان جنهن به پارٽيءَ کي جيڪو ڪجهه حاصل ڪرڻو هو، اهو ان ڪري ورتو آهي ۽ هاڻ جيڪڏهن الڳ ٿيڻو آهي ته پوءِ عوام کي هي پيغام به ڏيڻو آهي ته اهي پنهنجي رضا خوشيءَ سان هڪ ٽيبل تي نه ويٺا، پر هي حالتن جو جبر هو ۽ انهن سڀني جو نشانو عمران خان هو، جيڪو هاڻ سياست ۾ گهڻو Relevant نه رهيو آهي يا وري کيس آهستي آهستي پاسيرو ڪيو پيو وڃي ته جيئن ملڪ ۾ نئول پوليٽيڪل آرڊر متعارف ڪرائي سگهجي. هينئر اقتدار جي ايوانن ۾ سياسي ڌرين جو ڪيترو اثر رسوخ آهي ۽ غيرسياسي ڌريون ڪيتريون سگهاريون آهن؟ هي سڀ ڪجهه اوپن سيڪريٽ آهي. هينئر تائين، عمران خان کي هٽائڻ ۽ زمان پارڪ تائين محدود ڪرڻ تائين جنهن پارٽيءَ کي جيڪو ڪردار ادا ڪرڻو هو ڪري ڇڏيو. سمورين پارٽين وڃائڻ بدران گهڻو ڪجهه حاصل ڪيو آهي، پر ان ويڙهه ۾ پ پ ۽ (ن) ليگ توڙي جو Unity of Opposites آهي، ان جي باوجود ٻنهي پارٽين جي اڪائونٽ ۾ گهڻو ڪجهه آيو آهي. ان ڪري ٻنهي پارٽين جو جيڪو مزاج رهيو آهي، ان مطابق سياست ڪنديون. اها ڳالهه هميشه بحران جي دور ۾ واضح ٿي سامهون آئي ته (ن) ليگ جي ڀيٽ ۾ پيپلز پارٽي Art of Possibilities جو فائدو وڌيڪ ورتو. (ن) ليگ ان معاملي تي گهڻي نماڻي آهي يا ايتري چالاڪ ناهي، جيڪا تيزيءَ سان موقف تبديل ڪري سگهي. هن لقاءُ جا ڪيترائي مثال موجود آهن، ان ڪري هي ٻئي پارٽيون ڪڏهن هڪٻئي جون مخالف ته ڪڏهن وري مجبوري وچان گڏ رهيون آهن.
ان حقيقت کان شايد ڪنهن کي انڪار هجي ته موجوده اتحادي حڪومت جو سهرو پيپلز پارٽيءَ جي شريڪ چيئرمين آصف زرداريءَ جي سر تي آهي. هن کي اسٽيبلشمنٽ سان ڊيل ڪرڻ جا گر به وڌيڪ اچن ٿا ۽ هو واڳ ڌڻين لاءِ سافٽ قوت طور رهيو آهي. ان ڪري هن کي ڪنهن به سياسي سوديبازي ڪرڻ ۾ ڪابه هٻڪ نه رهي آهي. هن ڊرائنگ روم سياست جا پتا، جنهن چالاڪيءَ سان استعمال ڪيا، اهي نواز شريف، شهباز شريف يا (ن) ليگ جو ڪو ٻيو اڳواڻ ڪري نٿا سگهن. آصف زرداري کي جوڙ توڙ ۽ مٺ ۽ پٺ جو به ماهر سمجهيو ويندو آهي، ان ڪري نواز شريف کي به هي ڊپ رهندو آهي ته ڪٿي آصف زرداري کيس وڪڻي نه اچي. هي حقيقت به آهي. ملڪ جي سياسي منظرنامي تي سڀني ڏٺو ته جنهن وقت عمران خان کي گهر موڪلڻ انتهائي مشڪل ڪم هو ته آصف زرداري ئي پاڻي ۾ پهريون پٿر اڇلايو. (ن) ليگ لڳاتار انڪار ڪندي رهي ۽ ان آخر ۾ هي شرط به رکيو ته عمران خان کي گهر موڪلڻ سان گڏ نيون چونڊون ڪرايون وينديون ته جيئن حڪومت جي ناڪامين کي چونڊ مهم لاءِ استعمال ڪري سگهجي. پر ائين به نه ٿيو. وزير اعظم جو عهدو هجي يا گهرو وزارت، آصف زرداري ئي (ن) ليگ مان نالا تجويز ڪيا. هن هي سڀ ڪجهه ان ڪري ڪيو ته جيئن (ن) ليگ جي اعتماد کي بحال ڪري سگهجي.
(ن) ليگ جي اندران به اهي آواز اچي رهيا آهن ته موجوده سيٽ اپ کي اڳتي وڌائجي يا وري نگران سيٽ اپ ٽن مهينن بدران ٻن سالن تائين جاري رکجي. هو سمجهن ٿا ته جيڪو ڪم موجوده اتحادي حڪومت نه ڪري سگهي، اهو نگران ڪندا، جنهن جو فائدو ميان نواز شريف کي ٿيندو. ان دوران ميان نواز شريف، صاف سٿرو ٿي، هڪ ڀيرو ٻيهر چوٿون ڀيرو وزير اعظم جي پوزيشن ۾ اچي ويندو. اها ڳالهه پيپلز پارٽيءَ کي منظور ناهي، اها سمجهي ٿي ته جن ڌرين سان هنن معاملا طئي ڪيا آهن، ڪٿي اهي پنهنجي ڳالهه تان ڦري نه وڃن. ان ڪري “چٽ مڱڻي، پٽ بياهه” جي چوڻي جيان جيترو جلد ٿي سگهي چونڊون ٿي وڃن.
