ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

نئون ميدان …. نوان امڪان!!

Editorial-Article- Irshad Leghari

عمران خان جي تڏا ويڙهه کان پوءِ تيار ٿيندڙ نئين ميدان جي نَوَن امڪانن ۾ هن وقت جيڪو اهم بحث هلي رهيو آهي، تنهن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ نُون وچ ۾ ڏينهون ڏينهن وڌندڙ اختلافن جي پچار سڀ کان مٿاهين بيٺي آهي. هونئن به اڳي پوءِ ايئن ئي ٿيڻو هو. ڇاڪاڻ ته هن ملڪ ۾ اقتدار جي اصل جنگ پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ ۾ ئي رهي آهي ۽ اها اوستائين جاري رهندي، جيستائين انهن ٻنهي مستقل مخالفن مان ڪا هڪڙي ڌر پنهنجي سموري سگهه وڃائي نٿي ويهي. ان تناظر ۾ وري جڏهن زميني حقيقتن جو جائزو ٿا وٺون ته سگهه وڃائڻ جا گهڻا امڪان اصل ۾ انهي نواز ليگ جا ئي آهن، جنهن جا ڪارڪن توڙي اڳواڻ قربانين بدران رات پيٽ جي نوازشن سان ايئن نوازبا رهيا آهن جيئن اوچتو عمران خان وارو بوتو بيهاريو ويو هو. جڏهن ته ان جي ڀيٽ ۾ پيپلز پارٽي جي هڪڙي الڳ تاريخ رهي آهي. اها تاريخ جيڪا ڪارڪنن کان ويندي قيادت تائين اڻ ڳڻين قربانين جو سدا حيات رڪارڊ رکي ٿي. پنهنجي انهي ڳالهه سان اختلاف رکڻ جو حق سڀني کي آهي پر اڄ به ملڪ ۾ پارلياماني سياست ڪندڙ ڌرين مان جيتريون قربانيون پيپلز پارٽي جي کاتي ۾ آهن، ايتريون ٻي ڪنهن پارٽي وٽ ناهن. اهو ئي سبب آهي جو هزار ڪمزورين جي باوجود عام ماڻهو اڄ به انهي پارٽي جي ئي پاسي بيٺل آهي.
ها سو پاڻ ڳالهه پئي ڪئي عمران جي تڏا ويڙهه کان پوءِ جڙندڙ نئين ميدان جي. ان نئين ميدان لاءِ جهانگير ترين جي اڳواڻي ۾ جيڪي نوان رانديگر تيار ڪيا پيا وڃن، تن جي اڳيان هلي اقتداري شراڪت ڪهڙي ڌر سان ڪرائي ويندي، تنهن کان في الحال هٽي ڪري پاڻ هر پارٽي جي پنهنجي الڳ سگهه جيڪڏهن ڏسون ٿا ته نواز ليگ هن وقت اقتدار ۾ هئڻ جي باوجود به ڪمزور نظر اچي ٿي. نواز ليگ جي اهڙي ڪمزوري ئي آهي، جنهن سبب هن نئين ميدان ۾ نواز ليگ هاڻوڪي اسٽبلشمينٽ جو هر شرط مڃڻ لاءِ تيار آهي، جڏهن ته پيپلز پارٽي انهن شرطن مان ڪافي شرطن تي اختلاف رکيا آهن.
پاڻ رڳو عمران خان تي هلندڙ ڪيسن جو ئي ان ڏس ۾ مثال کڻي وٺون ته اهي ڪيس به نواز ليگ ملٽري ڪورٽن ۾ هلائڻ ٿي چاهي جڏهن ته پيپلز پارٽي عمران مٿان سمورا ڪيس عام عدالتن ۾ هلائڻ تي زور ڀري رهي آهي. پيپلز پارٽي جو موقف اهو آهي ته عمران خان مٿان جيڪڏهن ڪيس عام عدالتن ۾ نه هلايا ويا ته ان جو جمهوري قدرن کي ڇيهو رسندو ۽ آئيندي لاءِ اهڙي راهه هموار ٿي سگهي ٿي، جنهن جي قيمت هر سياسي ڌر کي ڀرڻي پوندي. پر نواز ليگ جيڪا پنجاب اندر عمران خان جي “مقبوليت” کان تمام گهڻو ڊنل آهي، تنهن کي اهو خوف آهي ته هن وقت عدالتن مان عمران کي مخصوص معجزاتي انداز ۾ جيڪا رعايت ملندي پئي اچي، سا اڳيان به جيڪڏهن جاري رهي ٿي ته ان جو سمورو نقصان کين ڀرڻو پئجي ويندو.
هڪڙي پاسي عمران خان مٿان ڪيس هلائڻ جي طريقي بابت اختلاف آهن ته ٻي پاسي وفاق پاران سنڌ کي ٻوڏ متاثرن لاءِ جاري نه ٿيندڙ فنڊن کان ويندي اليڪشن وقت تي ڪرائڻ يا ڪجهه وقت لاءِ اڳتي ڌڪڻ واري ڇڪ ڇڪان پڻ هاڻ ڪنهن کان ڳجهي ناهي رهي. سنڌ حڪومت ته ايستائين به اعلان ڪري ڇڏيو آهي ته جيڪڏهن وفاق جو اهو ئي رويو رهيو ته پوءِ گڏ نه هلي سگهبو. بلاول پنهنجي هڪ تازي تقرير ۾ اهو واضح چئي ڇڏيو آهي ته پيپلز پارٽي اليڪشن لاءِ تيار آهي باقي ٻين پارٽين کي به تياري ڪرڻ گهرجي ته جيئن چونڊون وقت تي ڪرائي سگهجن. پر ڇا نواز ليگ اليڪشن لاءِ تيار آهي؟ ان سوال جو مختصر جواب نه ۾ آهي. نواز ليگ جي خواهش آهي ته عمران خان جو معاملو مڪمل طور تي هڪ پاسي ڪري پوءِ ئي اليڪشن ۾ هٿ وجهجي ۽ نواز ليگ جي اهڙي خواهش جي هن وقت کان ئي نندا شروع ٿي وئي آهي. جڏهن ته پيپلز پارٽي پاران وقت تي اليڪشن ڪرائڻ واري اعلان جي سڀني جمهوريت دوست حلقن ۾ پذيرائي وڌي رهي آهي. ان جو مطلب ته پپپلز پارٽي نئين ميدان ۾ ڏينهون ڏينهن پنهنجي حمايت ۾ واڌارو ڪندي پئي وڃي جڏهن ته نواز ليگ پنهنجي مٿان تنقيد جو بار جيئن پوءِ تيئن وڌائي رهي آهي. باقي هن ملڪ جي روايتي معجزن جي باري ۾ پاڻ جيئن ته ڪجهه به نٿا چئي سگهون. اهي معجزا ڪنهن مهل ڪنهن جي حق ۾ ٿا ٿين؟ تنهن لاءِ پاڻ کي اڃان ڪجهه وقت انتظار ڪرڻو پوندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button