ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

معاشیي بدحالي، طبقاتي ويڙهه جي علامت

جيڪي به ليکڪ وقت جي پابنديءَ سان ڪالم لکندا آهن تن کي لازمي طرح ملڪي توڙي پرڏيهي صورتحال جي تازي ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ اخبارون، ٽيليويزن جا مختلف چئنلز ڏسڻا پوندا آهن. سوشل ميڊيا جي مھربانيءَ سان ڪجھه سالن کان وٺي اخبارن جو خرچ گھٽجي ويو آهي. ھونئن به اعلانيل ۽ اڻ اعلانيل رنڊڪن جي ڪري ليکڪن کي اخبارن ۽ ٽي وي چئنلز جي ڀيٽ ۾ سوشل ميڊيا جي ذريعن وٽان نه رڳو گھڻي معلومات پر تڪڙي ڄاڻ به ملي رهي آهي. انھيءَ حقيقت جي باوجود ھڪ ٻه اخبارون ضرور وٺڻيون پونديون آهن ڇاڪاڻ ته سوشل ميڊيا تان خبرن جو تفصيل نٿو ملي. بجليءَ جي تمام گهڻي لوڊشيڊنگ جي ڪري وا فا بار بار بند ٿيو وڃي ته ان مھل اخبارون ئي ڪالم لکڻ لاءِ ڪم اچن ٿيون.
جيئن ئي اخبار جي پهرين صفحي تي نظر وجهبي آهي ته رڳو قبائلي جھيڙا، مردن، زالن ۽ ٻارن جو ناحق خون، ڀاءُ ھٿان ڀيڻ جو ۽ مڙس ھٿان زال جو قتل، بيڏوھي پورھيتن ۽ ھارين کي اغوا ڪرڻ جون ڏينھون ڏينهن وڌندڙ وارداتون، ڏاڍن ماڻهن پاران ھيڻن جي زمينن تي قبضن جون ڪھاڻيون، پوليس طرفان طاقتور ۽ دولتمند ڌرين جو پاسو وٺي انصاف جو رستو روڪڻ جا عام جام واقعا، مطلب ته ايئن لڳندو آهي ته ڄڻ سڄي سنڌ جي سڀني ضلعن ۽ شھرن توڙي ڳوٺن ۾ غريب مسڪين خلق جو جياپو مصيبتن ۽ اذيتن ۾ اڙجي چڪو آهي. قانون ۽ انصاف اڻلڀ ٿي ويا آهن سو به ايتري قدر جو عدالتي سرشتو اھڙو جڏو ٿي چڪو آهي جو معصوم شاگردياڻي تانيه خاصخيلي کان وٺي ام رباب تائين ڪنهن سان به انصاف نه ٿيو آهي ۽ ھيترن سالن ۾ ڪنهن به ڏوھاري کي سزا نه ملي سگهي آهي. ساڳيو حال ناظم جوکيو شھيد جي وارثن جو آهي.
بھرحال اچون ٿا سنڌ جي ھاڻوڪي ڏيل ڏکوئيندڙ صورتحال تي جنهن جو اندازو اربع 21 جون واري سنڌ ايڪسپريس اخبار جي پهرين صفحي تي جيڪو منھنجي سامھون رکيل آهي. فقط ھن ھڪڙي صفحي تي ڏھن کان مٿي اھڙيون خبرون ڇپيل آهن جن کي پڙهي ھينئڙو لوڻ ٿيو وڃي.
1.ڪشمور ويجهو پوليس چوڪيءَ تي حملو ڪري ڌاڙيل ٽي پوليس وارا اغوا ڪري ويا.