هينئر آصف زرداري چاهي ٿو ته عام چونڊن ۾ پنجاب مان ايتريون سيٽون ملي وڃن جو جوڙ توڙ ڪري بلاول ڀٽو کي وزير اعظم بنائي سگهجي. پر وڏي صوبي مان پيپلز پارٽي جي قيادت کي گهربل موٽ نه ملي رهي آهي. جيڪڏهن پ پ گهربل حمايت حاصل نه ڪري سگهي ته پوءِ ان لاءِ (ن) ليگ ئي هوندي، جنهن سان گڏجي اتحادي حڪومت قائم ڪندي ۽ ائين موجوده سيٽ اپ ڄڻ جاري رهندو. هي به چيو پيو وڃي ته پنجاب ۾ اينٽي نواز ليگ ۽ پرو نواز ليگ يا شريف ووٽ آهي. ڪنهن زماني ۾ پرو پ پ ۽ اينٽي پ پ ووٽ هو. ماضي قريب ۾ اينٽي نواز شريف ووٽ، پ پ جي هٿن مان نڪري ويو ۽ ان پي ٽي آءِ جي چمن کي آباد ڪيو ويو. هي اهڙو ووٽر آهي، جيڪو گهڻي قدر (ن) ليگ سان گڏ ويهڻ يا حمايت ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. هينئر به نديم افضل چن، اعتزاز احسن، سردار لطيف کوسا ۽ ٻيا پراڻا جيالا چاهين ٿا ته پنجاب ۾ جيڪڏهن ڪاميابي حاصل ڪرڻي آهي ته پوءِ (ن) ليگ يا ڪنهن ٻي ڌر سان اتحاد ڪرڻ بدران اينٽي نواز شريف، پي ٽي آءِ کي اتحادي بڻائجي. هي ووٽر (ن) ليگ کي ڪنهن به صورت ۾ ووٽ نه ڏيندو، پر پيپلز پارٽي ڏانهن واپس اچي سگهي ٿو. پي ٽي آءِ، جي واڳ ڌڻين اڳيان پوزيشن انتهائي مشڪوڪ آهي. ان سان اتحاد ڪرڻ جو مطلب سياسي طور عمران خان کي ريسڪيو ڪرڻ هوندو.
بلاول ڀٽو ۽ ٻين ايم اين ايز جو هي چوڻ ته وزير اعظم شهباز شريف ٻوڏ متاثرن جي بحاليءَ لاءِ جيڪي وعدا ڪيا هئا، انهن جي پورائي لاءِ بجيٽ ۾ رقم نه رکي وئي آهي،ان ڪري هو بجيٽ منظور ڪرائڻ ۾ (ن) ليگ جي حمايت نه ڪندا. ان سان گڏ ترقياتي ڪمن، خاص ڪري ڪراچيءَ ۾ پاڻيءَ جي پروجيڪٽ ڪي فور جو اشو آهي. (ن) ليگ،جنهن وقت بجيٽ جي تياري ڪئي پئي، ان وقت، ان سموري عمل ۾ پ پ ته شامل هئي. ان ڄاڻي واڻي (ن) ليگ کي غلطي ڪرڻ جي اجازت ڏني ته جيئن ان جو استعمال ڪري سگهجي. آصف زرداري جي هي خواهش پوري ٿئي يا نه ته بلاول ايندڙ وزير اعظم ٿئي، پر واڳ ڌڻي به چاهين ٿا ته اينٽي نواز شريف ووٽر کي ٻاهر ڪڍجي ته جيئن اهو مستقبل ۾ عمران خان جيان شريفن لاءِ چيلينج بڻجي. نواز شريف جو ڳرو مينڊيٽ يقينن واڳ ڌڻين کان نه وسريو هوندو. ان ڪري اڪثر تجزئي نگار چئي رهيا آهن ته ايندڙ چونڊن جي نتيجي ۾ ڪنهن هڪ پارٽيءَ کي اڪثريت نه ملندي، پر گڏيل حڪومت قائم ڪرڻ کانسواءِ شايد ڪو ٻيو رستو نه هوندو. يقين سان چئي سگهجي ٿو ته پيپلز پارٽي، (ن) ليگ جي مخالفت ۾ پي ٽي آءِ سان هٿ نه ملائيندي، جنهن سان اسٽيبلشمنٽ به ناراض ٿي ويندي. ان ڪري بلاول ڀٽو جي حڪومت کان ناراضگيءَ کي گهڻو سنجيده وٺڻ جي ضرورت ناهي. ڇاڪاڻ ته پيپلز پارٽيءَ کي جيڪي ڪجهه حاصل ڪرڻو هو، انڪري ورتو ۽ ان کي وڌيڪ وڃائڻو ناهي ته حاصل به نه ٿيندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button