لينن سامراج کي مفت خور يا زوال پذير قرار ڏنو پر ان معنيٰ ۾ نه، ته اهو پاڻ کي جديد ۽ موزون ٺاهڻ ۽ وڌائڻ جي صلاحيت کان محروم ڪري چڪو آهي (جيئن اولهه جا معاشيات دان دعويٰ ڪن ٿا ۽ اهڙي نموني لينن تي اها ڳالهه مڙهڻ جي ڪوشش ڪن ٿا جيڪا هن ڪڏهن به ناهي ڪئي) لينن جو مطلب هيءُ هو: جيئن جيئن سرمائيداري وڌندي آهي اها ان ڳالهه جي گهٽ کان گهٽ اهل ٿيندي ويندي آهي ته سماج جي مادي وسيلن ۽ پيداواري قوتن تي مڪمل ڪنٽرول رکي، ۽ ان کان به گهٽ ان ڳالهه جي اهليت رکندي آهي ته پنهنجي مفاد ۾ ان جو عقلي استعمال ڪري سگهي.
ڪيترن ئي مختلف ميدانن ۾ بورجوا نظام جي قطعي منطقي نوعيت ان وقت به بنهه پڌري هئي جڏهن سرمائيداري عروج ڏانهن پئي وئي. تڏهن به پوئين ڏهاڪي ۾ سموري انسانيت جي مفادن سان اجاريدار سرمائيدار جو ٽڪراءُ وڌي ويو. سامراج جي فطرت ۾ موجود سموري ڇڪتاڻ واضح ۽ گهري ٿي وئي. ان پنهنجي انسانيت دشمن جارحاراڻين سرگرمين ۾ شدت پيدا ڪري ڇڏي آهي.
سرمائيدار ملڪن ۾ شروع ٿيل بي مثال هٿيار ٺاهڻ جي ڊوڙ ان جو ثبوت آهي. سامراج انسانيت کي ٿرمونيوڪليائي جنگ جي ڀوائتي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي. اهو هن ڳالهه جو ذميوار آهي ته دنيا جا فوجي خرچ وڌي سالياڻو 350 کان 400 ارب ڊالر ٿي ويا آهن جيڪا آفريڪا، ڏکڻ ايشيا ۽ وچ اوڀر جي ملڪن جي مجموعي قومي پيداوار کان وڌيڪ رقم آهي. اهو ئي نه، هٿيار ٺاهڻ جي ڊوڙ جاري آهي، ۽ وڌ کان وڌ رقم، خام مال ۽ سائنس ۽ ٽيڪنالوجيءَ جي ڪاميابين کان پورهيت عوام کي محروم ڪندي پئي وڃي جڏهن ته ان جون بنيادي انساني گهرجون اڃا تائين پوريون نه پيون ٿين. ڇا جديد سرمائيداريءَ جي غيرمنطقي هئڻ جو ان کان وڌيڪ قائل ڪندڙ ثبوت ٿي سگهي ٿو؟
سرمائيداري ۽ ماحول وچ ۾ ٽڪراءُ هاڻي ڳڻتي جوڳي حد تائين وڌي ويو آهي. معاشي بحران، خام مال ۽ توانائيءَ جو بحران هڪ حقيقت بڻجي ويا آهن ۽ جيڪڏهن دنيا جي قدرتي وسيلن جي لوڀ تي ٻڌل استحصال جي روايتي سرمائيداراڻن طريقن کي روڪڻ لاءِ ڪي اثرائتا قدم نه کنيا ويا ته اهي ايندڙ نسلن لاءِ تباهي آڻي سگهن ٿا. اهو ظلم آهي ته جيئن جيئن انسانذات مالدار ۽ طاقتور ٿي رهي آهي ۽ ماحول کي ڪنٽرول ڪرڻ جي سندس صلاحيت وڌي رهي آهي تيئن تيئن ان جو پنهنجو وجود ڏينهون ڏينهن غيرمحفوظ ٿي رهيو آهي. اهو سرمائيداريءَ لاءِ تاريخ جو فيصلو آهي.
لينن پنهنجي ڪتاب “سامراجيت، سرمائيداريءَ جي آخري منزل” ۾ سامراجيت جي پنهنجي تجزئي کي هنن لفظن تي ختم ڪيو آهي ته سامراجيت “عبوري مرحلي مان گذرندڙ سرمائيداري آهي يا وڌيڪ وضاحت سان چيو وڃي ته موت جي ويجهو سرمائيداري آهي.”
اهڙي نموني دنيا جي پهرين سوشلسٽ رياست جي باني نتيجو ڪڍيو ته سامراجيت سوشلسٽ انقلاب جي چائنٺ آهي، ان جي هڪ سال کان ڪجهه وڌيڪ عرصي کان پوءِ روس ۾ فتحياب سوشلسٽ انقلاب وسيلي لينن جي اڳڪٿيءَ جي تصديق ٿي وئي. پوءِ وارن ڏهاڪن لينن جي ٻين خيالن جي، خاص ڪري ان اهم ترين نظرئي جي تصديق ڪئي جنهن تحت دنيا جي انقلابي ڪايا پلٽ کي ضروري ۽ اڻٽر قرار ڏنو ويو آهي.
اهو ئي سبب آهي جو اسان چئون ٿا ته لينن جي جينيئس سڄي انسانذات لاءِ هئي. اٽليءَ جي ڪميونسٽ پارٽيءَ جي تازي 50هين ڪانگريس کي خطاب ڪندي جنرل سيڪريٽري انريڪو برلنگر چيو: “آڪٽوبر انقلاب ۽ لينن جو ڪارنامو دنيا جي ڍانچي ۾ تبديليءَ جا اهم عنصر آهن جن هڪ دور کان ٻئي دور ۾ انسانيت جي داخل ٿيڻ جي شروعات ڪئي.” (پورو ٿيو)
(اڳُوڻي سوويت يونين ۾ 1979 ۾ ڇپيل)