  1. گھوٽڪي ڀرسان فائرنگ ۾ ڦٽيل ٻه جوان مري ويا ۽ ٽيون ڌاڙيل کنڀي ويا.
  2. روھڙي ويجهو مڇي مارڻ تان جھيڙي ۾ ٻه سڳا ڀائر قتل ٿي ويا.
  3. مورو ڀرسان ھٿياربندن گھر تي چڙهائي ڪري نياڻيءَکي ماري ڇڏيو ۽ سندس ڀاءُ ڦٽجي رتورت ٿي ويو.
  4. حيدرآباد ۾ پلاٽ جي تڪرار تان ٿيل فساد ۾ 9 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
  5. نبي سر روڊ، ميرپور ٻرڙو ۽ ڦلجي اسٽيشن ۾ بينظير انڪم سپورٽ جي رقم منجهان ڪٽوتي ڪندڙ ايجنٽن خلاف عورتن دانھون ڪري، احتجاج ڪيو جيئن روزانو ھرھڪ شهر ۾ ٿئي ٿو ۽ ڊوائيس وارن ايجنٽن کي پوليس پاران جھل نه پل.
  6. ڇاڇري ۾ بينظير انڪم دفتر ٻاھران عورتن جي رش ۾ ساهھ ٻوساٽجڻ ڪري ھڪڙي مائي ۽ ٻه ٻارڙا بيھوش ٿي ڪري پيا.
  7. نصير آباد ۾ زمين جي مالڪيءَ تان ٻن ڌرين وچ ۾ فساد جي نتيجي ۾ ڏھه ماڻهو سخت زخمي ٿي پيا.
  8. رتيديري ۾ ڏاڍائيءَ جو شڪار ٿيل معصوم نينگري کي علاج واسطي وٺي وڃڻ لاءِ چائيلڊ پروٽيڪشن ٽيم جون عورتون پھچي ويون.
  9. ۽ ڏھين ڇرڪائيندڙ خبر ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر جي ڇپيل بيان مان پيئي آهي ته تازن وڏ ڦُڙن وسڪارن ۽ طوفاني ھوائن جي نتيجي ۾ ھزارين چونئرا ۽ ڪچا گهر ڊهي پٽ پئجي ويا آهن.
    پاڪستان پيپلز پارٽي جي حڪومت بينظير ڀٽو صاحبه جي شھادت کان پوءِ سال 2008 کان جيئن حڪومت سنڀالي آهي (خاص ڪري سنڌ ۾) ته اهو اعلان بار بار ڪيو ويو ته غريب مسڪين ماڻهن کي پڪا گھر ٺاھي ڏيڻ لاءِ بينظير ڀٽو ھائوسنگ اسڪيم شروع ڪئي وئي آهي. ھر سال جي بجيٽ ۾ انھيءَ عوامي اسڪيم واسطي باقاعدي اربين روپيا رکيا ويندا آهن. حيران آھيان ته اڄ ڏينهن تائين سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه يا پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ھڪ به شھر يا ڳوٺ ۾ اھڙي ڪنھن به اسڪيم ھيٺ گھرن جون چاٻيون ورھائڻ جي رسم ادا نه ڪئي آهي. گذريل سال جي وڏ ڦُڙن مينھن سبب خيرپورناٿن شاھه ۽ ٻين شهرن ۾ جيڪي گھر ڊٺا ھئا، اتي ڪجھه نه ڪجهھ ڪم ڪرايو اٿن پر بينظير ڀٽو ھائوسنگ اسڪيم وارن گھرن جو اڃا تائين اتو پتو پتو ناھي. الائجي ته ڪھڙي جھان ۾ گھر پيا اڏين؟ آئون سرنديءَ وارن سخي مردن کي عرض ڪريان ٿو ته قدرتي آفت جو شڪار ٿيل پنهنجن ٿري ڀائرن جي واھر خاطر ڀلائي ڪري اڳتي وڌن ۽ سندن نقصان جو ازالو ڪرڻ لاءِ اھڙو شاندار ڪم ڪري ڏيکارين جھڙو اسان جي ڀلي ساک واري رٽائرڊ آئي جي پوليس جناب بشير احمد ميمڻ ھالا ڀرسان ٻوڏ سٽيل ھڪ سئو ڪٽنبن لاءِ ھڪ سال اندر پورا 100 گھر ٺھرائي، متاثر ٿيل حقدار ماڻهن کي انهن گھرن جون چاٻيون ورھائي آباد ڪري ڇڏيو آھي.
    اھا حقيقت آھي ته اسان جي ملڪ جا ڪروڙين غريب انسان مھانگائي ۽ بيروزگاريءَ جي وڌڻ ڪري مالي پريشانين ۾ مبتلا ٿي ويا آهن ۽ پنهنجن ٻچن لاءِ اٽو وٺڻ جي سگھه به نه ٿا سارين. معاشي بدحاليءَ ڪارڻ پاڪستان کي ڏيوالپڻي جو به خطرو آهي. ان جو بنيادي سبب انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ پاران وڌيڪ امداد کان کتو جواب ڏيڻ آھي. پر ٻيو ڪارڻ اهو به آهي ته روس کان خريد ڪيل سستي تيل مان به عوام کي ڪو لاڀ نه مليو ۽ نه ئي ملي سگهندو ڇاڪاڻ ته روس جي معدني وسيلن واري وزير صاف لفظن ۾ چئي ڇڏيو آھي ته پاڪستان کي به اسان ساڳئي اگھه تي تيل ڏنو آهي جيڪو دنيا جي ٻين ملڪن کان وٺون ٿا. سستو تيل ڏيڻ واري ڳالهه غلط آھي. سو اھڙين معاشي ناڪامين جي ڪري ھاڻي ته لکين گھرن ۾ چلھه ٻارڻ به ناممڪن ٿي پيو آهي. پوليس جي ڇڙواڳي ۽ قانون جي ڀڃڪڙي ڪرڻ وارن سندن ڪمن عام ماڻهن جو جيئڻ ويتر ڏکيو ڪري ڇڏيو آھي. ڪورٽن مان به انصاف حاصل ڪرڻ لاءِ ٻن ٽن نسلن کي وڏي ڀوڳنا سان منهن ڏيڻو پوي ٿو. اسپتالن ۽ اسڪولن کان وٺي يونيورسٽين تائين درسگاهن جي پڙھائي سان گڏوگڏ مالي حالت به ڏاڍي خراب ٿي ويئي آهي جنھن ڪري وائيس چانسلر به دانھون پيا ڪن ته سنڌ جي 22 يونيورسٽين جي سالياني بجيٽ ۾ واڌارو ٿيڻ گهرجي.
    مون کي ته ايئن ٿو ڏسڻ ۾ اچي ته پاڪستان جو وچولو طبقو جيڪو ھاڻي بيروزگاريءَ جي لڳاتار وڌڻ سبب اڻھوند واري ھيٺئين طبقي جھڙو ٿي چڪو آهي سو انھن آڱرين تي ڳڻڻ جيترن اميرنم کان امير تر ٿيندڙ خاندانن خلاف دلين ۾ وڌي وڻ ٿيل نفرتن جو اظهار ڪرڻ لاءِ ڦاٽي پوندو ۽ عوام جو رت چوسيندڙ طبقاتي نظام خلاف پاڪستان ۾ باقاعدي ويڙهاند ٿي سگهي ٿي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button