مرزا غالب شايد پاڪستان جي موجوده صورتحال بابت ئي چئي ويو آهي:
قرض ڪي پيتي ٿي مئي اور سمجهتي ٿي ڪه هان،
رنگ لاوي گي هماري فاقه مستي ايڪ دن.
حڪومت جا خرچ جيترا گھڻا هوندا. ان جي آزادي اوتري محدود ٿيندي ويندي. اها ڳالهه حڪومت، رياست ۽ ڪٽنب يا فرد لاءِ هڪڙي ئي نموني درست آهي. انسان کي پنهنجي آمدني ۽ روانگيءَ جو باقاعدي حساب ڪتاب رکڻ گھرجي. جيڪڏهن آمدنيءَ کان خرچ وڌيڪ آهن ته گهر جا ٽپڙ کپائڻ يا قرض کڻڻ کانسواءِ پُورت ڪرڻ جو ڪو ٻيو چارو نه هوندو آهي. گهر جا ٽپڙ محدود هوندا آهن، ان ڪري اهي بار بار نه وڪڻي سگهبا آهن. اهڙي ريت قرض به هڪ خاص حد تائين ملندو آهي ان کان پوءِ نه. جيڪڏهن قرض کڻڻ جي مجبوري عادت بڻجي وڃي ته پوءِ ماڻهوءَ يا ملڪ جي حالت ان پيشيور پينو فقير جهڙي ٿي ويندي آهي، جيڪو ڪروڙ پتي بڻجي وڃڻ کان پوءِ به پنڻ جي عادت نه ڇڏي سگهندو آهي.
پاڪستان جي ڪل وفاقي آمدني 4.4 کرب رپيا، جڏهن ته ملڪ تي قرض 5 ڏهائي 9 کرب رپيا آهي. مرڪزي حڪومت کي جيڪا رقم قرض جي ادائيگيءَ لاءِ ڏيڻي آهي. ان جو وياج ڀري ڏيڻ لاءِ به کيس 416 ارب روپين جو نئون قرض گھربل آهي. ملڪ تي هونءَ ته 1947ع کان وٺي ئي قرض چڙهندو رهيو آهي پر 2003ع کان پوءِ ان ۾ دماغ ڦيرائي ڇڏڻ جيترو اضافو ٿيو آهي. ان جو وڏو سبب سول سياسي حڪومتن کي بيان ڪيو پيو وڃي پر حقيقت اها آهي ته فوجي آمريتن جي زماني ۾ اولهه جي سامراجي ملڪن خاص ڪري آمريڪا پاڪستان کي پنهنجي مفادن جي پورائي لاءِ خاص ڪري سوويت بلاڪ خلاف استعمال ڪرڻ لاءِ مالي امداد پئي ڏني. ٻيو سبب اهو آهي ته سول سياسي حڪومتن جي ڪمزورين کان واقف اسان جي اسٽيبلشمينٽ پنهنجي پسند جي بجيٽ ٺهرائيندي رهي جنهن جي نتيجي ۾ لعن طعن جون حقدار ته اهي سول سياسي حڪومتون ٿينديون رهيون. پي ڊي ايم جي هاڻوڪي حڪومت پنهنجي اقتدار جي رڳو شروعاتي ستن مهينن دوران ئي ملڪي قرض ۾ 7 ڏهائي 2 کرب رپين جو اضافو ڪري ڇڏيو هو، جيڪو ڏهاڙي لڳ ڀڳ 34 ارب رپيا ٿئي ٿو. مالياتي وزارت جي رپورٽ موجب پاڪستان خلاف قرض جي رقم جو 40 ڏهائي 3 سيڪڙو رڳو ان ڪري وڌي ويو جو ڊالر جي ڀيٽ ۾ پاڪستاني رپئي جو مُلهه ڪِري پيو هو.
آءِ ايم ايف وغيره کان نااميد ٿيڻ کان پوءِ پاڪستان پنهنجو سمورو دارومدار چين تي رکيو آهي. سڀ اميدون چين منجهه ئي آهن. ان جو هڪڙو سبب اهو به آهي ته پاڻ چين به پاڪستان کي لڳاتار قرض پئي ڏنو آهي ۽ قرض جي واپسيءَ وقت رعايت ڪئي آهي. تڪڙ ڪرڻ بدران، سختي ڪرڻ بدران نرمي ۽ سهولت وارو رويو اختيار ڪيو آهي. اڃان به جيئن پاڻ مٿي بيان ڪري آياسين ته پنهنجو قرض اوڳاڙڻ لاءِ وري نئون قرض ڏنو آهي ته جيئن پاڪستان هڪڙو کاتو بند ڪرائي ٻيو کولرائي، هڪڙو قرض ادا ڪري ٻيو قرض کڻي سگهي. اها به حقيقت آهي ته پاڪستان جي هر ڏکي گھڙيءَ ۾ مدد ڪرڻ وارو ملڪ چين ئي رهيو آهي پر اهو سلسلو نيٺ ڪيستائين هلندو رهندو؟ ويجهڙ ۾ ئي پاڪستان هڪ ارب ڊالر چيني قرض لاٿو آهي پر اهو قرض رڳو ان ڪري ئي لاٿو ويو ته جيئن ٻه ٽي ڏينهن ترسي ٻيهر نئين سر قرض جي درخواست ڏئي سگهجي. ايندڙ ٿورڙي وقت ۾ ئي 300 ملين ڊالر وڌيڪ قرض ادا ڪرڻ جو منصوبو پڻ تيار آهي.
اها سٺي ڳالهه آهي ته انسان پنهنجي بهتر مستقبل بابت حڪمت عمليون جوڙي پر جيڪڏهن اوهان هر وقت مستقبل جي ڳڻتيءَ ۾ ورتل رهندا ته پوءِ اوهان جو حال هٿن منجهان نڪري ويندو. يعني جنهن لمحي اوهان خوش ٿي سگهو ٿا، جنهن لمحي اوهان پاڻ وٽ سڀ ڪجهه نه سهي، ڪجهه نه ڪجهه هجڻ جي خوشي ملهائي سگهو ٿا، ان لمحي کي به ان فڪر ۾ ضايع ڪري ڇڏيندا آهيو ته ايندڙ وقت ۾ اوهان سان ڇا ٿيڻ وارو آهي.
پاڪستان کي قرض ڏيندڙ ملڪ مٽائڻ جي نه پر قرض کڻڻ واري پنهنجي عادت مٽائڻ جي ضرورت آهي. قرض کڻڻ واري پنهنجي ڪمزوريءَ تي ڪنٽرول ڪرڻ جي ضرورت آهي. پنهنجي موجود وسيلن ۾ جيئڻ سکڻو پوندو. ٽيڪس چوري ۽ ڪرپشن کي روڪڻو پوندو. پنهنجي آمدنيءَ جا ذريعا پيدا ڪرڻا ۽ وڌائڻا پوندا. خرچ گھٽائڻا پوندا، خاص ڪري غير ترقياتي خرچ بلڪل بند ڪرڻا پوندا. شاهه خرچيون ڇڏڻيون پونديون. جيڪڏهن نه ته پوءِ ڏيوالو نڪرڻ ته معمولي ڳالهه آهي. افراتفريءَ جو شڪار بڻجي ملڪ جي سلامتي ئي خطري ۾ پئجي سگهي ٿي.