اينگلس جي مشهور لفظن جي بنياد تي ڪو چئي سگهي ٿو: اسان جي دور کي، دنيا ۾ گهرين انقلابي تبديلين جي دور کي هڪ ڄاڻو جي ضرورت هئي جيڪو ان جي مسئلن جو ادراڪ ڪري سگهي، ان جي محرڪ قوتن کي ڏسي سگهي ۽ ان جي تاريخي پيش منظر کي طئي ڪري سگهي- پوءِ ان دور لينن کي جنم ڏنو. روسي انقلاب ۽ عالمي پرولتاريءَ جي ليڊر جي عظيم شخصيت بدستور 20هين صديءَ جي نظرياتي زندگيءَ تي ان ڪري حاوي آهي جو مارڪسزم کي تخليقي انداز ۾ ترقي ڏيڻ سان گڏ هو پنهنجي دور جي لاڙن ۾ فرق ڪرڻ ۽ وڏي حد تائين عالمي واقعن جي ايندڙ ارتقا جي اڳڪٿي ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو.
لينن سامراج بابت پنهنجي تجزئي تي انسانيت جي سوشلسٽ مستقبل بابت پنهنجي اڳڪٿيءَ جو بنياد رکيو. ٻين لفظن ۾ بورجوا سماج جي ارتقا جو اهو مرحلو جتان ان جي ارتقا صفاتي لحاظ کان نون لقائن کي چٽو ڪري رهي هئي، جڏهن پورهئي ۽ سرمائي جي ڇڪتاڻ سخت صورتون اختيار ڪيون هيون ۽ اثر جي دائري sphere of influence لاءِ سامراجي ڦورن جي پاڻ ۾ ڇڪتاڻ عالمي جنگ ۾ تبديل ٿي وئي هئي. ان وقت لينن اصل ۾ عالمي اهميت جو نظريو ڏنو: “سامراجيت سرمائيداريءَ جو هڪ خاص تاريخي مرحلو آهي. ان جو خاص ڪردار هنن عنصرن تي ٻڌل آهي: يعني سامراجيت (1) اجاريدار سرمائيداريءَ جو (2) مفت خور يا زوال پذير سرمائيداريءَ جو، (3) مرندڙ سرمائيداريءَ جو نالو آهي. (لينن، ڪل لکڻيون، جلد 23، صفحو 105) هن ان نظرئي سان گڏ هيءُ نتيجو به ڪڍيو ته شروعات ۾ هڪ يا ڪيترن ئي ملڪن ۾ سوشلسٽ انقلاب جي سوڀ ممڪن يا اڻٽر آهي.
انهن واضح موقفن اسان جي دورر جي، عالمي پئماني تي سرمائيداريءَ کان سوشلزم ۾ داخل ٿيڻ جي عبوري مرحلي واري دور جي اصل مواد جو هڪ غيرمعمولي دليلن سان تعين ڪيو.
سڄي دنيا ۾ پورهيت عوام امن، جمهوريت ۽ سوشلزم جي جدوجهد ۾ ان نظرئي کان سگهه، اعتماد حاصل ڪري ٿو. اها حيرت جهڙي ڳالهه ڪانهي ته سوشلزم جا مخالف ۽ بورجوا نظام جا معذرت خواهه ان نظرئي کي ئي پنهنجي تنقيد جو مرڪزي نشانو بڻائين ٿا ۽ دليل ڏين ٿا ته ليننزم محدود “نج روسي” لقاءُ آهي ۽ اهو ته هن صديءَ جي شروعات ۾ سامراجيت جي خاصيتن جو جائزو وٺڻ مهل لينن ان جي ارتقا جي ايندڙ واٽن بابت نه سوچي سگهيو، هنن ان جي امڪاني صلاحيتن کي گهٽ ڪري ڏٺو ۽ ان جي تضادن کي ضرورت کان وڌيڪ اڀاريو، هنن غلط نتيجا ڪڍيا. تڏهن به لينن جي تجزئي تي اعتراض ڪرڻ جي ڪوشش ۾ هن جا نقاد هڪ اهڙي ڪم جو ذمو کڻن ٿا جيڪو شايد هو پورو نه ڪري سگهن. پوءِ وارن ڏهاڪن جي سموري تجربي ۽ اسان جي دور جي سياسي ۽ سماجي عمل سندس سائنسي خيالن جي روشن سچائيءَ جي تصديق ڪئي آهي. اچو ته اسان حقيقتن تي نظر وجهون.
لينن جديد سرمائيداريءَ جي اجاريدار نوعيت کي چٽو ڪيو. پر جڏهن هو ان ميدان ۾ صورتحال جو اڀياس ڪري رهيو هو، رڳو ڪجهه اجاريدار ادارا ظاهر ٿيا. “چوٽيءَ جا ٻه هزار” اهي لفظ اڃا تائين آمريڪا ۾ رائج هئا، جن مان مراد انهن قوتن جي هوندي هئي جيڪي 19 هين صديءَ جي وچ کان آمريڪا جي معاشي منظر تي حاوي هيون. ۽ اڄ رڳو 350 وڏين ڪارپوريشنن جو انهن پيداواري سگهن تي ڪنٽرول آهي جن ۾ آمريڪا جي ڪم ڪندڙن مان ٻه ڀاڱي ٽي کان وڌيڪ ماڻهو روزگار سان آهن. آمريڪا جي ٻه ڀاڱي ٽي صنعتي پيداوار ۽ ان مان حاصل ٿيندڙ نفعي جي چئن مان ٽي حصا رڳو 500 ادارن جي هٿن ۾ آهن.
اهڙي نموني زندگي ان سچائيءَ جي ترديد ڪرڻ کان سواءِ ثابت ڪري ٿي ته بورجوا سماج جيتري گهڻي دولت گڏ ڪري ٿو ان جا سماجي فرق ان حد تائين وڌي وڃن ٿا. سرمايو ۽ پيداوار جي اجاريداري (جيڪا هاڻي رڳو قومي ناهي پر بين الاقوامي پئماني تي آهي) هاڻي معروضي طور بورجوا دنيا جي مٿين سطح کي ۽ ان جي سماجي بنياد کي سوڙهو ڪندي پئي وڃي جڏهن ته سامراج مخالف قوتن جو ٻيو محاذ ان جي خلاف وڌندو ۽ پکڙجندو پيو وڃي. انهن ٻنهي حدن جي وچ ۾ ڇڪتاڻ ڏينهون ڏينهن سخت ۽ گهري ٿيندي پئي وڃي. پورهيت انسانيت جي انقلابي سگهه وڌي رهي آهي.
(هلندڙ)