ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

بينظير ڀٽو: جمهوريت جي علامت

Editorial

اڄ ان سياسي شخصيت جو جنم ڏينهن آهي، جنهن کي دنيا جمهوريت جي علمبردار طور سڃاڻي ٿي. بينظير ڀٽو اسلامي دنيا جي پهرين عورت وزيراعظم هجڻ جو اعزاز ماڻيو هو. هن ان سياسي تسلسل کي جاري رکيو جيڪو کيس پنهنجي پيءُ کان ورثي مان مليو هو. جنهن کي هن عوام لاءِ وقف ڪري ڇڏيو. بينظير ڀٽو جي سياست ان غريب عوام لاءِ هئي، جنهن کي اٽي، لٽي ۽ اجهي جي ضرورت هئي. بينظير ڀٽو جي سياست جو محور به عوام هو. جنهن لاءِ هوءَ جيئندي رهي ۽ جنهن لاءِ هوءَ قربان ٿي وئي. هن ملڪ ۾ اهڙي سياست جي چونڊ ڪئي، جيڪا ڪنڊن جي سيج آهي. تنهنڪري هن ان رستي جي چونڊ ڪري عوام جي مسئلن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ان لاءِ هن پنهنجو پاڻ کي ارپي ڇڏيو. بينظير جڏهن پيپلز پارٽيءَ جون واڳون سنڀاليون ته ان وقت سندس ڄمار ايتري وڏي ڪونه هئي ۽ نه ئي سندس سياسي تجربو ڪو ايترو وسيع هو پر ان هوندي به هن نه رڳو پنهنجي پارٽيءَ کي چئني صوبن ۾ مضبوط ڪيو پر هن عوامي سطح تائين سياست جي رسائيءَ کي ممڪن بڻايو.

پاڪستان جي سياسي تاريخ ۾ بينظير ڀٽو جهڙي عورت سياستدان هن وقت تائين پيدا نه ٿي سگهي آهي. جنهن جو ويزن ايترو ته شاندار هو جو هوءَ جمهوريت کي ئي بهترين انتقام سمجهڻ لڳي ۽ ان کي هن عملي طور ثابت به ڪري ڏيکاريو. اها ڳالهه اسان کي ان وقت نظر آئي، جڏهن پيپلز پارٽي 2008ع جي چونڊن ۾ پرويز مشرف جي آمريت مان جان ڇڏائي نئين سر جمهوريت جي بحاليءَ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. جيتوڻيڪ هوءَ 2007ع شهادت ماڻي چڪي هئي پر تنهن هوندي به اها سندس سياسي ساڃاهه هئي جو پيپلز پارٽي هڪ ڀيرو وري اقتدار ماڻيو ۽ ماڻهن جو جمهوريت تي اعتماد بحال ٿي ويو. اڄ عوام جو ساڳيو اعتماد جيڪڏهن پيپلز پارٽيءَ تي قائم آهي ته ان جو سبب به بينظير ڀٽو جي اها جدوجهد آهي، جنهن لاءِ هوءَ لاڳيتو پنڌ ۾ رهي ۽ ان کان سواءِ هن جي سياسي سفر ۾ اهو پڻ نظر اچي ٿو ته هوءَ ڪڏهن به ڪنهن آمر آڏو نه جهڪي ۽ نه ئي هن ڪڏهن ڪنهن آمر سان ڪو ٺاهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي بلڪه هن پنهنجي سياسي حڪمت عملين آڌار آمرن کي مات ڏيڻ جو فيصلو ڪيو. جنهن جو مثال آمر ضياءُ الحق ۽ آمر پرويز مشرف آهن. جن جي خلاف هوءَ سڄي ڄمار سياسي جدوجهد ڪندي رهي.
بينظير ڀٽو کي ٻه ڀيرا اقتدار مليو ۽ اهي ٻئي ڀيرا هوءَ عوام جي خدمت ڪندي رهي. هن عالمي سطح تي پاڪستان جو جيڪو نقشو چٽيو اهو پڻ ساراهه جوڳو آهي. تنهنڪري ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ ناهي ته هن اهو طئي ڪري ورتو هو ته آخري ساهه تائين هوءَ عوام جي حقن لاءِ وِيڙهه ڪندي رهندي آهي، هن اهو ثابت به ڪري ڏيکاريو ته جيڪڏهن ڪو سياسي اڳواڻ پنهنجن ماڻهن سان جڙيل آهي ته ان کي اسٽيبلشمينٽ جي سهاري جي ضرورت ڪونهي. تنهنڪري بينظير هن ملڪ ۽ سڄي دنيا لاءِ جمهوريت جي علامت سمجهي وڃي ٿي. اسين کيس سندس جنم ڏينهن تي مبارڪباد پيش ڪريون ٿا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button