پاڪستان جي مشهور ٽڪ ٽاڪر حريم شاهه نامناسب وڊيو ليڪ ڪيس ۾ سندس پراڻي دوست ٽڪ ٽاڪر صندل خٽڪ جي ضمانت منظور ٿي وئي آهي. ميڊيا مطابق اسلام آباد جي عدالت ۾ نامناسب وڊيوز ڪيس جي ٻڌڻي نوابشاهه ۾ ٿي، جنهن ۾ حريم شاهه ۽ صندل خٽڪ کي پيش ڪيو ويو آهي. عدالت ۾ صندل خٽڪ جي وڪيل سندس ضمانت جي درخواست داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو تھ پشاور جي عدالت ۾ حريم شاهه جي صندل خٽڪ خلاف درخواست خارج ٿي آهي، ڇاڪاڻ تھ صندل خٽڪ جي فون مان ڪي بھ ثبوت بھ ناهن مليا، هي وڊيو صندل خٽڪ ناهي تيار ڪئي، ڀلي جاچ ڪرائي وڃي. هن چيو تھ وڊيو جنهن بھ ٺاهي ان ۾ حريم جي رضامندي هئي، اها کلندي نظر اچي رهي آهي، جاچ دوران صندل پنهنجو فون ڏئي ڇڏيو، پر هن فون بھ ناهي ڏنو، صندل وٽان تھ ڪجهه ناهي مليو. هوڏانهن عدالت صندل خٽڪ جي وڪيل جا دليل ٻڌڻ بعد صندل خٽڪ جي ضمانت منظور ڪندي مٿس ٻيو ڪيس هجڻ تي آزاد ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close