شوبز

عورت سرعام ڪوڙا الزام هڻي سگهي ٿي، ميشا جو اعتراف

پاڪستان جي مشهور ڳائڻي ميشا شفيع هتل عزت ڪيس ۾ تمام وڏو اعتراف ڪري ورتو آهي. ميڊيا مطابق لاهور جي مقامي عدالت ۾ علي ظفر جي هتڪ عزت ڪيس ۾ ميشا شفيع خلاف جرح مڪمل ڪئي وئي اهي، جنهن دوران علي ظفر جي وڪيل جي ميشا شفيع کان الزامن بابت سوال ڪيا، جنهن تي ميشا شفيع مڃيو تھ عورت سرعام ڪوڙا الزام هڻي سگهي ٿي. ميشيا شفيع جرح دوران سوالن جي جواب ۾ چيو تھ عورت عوام جي آڏو ڪوڙا الزام هڻي سگهي ٿي، ۽ اها ڪنهن جي بھ خلاف سنگين الزام پڻ لڳائي سگهي ٿي. علي ظفر جي وڪيل چيو تھ علي ظفر تي ڪوڙا الزام هنيا ويا، جنهن تي ميشا شفيع چيو تھ منهنجا الزام ڪوڙا نھ هئا، نھ مون پاڪستان ۾ مي ٽو مهم شروع ڪرڻ چاهي ٿي. بعد ۾ عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي. هوڏانهن ڪالهه ٿيل ٻڌڻي دوران علي ظفر جي وڪيل جي جرح دوران ميشا شفيع اهو پڻ اعتراف ڪيو تھ علي ظفر اڄ بھ ڪامياب راڳي آهي، جنهن تي علي ظفر جي وڪيل سوال ڪيو تھ ڇا مالي طور ڪمزور ڪرڻ خاطر جنسي الزام لڳايا، ميشا شفيع وراڻيو تھ پاڪستان جي پهرين عورت آهيان، جنهن جنسي هراسمينٽ خلاف آواز اٿاريو آهي. وڪيل پڇيو تھ اوهان ڄاڻو پيا تھ جنسي الزامن سان ڪم ملڻ بند ٿيندو آهي، جنهن تي ميشا وراڻيو تھ مون ائين نھ سوچيو هو. جرح مڪمل ٿيڻ تي جج ٻڌڻي 20 جولائي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button