ملڪ ۾ مهانگائي جي شرح 34 ڏهائي 5 سيڪڙو ٿي وئي ۽ 20 ضروري شين جا اگهه وڌيا آهن. ڳڻپ کاتي مهانگائي بابت هفتيوار انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن، جنهن موجب ملڪ ۾ مهانگائي جي شرح ۾ ٻڙي ڏهائي 33 سيڪڙو واڌ ٿي آهي ۽ سالياني بنيادن تي مهانگائي جي شرح 34 ڏهائي 5 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي. ڳڻپ کاتي جي انگن اکرن موجب هڪ هفتي دوران 20 ضروري شين جي اگهن ۾ واڌ ٿي، جڏهن ته 12 شين جا اگهه گهٽيا ۽ 19 شين جي اگهن ۾ استحڪام رهيو.
صورتحال بنهه چٽي آهي ته عوام لاءِ ڪي به آسانيون پيدا نه پيون ڪيون وڃن. مهانگائي ئي عوام جو وڏي ۾ وڏو مسئلو آهي، جيڪو ختم ٿيڻ جو نالو نه پيو وٺي. هيءَ حڪمران اقتدار ۾ اچڻ کان اڳ ته وڏا عوام دوست هئا، انهن کي عوام جا ڏک سور به ياد هئا. پر جيڏي مهانگائي هنن حڪمرانن جي دور ۾ ٿي آهي ايڏي ته گذريل حڪومتن ۾ به نه ٿي، هر شئي مهانگي ٿي وئي آهي، هي حڪومت عوام کي ذهني طور مفلوج ڪرڻ جي مڪمل تياري ڪري آئي آهي، ڇا ڇا مهانگو نه ڪيو اٿس، ڊالر مهانگو، بجلي مهانگي، گيس مهانگي، تيل مهانگو، ڀاڄيون مهانگيون، ڪپڙا لٽا سڀ ڪجهه مهانگو ٿي ويو آهي. مهانگائي ۾ مسلسل واڌ ٿي رهي آهي ۽ حڪمران اهڙو لب و لهجو اختيار ڪري ويٺا آهن ڄڻ اڄ به مخالف ڌر ۾ هجن. هاڻي حڪومت اوهان وٽ، معاشي پاليسيون اوهان وٽ، عوام کي رليف ڏيڻ جا سمورا موقعا اوهان وٽ، پوءِ به عوام جا اهنج گهٽجڻ بدران انهن ۾ بدترين واڌ ڇو اچي رهي آهي؟ عوام اڄ به سستي اٽي لپ لاءِ پريشان ڇو آهي؟ 15 هزار ڪمائيندڙ هڪ ماڻهو ان لاءِ پريشان ڇو آهي ته هو انهن ڏوڪڙن مان گذرسفر ڪيئن ڪري؟
يقينن اڳوڻيون حڪومتون خراب هيون، اهي خراب هيون تڏهن اوهان اقتدار ۾ آيا، هاڻي اوهان ڇو انهن کان به وڌيڪ خراب ثابت ٿي رهيا آهيو؟ اوهان ڇو عوام دشمنيءَ ۾ ماضيءَ جي سمورين حڪومتن جا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن؟ اوهان ڇو رهيل ڪسرون ڪڍڻ واري رستي تي هلي پيا آهيو؟ اوهان اقتدار ۾ آيا ئي ان ڪري آهيو جو عوام جي مصيبتن کي وڌائي سگهو. ۽ اوهان ان جي عين مطابق ڪري رهيا آهيو!
روزانو 6 سئو رپيا ڪمائيندڙ لاءِ زندگي گذارڻ وڏو مسئلو بڻجي ويو آهي. هو انهن 6 سئو رپين مان ڪيئن ٻارن جي اسڪولي فيس ادا ڪري، مهانگيون دوائون خريد ڪري، ڀاڄي وٺي، لٽا ڪپڙا وٺي، يوٽلٽي بلن جي ادائگي ڪري ته ڪيئن ڪري؟ جيڪڏهن ڏهاڙي 6 سئو رپيا ڪمائيندڙ اهو سڀ ڪجهه نه ٿو سهي سگهي ته پوءِ ان کان به گهٽ ڪمائيندڙ ڪيڏي اذيت کي منهن ڏيندو هوندو، ان جو اندازو ڪرڻ ڏکيو نه ٿو رهي. غريب ماڻهن جي زندگيءَ کي جيئري جهنم بڻايو ويو آهي. ڪٿان به ڪو آسرو ۽ اميد ناهي ته انهن جون مشڪلون آسان ٿينديون. تنهن هوندي به اسان حڪمرانن کي اهو ئي چونداسين ته اجايون دعوائون ڪرڻ بدران هاڻي عام ماڻهو جي بهتري لاءِ عملي قدم کنيا وڃن. عام ماڻهو کي رليف ڏنو وڃي.