جيڪڏهن رڳو ڪالهوڪين اخبارن جو جائزو وٺجي ته ڪيتريون ئي خبرون بدامني، اغُوا ۽ ڦرن جون نظر اينديون. ان قسم جون خبرون رڳو اڄ ڪالهه ڪونه ڇپيون آهن پر هاڻ سنڌ ۾ اهي معمول بڻيل آهن، ڇاڪاڻ ته سنڌ جي جن شهرن ۽ علائقن ۾ اهڙا واقعا ٿين ٿا، اهي رپورٽ به ٿين ٿا. نتيجي ۾ هر ماڻهو تائين انهن خبرن جو پهچڻ لازمي آهي. ڪٿي برادرين جا جهيڙا آهن، ڪٿي زمين جا تڪرار آهن ته ڪٿي وري ڪارنهن الزام ۾ ماڻهن جون سسيون لاٿيون ٿيون وڃن، پر اهو سلسلو رڪجي نٿو. پر ڇا سنڌ جي قسمت ۾ رڳو ان قسم جا جهيڙا جهٽا لکيل آهن ۽ هتي امن امان جي صورتحال ڪڏهن به بهتر ڪونه ٿيندي. انهن سڀني خبرن جي جهان ۾ ڪالهه ٻه خبرون اهڙيون رپورٽ ٿيون آهن، جيڪي سنڌ جي امن امان واري صورتحال کي بيان ڪرڻ لاءِ ڪافي آهن.
رستم جي ڪچي واري علائقي ڳوٺ حبيب جتوئي ۾ پراڻي ڪارنهن جي تڪرار تان عطراڻي ۽ ڪمالاڻي جتوئين وچ ۾ جھيڙو ٿي پيو، جنهن تان ٻنهي ڌرين جي ماڻهن مورچابند ٿي هڪ ٻئي مٿان فائرنگ ڪري ڏني، فائرنگ جي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ سبب پيرسن عورت گل خاتون زال ڪريم خان عطراڻي موقعي تي مارجي وئي. واقعي جي اطلاع تي رستم پوليس پھچي لاش تحويل ۾ وٺي خانپور اسپتال پھچايو، جتان لاش پوسٽ مارٽم کانپوءِ وارثن حوالي ڪيو ويو. مقتولا جو لاش گھر پھچڻ تي ڪهرام مچي ويو. ٻئي طرف آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگھيو هو. هوڏانهن ڳوٺاڻن موجب عورت گھر اندر ھٿيار صاف ڪندي مبينا طور گھر ڌڻين کان مارجي وئي، جنهن کانپوءِ مخالف ڌر تي الزام ڏنو پيو وڃي. ياد رهي ته راڻي ۽ وحيد ڪمالاڻي کي ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪرڻ کانپو ٻنهي ڌرين جا 30 کان وڌيڪ مرد، عورتون ۽ ٻار قتل ٿي چڪا آهن. ٻئي پاسي تنگواڻي ويجهو ڊيرا سرڪي پوليس ٿاڻي جي حد ڳوٺ ماهي نندواڻي ۾ بنگلاڻي ۽ نندواڻي برادرين جي ٻن ڌرين ۾ زمين جي مالڪي تان جهيڙو ٿي پيو، جهيڙي دوران لٺيون لڳڻ سبب پورهيت محمد حسن نندواڻي ٿڏي تي قتل ٿي ويو. جڏهن ته 11 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا. زخمين کي پوليس ليٽر ڏئي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو. جڏهن ته ٽن زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ ڪري کين لاڙڪاڻي اسپتال منتقل ڪيو ويو. جڏهن ته آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي.
هي صورتحال سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن جي آهي، جتي ماڻهو نه رڳو خوف ۾ ساهه کڻن ٿا پر انهن جي حياتي سدائين خطري هيٺ گذري ٿي. ڪنهن مهل به ڪنهن جي گولي يا ڪهاڙي ماڻهو کي ماري سگهي ٿي. سنڌ حڪومت کي امن امان جي حوالي سان سنجيده ڪوششون ڪرڻ گهرجن. ڇاڪاڻ ته گذريل ڪيتري عرصي کان سنڌ جو امن امان ڪن بااثر ماڻهن جي ڪري ڦٽل آهي. جنهن کي بحال ڪرائڻ سنڌ حڪومت جي ذميواري آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته هر قيمت تي سنڌ جو امن امان بحال ڪرايو وڃي ته جيئن سنڌ جا ماڻهو سک جو ساهه کڻي سگهن ۽ هڪ سڪون واري زندگي پڻ گذاري سگهن.