شوبز

گهروارن کان اداڪاري جي اجازت لاءِ بک هڙتال ڪئي: شگفتا اعجاز

پاڪستان جي سينيئر ۽ مقبول ترين اداڪارا شگفتا اعجاز انڪشاف ڪيو آهي تھ اداڪاري ڪرڻ جو شوق ٿيو تھ والدين کي راضي ڪرڻ لاءِ مون بک هڙتال بھ ڪئي هئي، ڇاڪاڻ تھ ان وقت اداڪاري ۾ گهڻو پيسو نھ پئي مليو ۽ گهروارا راضي نھ هئا تھ مان اداڪارا بڻجان. خانگي ٽي وي جي شو ۾ شرڪت دوران ميزبان جي سوالن جا جواب ڏيندي هن ٻڌايو تھ ايئرهوسٽ جي نوڪري ڇڏي اداڪاري ڪئي، ان وقت هفتي ۾ 2100 رپيا معاوضي طور ملندا هئا. هڪ سوال جي جواب ۾ شگفتا اعجاز ٻڌايو تھ پي ٽي وي جي ڊرامي جانگلوس مون کي شهرت ڏني، پر ڊرامو آنچل مون پروڊيوس ڪيو، جنهن شهرت جي آسمان تي پهچايو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button