شوبز

نواز الدين جي زال عاليا کي ذاتي زندگي تي ڳالهائڻ کان روڪيو ويو

بالي ووڊ جي ور اسٽائيل اداڪار نواز الدين جي زال عاليا کي ذاتي زندگي تي ڳالهائڻ کان روڪيو ويو آهي، اها روڪ ان مٿان ٻئي ڪنهن هنڌ نھ پر ريئلٽي شو بگ باس او ٽي ٽي سيزن 2 دوران ميزبان سلمان خان پاران لڳائي وئي آهي، جنهن عاليا صديقي کي ان وقت روڪيو، جڏهن اها ذاتي زندگي جي مسئلن تي گهر اندر ڳالهائڻ ۽ رڙيون ڪرڻ لڳي. عاليا صديقي بگ باس گهر ۾ بيبيڪا سان جهيڙي بعد چيو تھ منهنجي زندگي اسٽار زال طور رهي آهي، مون 19 سال ڏکيا گذاريا، رشتي ۾ احترام نھ رهي تھ ڪمزور ٿيندو آهي، تنهنڪري هاڻ تشدد ۾ نھ رهنديس، مون کي هن گهر مان ڪڍيو وڃي. جڏهن تھ سلمان خان عاليا صديقي کي ڇنڊ پٽي ۽ چيو تھ عاليا اسان کي اوهان جي ذاتي زندگي بابت ڄاڻڻ ۾ ڪابھ دلچسپي ناهي، جيڪڏهن اوهان سمجهو ٿيون تھ هتي اهي مسئلا ڳالهائي وٺندي تھ غور سان ٻڌو هن گهر ۾ انهن مسئلن تي نھ ڳالهائيندا. هن چيو تھ مڙس، سس، ننهن ۽ ٻين رشتن بابت اوهان جون ذاتي ڳالهيون آهن، اهي سڀ هتي ٻيهر نھ ٿيڻ گهرجن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button