بالي ووڊ اداڪارا جهانوي ڪپور ۽ اداڪار ورن ڌون جي ايندڙ فلم باوال جو پريميئر ايفل ٽاور تي ٿيندو، جنهن سان تاريخي ماڳ تي پيش ٿيندڙ بالي ووڊ جي پهرين فلم جو اعزاز پڻ ماڻي وٺندي. ميڊيا مطابق ايفل ٽاور جي پهرين ماڙ تي واقع آئيڪونڪ هنڌ کي فلم جي پريميئر لاءِ چونڊيو ويو آهي، جتان شهر جو حسين نظارو پڻ ٿي سگهي ٿو، پريميئر ۾ فلم جي ڪاسٽ ۽ فرانس جو سفير پڻ شريڪ ٿيندا. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تھ فلم باوال ٻي عالمي جنگ جي وچ ۾ محبت جي ڪهاڻي تي لکي وئي آهي، جنهن جو انتظار مداح وڏي بيچيني سان ڪري رهيا آهن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close