ڀارت جي تڪرارن کي جنم ڏيڻ ۾ ماهر سمجهي ويندڙ ڊانسر ۽ اداڪارا راکي ساونت مڙس هٿان طلاق جو اعلان ڊانس ڪندي ڪيو آهي. ميڊيا مطابق راکي ساونت مڙس عادل دراني کان طلاق ٿيڻ جي خوشي ۾ دهل وڄائي خوشي ظاهر ڪئي آهي. هن ميڊيا جي ماڻهن آڏو ڊانس ڪئي ۽ ٻڌايو تھ مان تمام گهڻي خوش ٿي رهي آهيان. راکي ساونت جو چوڻ هو تھ نيٺ منهنجي طلاق ٿي رهي آهي، پر ماڻهو اهڙن موقعن تي اداس ٿين ٿا ۽ ڏسي وٺو تھ مان خوش آهيان. مون کي هاڻ ڪير بھ نھ گهرجي، ڇاڪاڻ تھ هاڻ زندگي ۾ ڪو بھ نٿو اچي سگهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close