ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

وڻ ناول زندگي جي ڪٿا

Editorial-Article- Sanam Jagirani

ادب ۾ منهنجي پسند جي صنف ناول آهي. اردو، انگريزي ۽ سنڌي ناول سميت مختلف ٻولين جا ترجمو ٿيل ناول منهنجي دلچسپيءَ جو مرڪز رھيا آهن. سٺي ناول جي خوبي اھا آهي ته اھو پڙھندڙ کي مڪمل طور پنهنجي گرفت ۾ وٺي ڇڏي ۽ ان ناول کي ھڪ پھريون ڀيرو ھٿ ۾ کڻڻ کان پوءِ پورو پڙھڻ تائين ھيٺ رکڻ تي دل نـه چوي. سنڌي ناول جي تاريخ ڪا گهڻي پراڻي ناهي پر سنڌي ٻوليءَ ۾ تمام گهڻا خوبصورت ناول سرجيا ويا آهن. 70ع کان 90ع تائين سنڌي ناول جو سونھري دور ليکي سگهجي ٿو. موجوده دور ۾ بـه سنڌي ناول تمام گهڻي انگ ۾ لکيو ٿو وڃي. گهڻو لکجڻ باوجود ناول جو معيار برقرار رکڻ ھڪ ڌيان طلب ڳالهه آهي. جيتري تيزيءَ سان ناولن جو انگ وڌيو آهي، معيار ان بلنديءَ کي ناهي پھتو، ان باوجود اسان سنڌي ناول جي مستقبل کان پراميد آهيون.
جڏھن مان عباس ڪوريجي جو ناول “وڻ” پڙھيو تـه مون کي لڳو سنڌي ناول محفوظ ھٿن ۾ آهي. عباس ڪوريجو تمام گهڻي عرصي کان ڪھاڻيون، تحقيق ۽ مضمون لکندو رھيو آهي ۽ سنڌي ادب جي پڙھندڙن لاءِ يقيــنـن اھو نالو نئون ناهي. خوشيءَ جي ڳالهه تــه ليکڪ پنهنجو پھريون ناول نھايت پختگيءَ سان لکيو آهي. اچون ٿا وڻ ناول طرف. ھن ناول جي مرڪزي ڪردار/ھيرو وڻ آهي. ناول ۾ وڻ پنهنجا توڙي ٻين جا داستان پنهنجي زباني ٻڌائي ٿو. ھن ناول ۾ ڪيترائي داستان آهن ۽ گڏوگڏ انهن داستانن جا مختلف ڪردار آهن. ناول ۾ داستان گو وڻ آهي. ننڍا ننڍا مختلف قصا جن ۾ سڀني ڪردارن سان مختلف قسم جون وارتائون ٿيل آهن پر مرڪزي ڪردار وڻ جي ڪري اھي سڀ قصا ھڪ لڙھيءَ ۾ پويل ٿا لڳن.
ناول جو موضوع سنڌي افساني ۾ بلڪل نئون آهي ۽ ان نواڻ جو سبب آهي ناول جو مرڪزي ڪردار وڻ جو ھجڻ. عام طور اسان جي افسانوي ادب جا مرڪزي ڪردار انسان ھوندا آهن پر ھـن ناول جو مک ڪردار انوکو آهي. ناول ۾ ليکڪ وڻ کي علامتي طور پيش ناهي ڪيو پر حقيقت ۾ ھي ھڪ وڻ جي ئي ڪھاڻي آهي. ناول ۾ ڌرتيءَ سان محبت، وطن ھوندي بي وطن ٿيڻ جو درد، طوفانن ۾ آکيرا ٺھڻ جو صدمو، گم ٿيل آکيري جي مسلسل ڳولا ۾ ڪنهن پکي/انسان جو بي چين ٿي ڀٽڪڻ، جھڙن ڏکن کي چٽيو ويو آهي. ناول ۾ وڻ علامتي ڪردار ناهي پر پکي، آکيرا، پکين جي ٻچن جو پاڻ ۾ وڙھڻ ۽ ان جو درد پکي ڪھڙي ريت محسوس ڪن ٿا، اھو سڄو بيان علامت نگاريءَ ۾ پيش ڪيو ويو آهي. پڙھندڙ سوچي ٿو ته اھا پکين جي ڪھاڻي آهي يا انسانن جي؟ جتي موضوع جي نواڻ ناول ۾ تازي ھوا جي جھوٽي وانگر محسوس ڪري سگهجي ٿي، اتي اھم ڳالهه ته جيڪي قصا (سب پلاٽ) آهن، انهن ۾ ليکڪ ڪردارن کي ڪنهن منطقي انجام تائين پاڻ پھچائڻ بدران اھو پڙھندڙ تي ڇڏيو آهي ته اھو پاڻ سمجهي ته ان ڪردار جو ڪھڙو انجام ٿيو ھوندو. مثال طور ناول ۾ ھڪ ڪردار جي باري ۾ ليکڪ لکي ٿو تـه ”ٺيڪيدار ويچاري جو اڳتي الائي ڇا ٿيو, خبر ناهي؟“ وري ڪنهن ٻئي ڪردار جي باري ھن ريت لکي ٿو ته ”ڇوڪر جو خوشيءَ وچان سينو ويڪرو ٿي ويو ھو ۽ سندن ان رات جو ڀاڪر تمام ڊگھو ٿي ويو ھو جو کين صبح ٿيڻ جي بـه خبر نـه رھي ھئي. ان صبح کان پوءِ اھي ٻئي اسان وٽ نظر نـه آيا ھئا، ڪا بـه خبر نـه پئي تـه انهن جي پيار ڪھاڻيءَ جو انت ڇا ٿيو؟”
ڪردارن جي انجام بابت سوال پڙھندڙ جي ذھن ۾ رھجي وڃي ٿو ۽ اھا بـه هن ناول جي ھڪ خوبصورتي آهي. ناول ۾ منظر نگاريءَ بـه تمام بھترين ٿيل آهي. مثال طور ليکڪ ھڪ ھنڌ لکي ٿو تـه “ننڍڙي ڳيرڙيءَ جو ڪو ڌڻي سائين نـه رھيو ھو. ان کان پھرين جو اھا ڪنهن شڪاريءَ جي ور چڙھي وڃي، ان آکيري مان نڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، اھا اڏام جي قابل تـه نـه ھئي پر ٽپ ڏئي سگهي پئي. ٽپ ڏيڻ جي ڪوشش ۾ آکيري مان ھيٺ ڪري پئي جتي ان ڇڳل ڏار جون لامون اڌ مٽيءَ ۾ تـه اڌ ٻاھر کنڊريون پيون ھيون، ڳيرڙيءَ کي ان وقت لاءِ محفوظ جاءِ ملي وئي ھئي. اھا ان لامن جي جھڳٽي ۾ لڪي ھئي. مٿان آکيرو ھئس کيس لڳو پئي تـه اھا محفوظ آهي.” ليکڪ جو مشاھدو به بھترين آهي پر ڪٿي وري مشاهدي جي کوٽ بـ محسوس ٿئي ٿي. مثال طور ھڪ ھنڌ “ڇڳل ڏار” لکيو ويو آهي. درياهه جي ذڪر ۾ مڇين جي تمام گھڻن قسمن جو ذڪر ٿيل آهي پر ان مان ڪجهه مڇيون سامونڊي آهن جن کي درياهه جي مڇي ڄاڻايو ويو آهي. ناول ۾ ٻولي بـه نھايت حسين استعمال ڪئي وئي آهي، خاص طور نج سنڌي لفظ استعمال ڪيا ويا آهن. ٻوليءَ جو رس چس بـه دلڪش آهي.
“جڏهن اتر جي واءُ لڳندي آهي، تڏهن پپل جي سڪن توڙي ساون پنن جي جي رقص تي ڪڏهن توهان غور ڪيو آهي اوھان، وڻن جا پن ايئن ھروڀرو ھيٺ زمين تي ڪري ناھين پوندا پر اھي جڏهن واءُ تي مست ٿي رقص جي انتھا کي پھچندا آهن ته ھيٺ ڪري پنهنجي خالق، ڌرتي ماتا کي چمندي پاڻ ارپي ڇڏيندا آهن.” ناول ۾ زمان جي بيان جون ڪٿي ڪٿي چڪون محسوس ٿين ٿيون, جيئن اڳ ۾ ڪو تبصري نگار ساڳي ناول جي حوالي سان اھا ڳالهه ڪري چڪو آهي. ليکڪ جي ھڪ دانستـه ڪوشش جنهن ۾ ان پکين، وڻن توڙي مڇين ۽ مختلف شين جي نالن جي لسٽ ڏني آهي، اھو عمل ناول جي خوبصورتيءَ کي متاثر ڪري ٿو, ڇا فڪشن جو ڪم ڊيٽا جي مٽاسٽا ڪرڻ آهي ته ان جو جواب انڪار ۾ ايندي فڪشن جو ڪم ڄاڻ ورھائڻ ناهي. منهنجي نظر ۾ ھي ھڪ بھترين ۽ سبق آموز خوبصورت ناول آهي جنهن جو اصل موضوع “زندگي” آهي. زندگي جيڪا ھن ڌرتيءَ تي ھر جيو جيئي ٿو چاھيندي يا نه چاھيندي. وڻ جي زندگيءَ کان ناول شروع ٿئي ٿو، وڻ عروج ۽ زوال ڏسي ٿو. ھڪڙي ننڍي سلي کان وٺي آخر پوڙھو ٿيڻ تائين وڻ پنهنجي زندگيءَ ۾ ڇا ڇا نه ٿو ڏسي ۽ آخر وڻ جو انت موت تي ٿئي ٿو، جيڪو يقينن اسان سڀني جو انجام آهي پر اھم ڳالهه تـه وڻ آخر زندگي ڪيئن ٿو جيئي, ھو ڏي ٿو, برداشت ڪري ٿو. ھو ڌرتيءَ تي بار ناهي پر ڌرتيءَ تي پنهنجو ڪردار نڀائڻ ڪري اعليٰ آهي. ليکڪ چاھي ٿو تـه ھر جيو کي ڌرتيءَ تي ايئن ھئڻ کپي جيئن ناول جو مک ڪردار وڻ آهي. سنڌي ادب جي وڏي نالي طارق قريشي ھڪ مناسب راءِ ڏني آهي جنهن سان اسين به دلي طور متفق آهيون. “سڪينڊري اسڪول جي تعيلم حاصل ڪندڙ شاگردن جي ذھني تربيت لاءِ نھايت بھترين ناول آهي. ھي ناول وڏا پڙھن يا نـه پر نئين نسل جي نصاب ۾ ھجڻ گهرجي.”

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button